Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

2.بادشاهَہ 6 - Sindhi Bible

1 ۽ نبين جي پٽن اليشع کي چيو تہ هاڻي ڏس جنهن جاءِ تي اسين تنهنجي اڳيان رهون ٿا، سا اسان جي لاءِ تمام سوڙهي آهي.

2 اسين منٿ ٿا ڪريون، تہ اسان کي ڇڏ تہ اسين يردن ڏي وڃون ۽ اُتان هرڪو هڪڙي ڪام کڻي، ۽ پوءِ اُتي اسين پنهنجي رهڻ لاءِ هڪڙي جاءِ جوڙيون. تڏهن هن ورندي ڏيئي چيو تہ ڀلي وڃو.

3 ۽ هڪڙي چيو تہ آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ راضي ٿي پنهنجن ٻانهن سان هل. تڏهن هن ورندي ڏيئي چيو تہ آءٌ هلان ٿو.

4 پوءِ هو اُنهن سان گڏجي هليو. ۽ جڏهن هو يردن وٽ آيا، تڏهن ڪاٺ وڍڻ لڳا.

5 پر اڃا هڪڙي ڪاٺ پئي وڍيو تہ هن جي ڪهاڙيءَ جو ڦر پاڻيءَ ۾ ڪِري پيو: ۽ هن رڙ ڪري چيو تہ افسوس، اي منهنجا ڌڻي: هي اُڌارو آندل هو.

6 ۽ خدا جي مرد چيو تہ اهو ڪٿي ڪِريو؟ ۽ هن اُها جاءِ ڏيکاريس. تڏهن هن هڪڙي ڪاٺي وڍي انهيءَ هنڌ اُڇلائي تہ لوهہ نڪري ترڻ لڳو.

7 ۽ هن چيو تہ اهو پنهنجو کڻ. ۽ هن هٿ ڊگهو ڪري اُهو کڻي ورتو.

8 هاڻي ارام جي بادشاهہ اسرائيل سان جنگ ڪئي؛ اُنهيءَ پنهنجن نوڪرن سان صلاح مصلحت ڪئي، ۽ چيائين تہ هِن ڪ هُن هنڌ منهنجي منزل ٿيڻ گهرجي.

9 ۽ خدا جي مرد اسرائيل جي بادشاهہ کي چوائي موڪليو تہ خبردار ٿج، متان فلاڻي هنڌ کان لنگهين؛ ڇالاءِ جو ارامي اُتي ڪاهي ٿا اچن.

10 ۽ اسرائيل جي بادشاهہ، جنهن جاءِ بابت خدا جي مرد چيو هوس، ۽ خبردار ڪيو هئائينس، اوڏانهن ماڻهو موڪليا ۽ اُتي اُنهيءَ پاڻ کي نہ هڪڙو ڀيرو، پر گهڻيئي ڀيرا بچايو.

11 انهيءَ ڳالهہ ڪري ارام جو بادشاهہ ڏاڍيءَ ڳڻتيءَ ۾ پيو؛ ۽ هن پنهنجن نوڪرن کي سڏي چيو تہ اوهين مون کي ڪين ٻڌائيندا ڇا تہ اسان مان ڪهڙو اسرائيل جي بادشاهہ جي طرف آهي؟

12 ۽ سندس نوڪرن مان هڪڙي چيو تہ اي منهنجا ڌڻي بادشاهہ ائين نہ آهي: بلڪ اليشع نبي، جو اسرائيل ۾ آهي، سو اسرائيل جي بادشاهہ کي اُهي ڳالهيون ٻڌائي ٿو جي تون پنهنجي سمهڻ واريءَ ڪوٺيءَ ۾ ٿو ڪرين.

13 تڏهن هن چيو تہ وڃي ڏسو تہ هو ڪٿي آهي تہ آءٌ هن کي گهُرائي وٺان. ۽ هنن ٻڌايس تہ ڏس، هو دوتين ۾ آهي.

14 تنهنڪري هن اُتي گهوڙا، ۽ رٿ، ۽ هڪڙو وڏو لشڪر ڏياري موڪليو: ۽ انهن رات جو اچي شهر کي گهيرو ڪيو.

15 ۽ جڏهن اُنهيءَ خدا جي مرد جو نوڪر سوير اُٿي ٻاهر نڪتو، تڏهن ڏسي تہ هڪڙو لشڪر گهوڙن ۽ رٿن سميت شهر کي وڪوڙيو بيٺو آهي. ۽ هن جي نوڪر کيس چيو تہ اي منهنجا ڌڻي، هاءِ، هاڻي اسين ڪيئن ڪنداسين؟

16 ۽ هن ورندي ڏني تہ ڊپ نہ ڪر: ڇالاءِ جو جيڪي اسان سان آهن سي اُنهن کان وڌيڪ آهن، جي هنن سان آهن.

17 ۽ اليشع دعا گهُري ۽ چيو تہ اي خداوند، آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ تون هن جون اکيون کول تہ هو ڏسي. ۽ خداوند انهيءَ جوان ماڻهوءَ جون اکيون کوليون ۽ هن ڏٺو: ۽ ڏس، اُهو جبل اليشع جي چوڌاري گهوڙن ۽ باهہ جي رٿن سان ڀريل هو.

18 ۽ جڏهن اُهي لهي وٽس آيا، تڏهن اليشع خداوند کي سوال ڪري چيو تہ آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ هنن ماڻهن کي انڌو ڪري ڇڏ. ۽ هن اليشع جي چوڻ موجب اُنهن کي انڌو ڪري ڇڏيو.

19 ۽ اليشع اُنهن کي چيو تہ هي اُهو رستو نہ آهي، نڪي هي اُهو شهر آهي: منهنجي پٺيان اچو تہ آءٌ اوهان کي اُنهيءَ ماڻهو وٽ وٺي هلان جنهن کي اوهين ڳوليو ٿا. پوءِ هو اُنهن کي سامريہ ڏي وٺي ويو.

20 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هو سامريہ ۾ آيا تڏهن اليشع چيو تہ اي خداوند، هنن ماڻهن جون اکيون پٽ تہ هي ڏسن. ۽ خداوند اُنهن جون اکيون پٽيون ۽ اُنهن ڏٺو، ۽ ڏس، هو سامريہ جي وچ ۾ هئا.

21 ۽ اسرائيل جي بادشاهہ اُنهن کي ڏسي اليشع کي چيو تہ اي منهنجا ابا، هنن کي ماري وٺان؟ هنن کي ماري وٺان؟

22 ۽ هن ورندي ڏني تہ تون هنن کي نہ ماريندين: تون جيڪر انهن کي مارين ڪيئن جن کي تو پنهنجي ترار سان ۽ پنهنجي ڪمان سان قيد ڪيو آهي؟ هنن جي اڳيان ماني ۽ پاڻي رک تہ کائين ۽ پيئن، ۽ پوءِ پنهنجي ڌڻيءَ وٽ وڃن.

23 ۽ هن اُنهن جي لاءِ گهڻو کاڌو تيار ڪرايو: ۽ جڏهن هنن کائي پي ڍءُ ڪيو، تڏهن اُنهن کي موڪل ڏنائين، ۽ هو پنهنجي ڌڻيءَ ڏانهن هليا ويا. ۽ ارام جون ٽوليون وري ڪڏهن بہ اسرائيل جي ملڪ ۾ نہ آيون.

24 ۽ انهيءَ کان پوءِ هيئن ٿيو تہ ارام جي بادشاهہ بن هدد پنهنجو سارو لشڪر گڏ ڪيو ۽ چڙهي وڃي سامريہ تي گهيرو ڪيائين.

25 ۽ سامريہ ۾ ڏاڍو ڏڪار اچي پيو: ۽ ڏس، هنن شهر کي ايستائين گهيرو ڪيو جيستائين ڪ هڪڙي گڏهہ جي سسي چانديءَ جي اسي شيڪلن تي وڪامڻ لڳي، ۽ ڪبوترن جون وٺيون، هڪڙي ماڻ جي چوٿينءَ پتيءَ جيتريون، چانديءَ جي پنجن شيڪلن تي وڪاڻيون.

26 ۽ جڏهن اسرائيل جو بادشاهہ ڀت تان لنگهيو ٿي ويو تڏهن هڪڙيءَ زال هن کي سڏي چيو تہ اي منهنجا ڌڻي بادشاهہ، واهر ڪر.

27 ۽ هن چيو تہ جيڪڏهن خداوند تنهنجي واهر نہ ڪندو تہ آءٌ توکي ڪٿان واهر ڪري سگهندس؟ ڇا اَن ڳاهڻ واري پڙ مان يا انگور جي چيچڙي مان ڪندس؟

28 ۽ بادشاهہ اُنهيءَ زال کي چيو تہ توکي ڪهڙو اهنج آهي؟ تڏهن هن ورندي ڏني تہ هن زال مون چيو تہ تون مون کي پنهنجو پٽ ڏي تہ اسين اڄ اُنهيءَ کي کائون، ۽ منهنجو پٽ، سو وري اسين سڀاڻي کائينديونسين.

29 انهيءَ طرح منهنجو پٽ اسان رڌي کاڌو: ۽ ٻئي ڏينهن مون هن کي چيو تہ هاڻي پنهنجو پٽ ڏي تہ اُهو کائون: پر هن پنهنجو پٽ لڪائي ڇڏيو آهي.

30 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن بادشاهہ اُنهيءَ زال جون اهي ڳالهيون ٻڌيون تڏهن هو پنهنجا ڪپڙا ڦاڙڻ لڳو؛ (هاڻي هو ڀت جي مٿان لنگهيو ٿي ويو) ۽ ماڻهن نهاري ڏٺو تہ هن کي اندران بت تي کٿو پيل هو.

31 تڏهن هن چيو تہ جيڪڏهن اڄوڪي ڏينهن اليشع بن سافط جي سسي سندس ڌڙ تي بيٺي تہ خدا شل مون سان ائين ڪري، بلڪ انهيءَ کان بہ وڌيڪ.

32 پر اليشع پنهنجي گهر ويٺو هو ۽ ساڻس گڏ بزرگ ويٺا هئا؛ ۽ بادشاهہ هڪڙو ماڻهو پنهنجي اڳيان موڪليو: پر انهيءَ کان پهرين قاصد وٽس آيو، هن انهن بزرگن کي چيو تہ ڏسو، ڪيئن نہ هن خونيءَ جي پٽ منهنجي سسي لاهڻ لاءِ ماڻهو موڪليو آهي؟ ڏسو جڏهن اهو قاصد اچي تڏهن در پوري ڇڏجو، ۽ در تان ڌڪي ڪڍجوس: هن جي ڌڻيءَ جي پيرن جو دٻڪو هن جي پٺيان نٿو اچي ڇا؟

33 ۽ اڃا هن اُنهن سان پئي ڳالهايو تہ اُهو قاصد وٽس آيو: ۽ اچي چيائينس تہ ڏس، هيءَ خرابي خداوند جي طرفان آيل آهي: ڇالاءِ آءٌ هن کان وڌيڪ خداوند جو منتظر رهان؟

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ