Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

2.بادشاهَہ 4 - Sindhi Bible

1 هاڻي نبين جي پٽن جي زالن مان ڪنهن هڪڙيءَ زال اليشع کي چيو تہ تنهنجو ٻانهو منهنجو مڙس مري ويو آهي: ۽ توکي خبر آهي تہ تنهنجو ٻانهو خدا ترس ماڻهو هو: ۽ قرض خواہ آيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ منهنجا ٻہ پٽ پنهنجا غلام ڪري.

2 ۽ اليشع انهيءَ کي چيو تہ آءٌ تنهنجي لاءِ ڇا ڪريان؟ مون کي ٻڌاءِ؛ تو وٽ گهر ۾ ڇا آهي؟ ۽ هن چيو تہ تنهنجي ٻانهيءَ وٽ گهر ۾ تيل جي ٿانوَ کانسواءِ ٻيو ڪي بہ ڪينهي.

3 تڏهن هن چيو تہ وڃ، پنهنجن سڀني پاڙيسرين کان وڃي ٿانوَ اُڌارا وٺ، پوءِ ڀلي تہ اُهي خالي ٿانوَ هجن؛ ٿورا نہ وٺجانءِ.

4 پوءِ تون اندر وڃي پاڻ کي ۽ پنهنجن پٽن کي در بند ڪري پوري ڇڏجانءِ، ۽ اُنهن سڀني ٿانوَن کي ڀري ڇڏجانءِ؛ ۽ جيڪو ڀرين سو پاسي تي رکندي وڃجانءِ.

5 تڏهن هوءَ اُنهيءَ وٽان ويئي، ۽ پاڻ کي ۽ پنهنجن پٽن کي در پوري بند ڪيائين؛ هنن ٿانوَ وٽس آندا ۽ هوءَ ڀرڻ لڳي.

6 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن ٿانوَ ڀرجي ويا تڏهن هن پنهنجي پٽ کي چيو تہ اڃا بہ ٻيو هڪڙو ٿانو مون کي آڻي ڏي. ۽ هن چيس تہ ٻيو وڌيڪ ٿانو ڪونهي. تڏهن تيل پورو ٿي ويو.

7 تنهن کان پوءِ هن اچي اُنهيءَ خدا جي مرد کي ٻڌايو. ۽ هن چيس تہ وڃي تيل وڪڻي قرض ادا ڪر، ۽ باقي جيڪي بچي تنهن تي تون ۽ تنهنجا پٽ گذران ڪجو.

8 ۽ هڪڙي ڏينهن هيئن ٿيو تہ اليشع لنگهي شونيم ڏي ويو، جتي هڪڙي امير زال رهندي هئي؛ ۽ هن زور ڪيس تہ ماني کاءُ. ۽ ائين ئي ٿيو، تہ جڏهن ڪڏهن هو اُتان لنگهندو هو تڏهن ڦري اچي اُتي ماني کائيندو هو.

9 ۽ انهيءَ زال پنهنجي مڙس کي چيو تہ هاڻي ڏس، آءٌ پروڙيان ٿي تہ هي ڪو خدا جو پاڪ ٻانهو آهي جو هميشہ اسان وٽان لنگهندو آهي.

10 آءٌ عرض ٿي ڪريان تہ اچ تہ ڀِت تي هڪڙي ننڍي ڪوٺي جوڙيون، ۽ اُتي هن جي لاءِ هڪڙو هنڌ، ۽ ميز، ۽ ڪرسي، ۽ شمعدان رکون: ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن هو اسان وٽ اچي، تڏهن انهيءَ جاءِ ۾ اچي رهي.

11 ۽ هڪڙي ڏينهن ائين ٿيو تہ هو اُتي آيو، ۽ اُنهيءَ ڪوٺيءَ ۾ لنگهي اچي سُتو.

12 ۽ هن پنهنجي نوڪر جيحازيءَ کي چيو تہ انهيءَ شونيميءَ کي سڏي اچ. ۽ جڏهن هو اُنهيءَ زال کي سڏي آيو، تڏهن هوءَ اچي سندس اڳيان بيٺي.

13 ۽ هن پنهنجي نوڪر کي چيو تہ هاڻي هن کي چئُہ تہ ڏس، تو اسان جي ڏاڍي سنڀال لڌي آهي؛ تنهنجي لاءِ ڇا ڪجي؟ تنهنجي مرضي آهي ڇا تہ بادشاهہ کي، يا لشڪر جي سردار کي تنهنجي سفارش ڪجي؟ ۽ هن ورندي ڏني تہ آءٌ پنهنجيءَ قوم ۾ ٿي رهان.

14 ۽ هن چيو تہ تڏهن هن زال جي لاءِ ڇا ڪجي؟ ۽ جيحازيءَ ورندي ڏني تہ يقيناً هن کي پٽ ڪونهي ۽ هن جو مڙس ڪراڙو آهي.

15 ۽ هن چيو تہ سڏينس. ۽ جڏهن هن سڏيس تڏهن هوءَ در وٽ ٿي بيٺي.

16 ۽ هن چيو تہ وري جڏهن هيءَ ساڳي موسم ايندي تڏهن پٽ تنهنجي گود ۾ هوندو. تڏهن هن چيس تہ نہ منهنجا سائين، تون خدا جو مرد آهين، پنهنجي ٻانهيءَ سان ڪوڙ نہ ڳالهاءِ.

17 پوءِ اُها زال پيٽ سان ٿي ۽ وقت پوري ٿيڻ تي، اُنهيءَ ساڳيءَ موسم ۾، هن کي پٽ ڄائو، جيئن ڪ اليشع چيو هو.

18 ۽ جڏهن اُهو ٻار وڏو ٿيو تڏهن هڪڙي ڏينهن هيئن ٿيو تہ هو پنهنجي پيءُ ڏانهن ٻني لڻڻ وارن وٽ ويو.

19 ۽ هن پنهنجي پيءُ کي چيو تہ منهنجو مٿو، منهنجو مٿو. ۽ هن پنهنجي نوڪر کي چيو تہ هن کي سندس ماءُ وٽ کڻي وڃ.

20 ۽ جڏهن هو اُنهيءَ کي وٺي ويو، ۽ ماڻس وٽ آندائينس تڏهن هو ٻنپهرن تائين ماءُ جي گود ۾ ويٺو هو ۽ پوءِ مري ويو.

21 ۽ هن وڃي هن کي اُنهيءَ خدا جي مرد جي هنڌ تي سمهاريو، ۽ پوءِ در بند ڪري ٻاهر نڪري هلي ويئي.

22 پوءِ پنهنجي مڙس کي سڏي چيائين تہ مهرباني ڪري پنهنجو هڪڙو نوڪر، ۽ هڪڙو گڏهہ مون وٽ موڪل تہ آءٌ هن خدا جي مرد ڏي ڊوڙي وڃان ۽ موٽي اچان.

23 ۽ هن چيو تہ اڄ ڇو ٿي اُنهيءَ وٽ وڃڻ گهرين؟ اڄ نڪو نئون چنڊ آهي، نڪو سبت آهي. ۽ هن چيو تہ چڱائي ٿيندي.

24 تنهن کان پوءِ هن هڪڙي گڏهہ تي هنو وڌو ۽ پنهنجي نوڪر کي چيائين تہ هڪلي هل؛ منهنجي چوڻ کانسواءِ رفتار ۾ ڍِل نہ ڪر.

25 پوءِ هوءَ رواني ٿي، ۽ ڪرمل جبل تي اُنهيءَ خدا جي مرد وٽ آئي، ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اُنهيءَ خدا جي مرد هن کي پري کان ايندو ڏٺو، تڏهن پنهنجي نوڪر جيحازيءَ کي چيائين تہ ڏس، هوءَ شونيمي پيئي اچي:

26 ڀلائي ڪري ڊوڙي وڃي گڏجينس ۽ چئينس تہ تون خوش چڱي ڀلي تہ آهين؟ تنهنجو مڙس تہ چڱو ڀلو آهي؟ تنهنجو پٽ تہ چڱو ڀلو آهي؟ ۽ هن ورندي ڏني تہ خير آهي.

27 ۽ جڏهن هو انهيءَ ٽڪر تي خدا جي مرد وٽ آئي، تڏهن انهيءَ جي پيرن کي وڃي جهليائين. ۽ جيحازيءَ هن کي ڌڪي پري ڪرڻ لاءِ ويجهو آيو؛ پر اُنهيءَ خدا جي مرد چيس تہ هن کي ڇڏي ڏي: ڇالاءِ جو هن جي دل پريشان آهي؛ ۽ خداوند اها ڳالهہ مون کان لڪائي آهي، ۽ مون کي نہ ٻڌائي اٿس.

28 تڏهن زال چيو تہ مون پنهنجي ڌڻيءَ کان پٽ گهريو هو ڇا؟ مون ائين ڪين چيو هو ڇا تہ مون سان ٺڳي نہ ڪر؟

29 تنهن تي هن جيحازيءَ کي چيو تہ پنهنجي ڪمر ٻڌ، ۽ منهنجي لٺ پنهنجي هٿ ۾ کڻ، ۽ پنهنجو رستو وٺي وڃ: جيڪڏهن توکي ڪو ماڻهو گڏجي تہ اُنهيءَ کي سلام نہ ڪج؛ ۽ جيڪو توکي سلام ڪري تہ اُنهيءَ کي سلام جو جواب نہ ڏج: ۽ منهنجي لٺ ٻار جي منهن تي کڻي رکج.

30 پر ٻار جي ماءُ چوڻ لڳي تہ خداوند جيئري جو قسم آهي، ۽ تنهنجي جان جو قسم آهي تہ آءٌ توکي نہ ڇڏينديس. ۽ هو اُٿي انهيءَ زال جي پٺيان لڳو.

31 ۽ جيحازي هنن جي اڳيان لنگهي ويو، ۽ وڃي ٻار جي منهن تي اُها لٺ رکيائين؛ پر نہ هن ڳالهايو ۽ نہ ٻڌو. تنهنڪري هو اُنهيءَ جي گڏجڻ لاءِ پٺتي موٽيو، ۽ اچي چيائينس تہ ٻار نٿو جاڳي.

32 ۽ جڏهن اليشع گهر ۾ آيو تڏهن ڏس، ٻار مئو پيو هو، ۽ هنڌ تي ليٽيل هو.

33 تنهنڪري هو اندر وڃي اُنهن ٻنهي تي در بند ڪري خداوند کان دعا گهرڻ لڳو.

34 پوءِ هو وڃي اُنهيءَ ٻار جي مٿان سُتو، ۽ هن جي وات تي وات رکيائين، ۽ هن جي اکين تي اکيون رکيائين، ۽ هن جي هٿن تي هٿ رکيائين: ۽ پاڻ انهيءَ جي مٿان سنئون ٿي سمهي پيو؛ ۽ ٻار جو بت گرم ٿيڻ لڳو.

35 تڏهن هو موٽي آيو، ۽ گهر ۾ هڪ دفعو پسار ڪري، وري اچي هن تي سنئون ٿي سُتو: تڏهن ٻار ست ڀيرا نڇون ڏنيون ۽ اکيون کوليائين.

36 ۽ هن جيحازيءَ کي سڏي چيو تہ انهيءَ شونيميءَ کي سڏ ڪر. تنهن تي هن اُنهيءَ کي سڏ ڪيو. ۽ جڏهن هوءَ وٽس آئي، تڏهن چيائينس تہ پنهنجو پٽ کڻ.

37 تڏهن هوءَ اندر وڃي هن جي پيرن تي ڪِري پيئي، ۽ زمين تائين جهڪي؛ پوءِ پنهنجو پٽ کڻي ٻاهر نڪري آئي.

38 اليشع وري جلجال ۾ آيو: ۽ اُنهيءَ ملڪ ۾ ڏڪار هو؛ ۽ نبين جا پٽ سندس اڳيان اچي ويٺا: ۽ هن پنهنجي نوڪر کي چيو تہ وڏو ديڳڙو کڻي چاڙهہ ۽ نبين جي پٽن لاءِ ڀَت رڌي وٺ.

39 ۽ هڪڙو ماڻهو ٻنيءَ ڏانهن ڀاڄين گڏ ڪرڻ لاءِ نڪري ويو، ۽ وڃي هڪڙي جهنگلي ول لڌائين ۽ اُنهيءَ مان جهنگلي پَن پٽي جهولي ڀري آيو، ۽ اچي اُنهن کي وڍي ٽڪر ٽڪر ڪري ڀَت جي ديڳڙي ۾ وڌائين: ڇالاءِ جو هنن اُنهن کي نہ ٿي سڃاتو.

40 پوءِ هنن اُهو ورهائي اُنهن ماڻهن کي کائڻ لاءِ ڏنو. ۽ هيئن ٿيو تہ جيئن اُهي ڀَت کائڻ تي ويٺا، تيئن دانهن ڪري چوڻ لڳا تہ اي خدا جا مرد، هن ديڳڙي ۾ تہ موت آهي. پوءِ هو انهيءَ مان کائي نہ سگهيا.

41 پر هن چيو تہ تنهنڪري اٽو کڻي اچو. ۽ اُهو هن ديڳڙي ۾ اُڇلائي وڌو؛ ۽ چوڻ لڳو تہ هاڻ ورهائي ماڻهن کي ڏي تہ هو کائين. ۽ پوءِ ديڳڙي ۾ بہ ڪا خرابي ڪانہ هئي.

42 ۽ بعل سليسہ مان هڪڙو ماڻهو اُتي آيو، ۽ اُنهيءَ خدا جي مرد لاءِ پهرئين فصل جي ماني آندي، يعني جَوَن جون ويهہ مانيون، ۽ تازا اَن جا سنگ، پنهنجي ڳوٿريءَ ۾ آندائين. ۽ هن چيو تہ اهي بہ هنن ماڻهن کي ڏي تہ کائين.

43 ۽ هن جي نوڪر چيو تہ ڇا، هي آءٌ هڪ سؤ ماڻهن جي اڳيان رکان ڇا؟ پر هن چيو تہ ماڻهن کي ڏي تہ کائين؛ ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ هو اهو کائيندا ۽ بچائي بہ ڇڏيندا.

44 تڏهن هن اُهو اُنهن جي اڳيان رکيو، ۽ هنن اُهو کاڌو ۽ بچائي بہ ڇڏيائون، جيئن خداوند فرمايو هو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ