2.بادشاهَہ 16 - Sindhi Bible1 فقحہ بن رملياہ جي سترهين ورهيہ ۾، آخز بن يوتام، يهوداہ جو بادشاهہ بادشاهي ڪرڻ لڳو. 2 ۽ بادشاهہ ٿيڻ وقت آخز ويهن ورهين جو هو؛ ۽ هن يروشلم ۾ سورهن ورهيہ بادشاهي ڪئي: ۽ هن اُهي ڪم نہ ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا، جيئن ڪ سندس پيءُ دائود جا هئا. 3 پر هو اسرائيل جي بادشاهن جي رستي تي هليو، هائو، ۽ جن غير قومن کي خداوند بني اسرائيل جي اڳيان ڪڍي ڇڏيو هو، تن جي ڪراهت جهڙين رسمن موجب هن پنهنجي پٽ کي باهہ مان لنگهايو. 4 ۽ مٿانهين جاين تي، ۽ ٽڪرين تي، ۽ سڀني ساون وڻن هيٺ هو قرباني ڪندو هو، ۽ لوبان ساڙيندو هو. 5 تڏهن رضين، ارام جو بادشاهہ، ۽ فقحہ بن رملياہ اسرائيل جو بادشاهہ، يروشلم تي جنگ ڪرڻ لاءِ ڪاهي آيا: ۽ اُنهن آخز کي گهيرو ڪيو، پر انهيءَ کي جيتي نہ سگهيا. 6 انهيءَ وقت ڌاري ارام جي بادشاهہ رضين، ايلات موٽي هٿ ڪري ارام کي ڏنو، ۽ يهودين کي ايلات مان هڪلي ڪڍيائين: ۽ ارامي اچي ايلات ۾ رهڻ لڳا، جتي اڄ تائين رهندا اچن. 7 پوءِ آخز اسور جي بادشاهہ تگلت پلاسر ڏانهن قاصدن جي هٿان چوائي موڪليو تہ آءٌ تنهنجو ٻانهو ۽ تنهنجو پٽ آهيان: اچي مون کي ارام جي بادشاهہ، ۽ اسرائيل جي بادشاهہ جي هٿن مان بچاءِ، جو اُهي مون سان وڙهڻ لاءِ ڪاهي ٿا اچن. 8 ۽ آخز جيڪو سون ۽ چاندي خداوند جي گهر ۾، ۽ بادشاهہ جي گهر جي خزانن ۾ هو، سو کڻي تحفو ڪري اسور جي بادشاهہ ڏانهن ڏياري موڪليو. 9 ۽ اسور جي بادشاهہ هن جي ڳالهہ مڃي: ۽ اسور جو بادشاهہ دمشق تي چڙهي ويو ۽ اُهو ورتائين، ۽ اُنهيءَ جا ماڻهو قيد ڪري قير ڏانهن وٺي ويو، ۽ رضين کي قتل ڪيائين. 10 ۽ آخز بادشاهہ اسور جي بادشاهہ تگلت پلاسر کي گڏجڻ لاءِ دمشق ڏانهن ويو، ۽ دمشق ۾ جيڪا قربانگاهہ هئي سا ڏٺائين: ۽ آخز بادشاهہ انهيءَ قربانگاهہ جو نقشو ۽ انهيءَ جو نمونو اورياہ ڪاهن وٽ، ان جي ساريءَ ڪاريگريءَ جي ڪم جي بيان سميت ڏياري موڪليو. 11 ۽ اورياہ ڪاهن هڪڙي قربانگاهہ جوڙائي. جيڪو نمونو آخز بادشاهہ دمشق مان موڪليو هوس، اُن موجب اورياہ ڪاهن اها جوڙائي، جيسين ڪ آخز دمشق مان موٽي اُتي آيو. 12 ۽ جڏهن بادشاهہ دمشق مان آيو تڏهن هن اُها قربانگاهہ اچي ڏٺي: ۽ بادشاهہ انهيءَ قربانگاهہ کي ويجهو ويو، ۽ انهيءَ تي قرباني چاڙهيائين. 13 ۽ هن پنهنجي سوختني قرباني ۽ پنهنجي کاڌي جي قرباني ادا ڪئي، ۽ پيئڻ واري قرباني هاريائين، ۽ پنهنجين سلامتيءَ وارين قربانين جو رت قربانگاهہ تي ڇٽيائين. 14 ۽ جيڪا پتل جي قربانگاهہ خداوند جي اڳيان هئي، سا گهر جي اڳ تان، پنهنجي قربانگاهہ ۽ خداوند جي گهر جي وچان ڪڍي آڻي پنهنجي قربانگاهہ جي اُتر پاسي رکيائين. 15 ۽ بادشاهہ آخز اورياہ ڪاهن کي حڪم ڏيئي چيو تہ انهيءَ وڏي قربانگاهہ تي صبح واري سوختني قرباني چاڙهہ، ۽ شام واري کاڌي جي قرباني ۽ بادشاهہ جي سوختني قرباني ۽ سندس کاڌي جي قرباني، ملڪ جي سڀني ماڻهن جي سوختني قربانيءَ سميت، ۽ سندن کاڌي جي قرباني، ۽ پيئڻ وارين قربانين سميت بہ چاڙهہ؛ ۽ اُنهيءَ تي سوختني قرباني ۽ ذبح ڪرڻ واري قربانيءَ جو سڀ رت ڇاٽار: پر پتل جي قربانگاهہ منهنجي سوال ڪرڻ لاءِ ٿيندي. 16 جيئن بادشاهہ آخز حڪم ڏنو تيئن اورياہ ڪاهن ڪيو. 17 ۽ بادشاهہ آخز گاڏين جا ڪنارا وڍي ڇڏيا، ۽ انهن تان حوضي ڪڍي ڇڏيائين؛ ۽ سمنڊ جي هيٺان جيڪي پتل جا ڏاند هئا تن تان اُهو لاهي ڇڏيائين، ۽ پٿرن جي فرش تي کڻي رکيائين. 18 ۽ گهر جي اندر سبت جي لاءِ جيڪو ڍڪيل رستو جوڙايو هئائون، ۽ ٻاهران جيڪو بادشاهہ جي گهڙڻ جو در هو، سو اسور جي بادشاهہ جي ڪري هن ڦيرائي خداوند جي گهر ڏانهن ڪيو. 19 هاڻي آخز جا باقي ٻيا ڪم جي هن ڪيا، سي يهوداہ جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهن ڇا؟ 20 ۽ آخز پنهنجن ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو، ۽ دائود جي شهر ۾ پنهنجي ابن ڏاڏن سان گڏ دفن ڪيو ويو ۽ سندس پٽ حزقياہ سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society