2.بادشاهَہ 14 - Sindhi Bible1 اسرائيل جي بادشاهہ يوآس بن يهوآخز جي ٻئي ورهيہ ۾، يهوداہ جو بادشاهہ امصياہ بن يوآس بادشاهي ڪرڻ لڳو. 2 جڏهن هو بادشاهي ڪرڻ لڳو تڏهن پنجويهن ورهين جو هو؛ ۽ هن يروشلم ۾ اوڻٽيهہ ورهيہ بادشاهي ڪئي: ۽ هن جي ماءُ جو نالو يهوعدان هو، جا يروشلم جي هئي. 3 ۽ هن اُهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا، تڏهن بہ هن جي پيءُ دائود جهڙا نہ هئا: جيڪي هن جي پيءُ يوآس ڪيو هو، ان موجب هن بہ ڪيو. 4 پر مٿانهيون جايون هن ڊاهي نہ ڇڏيون: ماڻهو اڃا بہ اُنهن مٿانهين جاين تي قربانيون ڪندا ۽ لوبان ساڙيندا هئا. 5 ۽ هيئن ٿيو تہ جنهن وقت بادشاهي سندس هٿ ۾ قائم ٿي تنهن وقت جن سندس نوڪرن سندس پيءُ کي ڪُٺو هو، تن کي هن قتل ڪيو: 6 پر انهن خونين جي پٽن کي هن قتل نہ ڪيو: جيئن ڪ موسيٰ جي شريعت جي ڪتاب ۾ لکيل آهي، تہ خداوند حڪم ڪري فرمايو تہ پيئر پٽن جي بدران قتل نہ ڪبا، نڪي پٽ پيئرن جي بدران قتل ڪبا؛ پر سڀڪو ماڻهو پنهنجي گناهہ جي لاءِ مرندو. 7 هن لوڻ واريءَ واديءَ ۾ ادومين مان ڏهہ هزار ڪُٺا، ۽ جنگ ڪري سلع ورتائين، ۽ انهيءَ جو نالو يقتيل رکيائين، جو اڄ ڏينهن تائين هليو اچي. 8 پوءِ امصياہ اسرائيل جي بادشاهہ يهوآس بن يهوآخز بن ياهو ڏانهن قاصدن جي هٿان چوائي موڪليو تہ اچ تہ هڪ ٻئي جي منهن سامهون ٿيون. 9 ۽ يهوآس اسرائيل جي بادشاهہ، امصياہ يهوداہ جي بادشاهہ ڏانهن چوائي موڪليو، تہ لبنان جي ڪانڊيري لبنان جي ديودار ڏانهن چوائي موڪليو تہ پنهنجي ڌيءَ منهنجي پٽ کي پرڻائي ڏي: ۽ لبنان جو هڪڙو جهنگلي مرون اُتان اچي لنگهيو ۽ ڪانڊيري کي لتاڙي هليو ويو. 10 تو برابر ادوم کي جيتيو آهي ۽ تنهنجي دل تنهنجو مٿو ڦيرائي ڇڏيو آهي: انهيءَ تي فخر ڪري گهر ويٺو رهہ: ڇو ٿو ٻين جي ڪمن ۾ دست اندازي ڪري پاڻ کي نقصان پهچائين، متان تون پاڻ بہ ڪرين ۽ يهوداہ کي بہ پاڻ سان ڪيرائين؟ 11 پر امصياہ اها ڳالهہ نہ ٻڌي. تنهنڪري يهوآس، اسرائيل جو بادشاهہ اُٿي هليو؛ ۽ بيت شمس، جو يهوداہ جو شهر آهي، تنهن وٽ هو ۽ يهوداہ جو بادشاهہ امصياہ هڪ ٻئي جي منهن سامهون ٿيا. 12 ۽ يهوداہ اسرائيل جي اڳيان شڪست کاڌي؛ ۽ سڀ ماڻهو پنهنجن پنهنجن تنبن ڏانهن ڀڄي ويا. 13 ۽ اسرائيل جو بادشاهہ يهوآس، يهوداہ جي بادشاهہ امصياہ بن يهوآس بن اخزياہ کي بيت شمس ۾ گرفتار ڪري يروشلم ۾ آيو، ۽ يروشلم جي ڀت افرائيم جي در کان وٺي ڪنڊ واري دروازي تائين، چار سؤ هٿ، ڊاهي ڇڏيائين. 14 ۽ هو سڀ سون ۽ چاندي، ۽ سڀ باسڻ، جي خداوند جي گهر ۾ هئا، ۽ بادشاهہ جي گهر جي خزانن ۾ هئا، ۽ اول پيل ماڻهو بہ هٿ ڪري سامريہ ڏانهن موٽي آيو. 15 هاڻي يهوآس جا ٻيا ڪم، ۽ سندس طاقت، ۽ ڪيئن هو يهوداہ جي بادشاهہ امصياہ سان وڙهيو، اهي سڀ اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهن ڇا؟ 16 ۽ يوآس پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو، ۽ سامريہ ۾ اسرائيل جي بادشاهن سان گڏ دفن ڪيو ويو؛ ۽ سندس جاءِ تي سندس پٽ يربعام بادشاهہ ٿيو. 17 ۽ يهوداہ جو بادشاهہ امصياہ بن يوآس اسرائيل جي بادشاهہ يهوآس بن يهوآخز جي مرڻ کان پوءِ بہ پندرهن ورهيہ جيئرو هو. 18 هاڻي امصياہ جا باقي ٻيا ڪم يهوداہ جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهن ڇا؟ 19 ۽ ماڻهن يروشلم ۾ هن جي برخلاف منصوبو ڪيو؛ ۽ هو لڪيس ڏانهن اُٿي ڀڳو: پر هنن انهيءَ جي پٺيان لڪيس ڏانهن ماڻهو موڪليا، جن اُتي وڃي قتل ڪيس. 20 ۽ هن کي گهوڙن تي کڻي آيا؛ ۽ هو يروشلم ۾ پنهنجي ابن ڏاڏن سان دائود جي شهر ۾ دفن ڪيو ويو. 21 ۽ يهوداہ جي سڀني ماڻهن عزرياہ کي وٺي سندس پيءُ امصياہ جي جاءِ تي بادشاهہ ڪيو، ۽ هو تڏهن سورهن ورهين جو هو. 22 ۽ بادشاهہ جي پنهنجن ابن ڏاڏن سان سمهڻ کانپوءِ، هن ايلات اڏايو، ۽ يهوداہ کي اُهو موٽائي ڏنائين. 23 يهوداہ جي بادشاهہ امصياہ بن يوآس جي پندرهين ورهيہ ۾، اسرائيل جي بادشاهہ يربعام بن يوآس سامريہ ۾ بادشاهي ڪرڻ شروع ڪئي ۽ ايڪيتاليهہ ورهيہ بادشاهي ڪيائين. 24 ۽ هن خداوند جي نظر ۾ بڇڙائي ڪئي: هو يربعام بن نباط جي انهن سڀني گناهن کان باز نہ آيو جن سان هن اسرائيل کان گناهہ ڪرايو. 25 هن اسرائيل جي سرحد حمات جي گهڙڻ جي جاءِ کان وٺي عرباہ جي سمنڊ تائين موٽي قائم ڪئي، جيئن ڪ خداوند اسرائيل جي خدا پنهنجي ٻانهي يوناہ بن امتي، جات حفر واري نبيءَ جي معرفت ڪلام ڪيو هو. 26 ڇالاءِ جو خداوند اسرائيل جي مصيبت ڏٺي تہ ڏاڍي سخت آهي: ۽ غلام توڙي آزاد پريشان هئا، ۽ اسرائيل جو ڪوبہ مددگار نہ هو. 27 ۽ خداوند ائين نہ فرمايو تہ آءٌ اسرائيل جو نالو آسمان جي هيٺان مٽائي ڇڏيندس: پر هن انهن کي يربعام بن يوآس جي وسيلي بچايو. 28 هاڻي يربعام جا باقي ٻيا ڪم، ۽ ٻيو جيڪي هن ڪيو، سندس طاقت، ۽ جنگيون، ۽ ڪيئن هن دمشق، ۽ حمات، جي يهوداہ جي ملڪيت هئا، سي اسرائيل لاءِ هٿ ڪيا، اهي سڀ ڳالهيون اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهن ڇا؟ 29 ۽ يربعام پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو، يعني اسرائيل جي بادشاهن سان؛ ۽ سندس پٽ زڪرياہ سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society