Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

2.بادشاهَہ 24 - Sindhi Bible

1 هن جي ڏينهن ۾ بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر چڙهي آيو، ۽ يهويقيم ٽي ورهيہ هن جو ٻانهو ٿيو: تنهن کانپوءِ هن ڦري هن جي برخلاف فساد ڪيو.

2 ۽ خداوند ڪسدين جون، ۽ ارامين، ۽ موآبين، ۽ بني عمون جون ٽوليون يهوداہ تي موڪليون، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جو ڪلام، جو هن پنهنجن ٻانهن نبين جي معرفت فرمايو هو. تنهن موجب انهيءَ کي چٽ ڪري.

3 يقين آهي تہ خداوند جي ئي حڪم تي اهي يهوداہ تي آيون، انهيءَ لاءِ تہ انهن کي، جيڪي گناهہ منسي ڪيا هئا، تن سڀني موجب، پنهنجي نظر کان ٽاري پاسي ڪري؛

4 ۽ انهيءَ بي گناهہ رت جي ڪري، جو هن وهايو هو؛ ڇالاءِ جو هن يروشلم کي بي گناهہ رت سان ڀري ڇڏيو هو: ۽ خداوند معافي ڏيڻ نٿي گهري.

5 هاڻي يهويقيم جا باقي ٻيا ڪم ۽ ٻيو جيڪي بہ هن ڪيو، سو يهوداہ جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهي ڇا؟

6 ۽ يهويقيم پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو ۽ سندس پٽ يهوياڪين سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.

7 ۽ مصر جو بادشاهہ وري پنهنجي ملڪ کان ٻاهر نہ نڪتو: ڇالاءِ جو بابل جي بادشاهہ مصر جي نهر کان وٺي فرات نديءَ تائين مصر جي بادشاهہ جو جيڪو ملڪ هو، سو سڀ هٿ ڪيو هو.

8 جڏهن يهوياڪين بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن هو ارڙهن ورهين جو هو؛ ۽ هن يروشلم ۾ ٽي مهينا بادشاهي ڪئي: ۽ هن جي ماءُ جو نالو نحشتا هو ۽ اُها الناتن جي ڌيءَ هئي، جو يروشلم جو رهاڪو هو.

9 ۽ هن اُهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا، جهڙاڪ سندس پيءُ ڪيا هئا.

10 انهيءَ وقت بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر يروشلم ۾ آيو ۽ شهر کي گهيرو ڪيائين.

11 ۽ بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر پاڻ بہ پنهنجن نوڪرن جي گهيري ڪندي شهر وٽ اچي نڪتو؛

12 ۽ يهوداہ جو بادشاهہ يهوياڪين پنهنجيءَ ماءُ، ۽ پنهنجن نوڪرن، ۽ پنهنجن شهزادن، ۽ پنهنجن عملدارن سوڌو نڪري بابل جي بادشاهہ ڏانهن ويو: ۽ بابل جي بادشاهہ هن کي سندس بادشاهي جي اٺين ورهيہ ۾ گرفتار ڪيو.

13 ۽ هن اُتان خداوند جي گهر جا سڀ خزانا ۽ بادشاهہ جي گهر جا سڀ خزانا ڪڍائي ٻاهر ڪيا، ۽ جيڪي سونا باسڻ اسرائيل جي بادشاهہ سليمان خداوند جي هيڪل ۾ جوڙايا هئا، سي وڍائي پرزا پرزا ڪيا، جيئن ڪ خداوند فرمايو هو.

14 ۽ هو ساري يروشلم کي، ۽ سڀني شهزادن کي، ۽ سڀني همت وارن پهلوانن کي، جي ڏهہ هزار قيدي هئا، ۽ سڀني ڪاريگرن ۽ هنر وارن ماڻهن کي وٺي ويو؛ ملڪ جي تمام غريب ماڻهن کان سواءِ ٻيو ڪوبہ باقي ڪونہ رهيو.

15 ۽ هو، يهوياڪين کي، ۽ بادشاهہ جي ماءُ، ۽ بادشاهہ جي زالن کي، ۽ سندس عملدارن، ۽ ملڪ جي مکيہ ماڻهن کي قيد ڪري يروشلم مان بابل ڏانهن وٺي ويو.

16 ۽ سڀني بهادر مردن کي بہ، جي ست هزار هئا، ۽ هنر وارن ۽ ڪاريگرن کي بہ، جي هڪ هزار هئا، ۽ سڀ جي همت ڀريا ۽ جنگ جا لائق هئا، تن کي بہ بابل جو بادشاهہ قيد ڪري بابل وٺي ويو.

17 ۽ بابل جي بادشاهہ هن جي چاچي متنياہ کي هن جي جاءِ تي بادشاهہ ڪيو، ۽ انهيءَ جو نالو مٽائي صدقياہ رکيائين.

18 جڏهن صدقياہ بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن هو ايڪيهن ورهين جو هو، ۽ هن يروشلم ۾ يارهن ورهيہ بادشاهي ڪئي: ۽ هن جي ماءُ جو نالو حموطل هو، ۽ اُها لبنان واري يرمياہ جي ڌيءَ هئي.

19 ۽ هن اُهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا جهڙا ڪ يهوياڪين ڪيا هئا.

20 ڇالاءِ جو خداوند جي ڪاوڙ جي ڪري يروشلم ۽ يهوداہ ۾ ائين پئي ٿيو، جيسين ڪ هن اُنهن کي پنهنجي حضور مان ڪڍي برطرف ڪري ڇڏيو: ۽ صدقياہ بابل جي بادشاهہ جي برخلاف فساد ڪيو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ