Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

2.بادشاهَہ 8 - Sindhi Bible

1 هاڻي اليشع جنهن زال جي پٽ کي وري جيئرو ڪيو هو، تنهن کي چيائين تہ اُٿ، تون پنهنجي گهراڻي سميت وڃ ۽ جتي رهي سگهين اُتي وڃي رهہ: ڇالاءِ جو خداوند ڏڪار کي سڏيو آهي؛ ۽ اُهو هن زمين تي ست ورهيہ رهندو.

2 ۽ اُها زال اُٿي ۽ جيئن خدا جي مرد چيو هوس تيئن ڪيائين: ۽ هوءَ پنهنجي گهراڻي سان گڏ اُٿي هلي ۽ فلستين جي ملڪ ۾ ستن ورهين تائين وڃي رهي.

3 ۽ ستن ورهين کان پوءِ هيئن ٿيو تہ اُها زال فلستين جي ملڪ مان موٽي آئي: ۽ هوءَ پنهنجي گهر ۽ پنهنجي زمين لاءِ بادشاهہ وٽ فرياد ڪرڻ ويئي.

4 هاڻي بادشاهہ خدا جي مرد جي نوڪر جيحازيءَ سان پئي ڳالهايو، ۽ چيائينس تہ آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ جيڪي وڏا ڪم اليشع ڪيا آهن سي مون کي ٻڌاءِ.

5 ۽ هيئن ٿيو تہ جيئن هن بادشاهہ کي پئي ٻڌايو تہ ڪهڙيءَ طرح هن مردي کي وري جيئرو ڪيو هو، تيئن ڏس، اُها زال جنهن جو پٽ هن وري جيئرو ڪيو هو، سا بادشاهہ وٽ پنهنجي گهر ۽ پنهنجيءَ زمين لاءِ دانهن ڪرڻ لاءِ آئي. ۽ جيحازيءَ چيو تہ اي منهنجا ڌڻي بادشاهہ، اِجها اُها زال، ۽ اِجهو سندس پٽ، جنهن کي اليشع جيئرو ڪيو هو.

6 ۽ جڏهن بادشاهہ هن کان اُها ڳالهہ پڇي تڏهن هن اُها بيان ڪري ٻڌائي. تڏهن بادشاهہ هن کي هڪڙو عملدار مقرر ڪري ڏنو، ۽ اُنهيءَ کي چيائين تہ جيڪا بہ هن زال جي ملڪيت آهي، ۽ هن جي ٻنيءَ جي جيڪا اُپت آهي، سا سڀ، جنهن ڏينهن هيءَ ملڪ ڇڏي ويئي، تنهن ڏينهن کان وٺي اڄ تائين، هن کي موٽائي وٺي ڏي.

7 پوءِ اليشع دمشق ۾ آيو؛ ۽ ارام جو بادشاهہ بن هدد بيمار هو؛ انهيءَ کي وڃي ٻڌايائون تہ خدا جو مرد اتي آيو آهي.

8 ۽ بادشاهہ حزائيل کي چيو تہ تحفو پنهنجن هٿن ۾ کڻي وڃ، ۽ وڃي انهيءَ خدا جي مرد جو استقبال ڪر، ۽ سندس معرفت خداوند کان پڇا ڪر تہ آءٌ هن بيماريءَ مان ڇُٽندس يا نہ؟

9 تڏهن حزائيل هن جي استقبال لاءِ نڪري ويو، ۽ پاڻ سان دمشق جون سڀ عمديون شيون، چاليهن اُٺن جي بار جيتريون، تحفو ڪري کڻائي ويو، ۽ وڃي هن جي اڳيان بيٺو، ۽ چوڻ لڳو تہ تنهنجي پٽ ارام جي بادشاهہ بن هدد مون کي تو ڏانهن موڪليو آهي، ۽ پڇيو اٿس تہ آءٌ هن بيماريءَ کان ڇُٽندس يا نہ؟

10 ۽ اليشع هن کي چيو تہ وڃي چئينس تہ تون ضرور ڇُٽندين؛ انهيءَ هوندي بہ خداوند مون کي ڄاڻايو آهي تہ هو ضرور مرندو.

11 ۽ هو پنهنجون اکيون هن تي کپائي بيهي رهيو، جيسين ڪ هو شرمندو ٿيو: ۽ خدا جي مرد روئي ڏنو.

12 تڏهن حزائيل چيو تہ منهنجو ڌڻي ڇو ٿو روئي؟ ۽ هن ورندي ڏني تہ مون کي انهيءَ خرابيءَ جي خبر آهي جا تون بني اسرائيل کي پهچائيندين: هنن جا مضبوط ڪوٽ تون باهہ ڏيئي ساڙيندين، ۽ هنن جا جوان ماڻهو تون ترار سان قتل ڪندين، ۽ هنن جا ننڍڙا ٻار اُڇلائي پرزا پرزا ڪندين، ۽ هنن جي پيٽ وارين زالن جا پيٽ ڦاڙيندين.

13 ۽ حزائيل چيو تہ تنهنجو نوڪر، جو رڳو هڪڙو ڪتو آهي، سو ڪير آهي جو اهڙو وڏو ڪم ڪري سگهندو؟ ۽ اليشع ورندي ڏني تہ خداوند مون کي ڄاڻايو آهي تہ تون ارام جو بادشاهہ ٿيندين.

14 تڏهن هو اليشع وٽان هليو ويو، ۽ پنهنجي ڌڻيءَ وٽ آيو؛ جنهن پڇيس تہ اليشع توکي ڇا چيو؟ ۽ هن ورندي ڏني تہ هن مون کي چيو تہ تون ضرور ڇُٽي چڱو ڀلو ٿيندين.

15 ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو هيئن ٿيو تہ هن سوَڙ کڻي پاڻيءَ ۾ ڀِڄائي، ۽ اُها هن جي منهن تي پکيڙي وڌي، جنهن ڪري هو مري ويو: ۽ حزائيل هن جي جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.

16 ۽ يورام بن اخي آب، اسرائيل جي بادشاهہ جي پنجين ورهيہ ۾، جڏهن يهوسفط يهوداہ جو بادشاهہ هو، يهورام بن يهوسفط، يهوداہ جو بادشاهہ ٿيو.

17 جڏهن هن جي بادشاهي شروع ٿي تڏهن هو ٻٽيهن ورهين جو هو؛ ۽ هن اٺ ورهيہ يروشلم ۾ بادشاهي ڪئي.

18 ۽ هو اسرائيل جي بادشاهن جي رستي تي هليو، جيئن ڪ اخي آب جو گهراڻو هليو هو: ڇالاءِ جو اخي آب جي ڌيءَ هن جي زال هئي: ۽ هن اُهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا.

19 انهيءَ هوندي بہ خداوند يهوداہ کي چٽ نہ ڪيو، ڇالاءِ جو هن پنهنجي ٻانهي دائود سان انجام ڪيو هو تہ توکي هميشہ تنهنجي اولاد لاءِ هڪڙو ڏيئو پيو ڏيندس.

20 هن جي ڏينهن ۾ ادوم يهوداہ جي هيٺان باغي ٿي نڪتو، ۽ پنهنجي مٿان هڪڙو بادشاهہ مقرر ڪيائين.

21 تڏهن يهورام، لنگهي صعير ڏانهن ويو، ۽ سندس سڀ رٿ ساڻس هئا: ۽ هو رات جو اُٿيو ۽ جن ادومين هن کي گهيرو ڪيو هو، تن کي ۽ رٿن جي سردارن کي شڪست ڏنائين: ۽ ماڻهو پنهنجن تنبن ڏانهن اُٿي ڀڳا.

22 انهيءَ طرح ادوم اڄ ڏينهن تائين يهوداہ جي هٿ هيٺان باغي ٿي نڪتل رهيو آهي. تنهن کان پوءِ لبناہ بہ انهيءَ وقت باغي ٿيو.

23 ۽ يورام جا باقي ڪم ۽ ٻيو جيڪي هن ڪيو، سو يهوداہ جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهي ڇا؟

24 ۽ يورام پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو، ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن سان گڏ دائود جي شهر ۾ دفن ٿيو: ۽ سندس پٽ اخزياہ سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.

25 اسرائيل جي بادشاهہ يورام بن اخي آب جي ٻارهين ورهيہ ۾، اخزياہ بن يهورام يهوداہ جو بادشاهہ ٿي بادشاهي ڪرڻ لڳو.

26 جڏهن هو بادشاهي ڪرڻ لڳو تڏهن ٻاويهن ورهين جو هو؛ ۽ هن هڪڙو سال يروشلم ۾ بادشاهي ڪئي. ۽ هن جي ماءُ جو نالو عتلياہ هو، جا اسرائيل جي بادشاهہ عمريءَ جي ڌيءَ هئي.

27 ۽ هو اخي آب جي گهراڻي جي رستي تي هليو، ۽ اُهي ڪم ڪيائين جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا؛ جيئن ڪ اخي آب جي گهراڻي جا هئا؛ ڇالاءِ جو هو اخي آب جي گهراڻي جو ناٺي هو.

28 ۽ يورام بن اخي آب سان گڏجي ارام جي بادشاهہ حزائيل سان جنگ ڪرڻ لاءِ رامات جلعاد ڏانهن ويو: ۽ ارامين يورام کي زخمي ڪري وڌو.

29 ۽ بادشاهہ يورام کي جيڪي زخم رامہ ۾ ارامين جي هٿان رسيا هئا، جڏهن هن حزائيل ارامين جي بادشاهہ سان جنگ ڪئي هئي، تن جي ڇُٽائڻ لاءِ هو موٽي يزرعيل ۾ آيو. ۽ يهوداہ جو بادشاهہ اخزياہ بن يهورام، يورام بن اخي آب کي يزرعيل ۾ ڏسڻ ويو، جو هو بيمار هو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ