2.بادشاهَہ 13 - Sindhi Bible1 يهوداہ جي بادشاهہ يوآس بن اخزياہ جي ٽيويهين ورهيہ ۾، يهوآخز بن ياهو سامريہ ۾ اسرائيل تي بادشاهي ڪرڻ لڳو، ۽ سترهن ورهيہ بادشاهي ڪيائين. 2 ۽ هن خداوند جي نظر ۾ بڇڙائي ڪئي، ۽ هن يربعام بن نباط جي گناهن جي پيروي ڪئي، جن سان هن اسرائيل کان گناهہ ڪرايا؛ ۽ انهن تي هلندو آيو. 3 ۽ خداوند جي ڪاوڙ اسرائيل تي ڀڙڪي، ۽ هن انهن کي ارام جي بادشاهہ حزائيل، ۽ بن هدد بن حزائيل جي هٿن ۾ ساندهہ ڏيئي ڇڏيو. 4 ۽ يهوآخز خداوند کي عرض ڪيو ۽ خداوند هن جو عرض ٻڌو: ڇالاءِ جو هن اسرائيل جي مظلومي ڏٺي، جو ارام جي بادشاهہ مٿن ظلم ٿي ڪيو. 5 (۽ خداوند اسرائيل کي هڪڙو نجات ڏيندڙ بخشيو، جنهنڪري هو ارامين جي زيردستيءَ کان ڇُٽا: ۽ بني اسرائيل اڳي وانگر پنهنجن تنبن ۾ رهڻ لڳا. 6 انهيءَ هوندي بہ هو يربعام جي گهراڻي وارن گناهن کان باز نہ آيا، جن سان هن اسرائيل کان گناهہ ڪرايو، پر انهن تي هلندا آيا: ۽ سامريہ ۾ يسيرت بہ رهيو پيو هو.) 7 ڇالاءِ جو هن يهوآخز لاءِ ماڻهن مان پنجاهہ گهوڙي سوارن ۽ ڏهن رٿن، ۽ ڏهن هزارن پيادن کانسواءِ ٻيو ڪي ڪين ڇڏيو؛ جو ارام جي بادشاهہ هنن کي چٽ ڪري ڇڏيو هو، ۽ اهڙو ڪري ڇڏيو هئائين جهڙي اَن ڳاهڻ جي پڙ ۾ مٽي. 8 هاڻي يهوآخز جا باقي ٻيا ڪم ۽ ٻيو جيڪي هن ڪيو، سو اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهي ڇا؟ 9 ۽ يهوآخز پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو؛ ۽ هنن کيس سامريہ ۾ دفن ڪيو: سندس پٽ يوآس سندس جاءِ تي بادشاهي ڪرڻ لڳو. 10 يهوداہ جي بادشاهہ يوآس جي ستٽيهين ورهيہ ۾، يهوآس بن يهوآخز سامريہ ۾ اسرائيل تي بادشاهي ڪرڻ لڳو، ۽ سورهن ورهيہ بادشاهي ڪيائين. 11 ۽ هن خداوند جي نظر ۾ بڇڙائي ڪئي؛ هو يربعام بن نباط جي سڀني گناهن کان، جن سان هن اسرائيل کان گناهہ ڪرايو باز نہ آيو: پر انهن تي هلندو آيو. 12 هاڻي يوآس جا باقي ٻيا ڪم ۽ ٻيو جيڪي هن ڪيو ۽ جنهن طاقت سان هو يهوداہ جي بادشاهہ امصياہ سان وڙهيو، سي اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهن ڇا؟ 13 ۽ يوآس پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو؛ ۽ يربعام سندس تخت تي ويٺو: ۽ يوآس سامريہ ۾ اسرائيل جي بادشاهن سان گڏ دفن ڪيو ويو. 14 هاڻي اليشع اُنهيءَ بيماريءَ ۾ گرفتار هو، جنهنڪري هو مئو: ۽ اسرائيل جو بادشاهہ يوآس وٽس آيو ۽ پاسي کان بيهي روئي چيائين تہ اي منهنجا ابا، منهنجا ابا، اسرائيل جا رٿ ۽ انهن جا گهوڙي سوار! 15 ۽ اليشع انهيءَ کي چيو تہ تير ۽ ڪمان کڻ ۽ هن تير ۽ ڪمان کنئي. 16 ۽ هن اسرائيل جي بادشاهہ کي چيو تہ پنهنجو ڪمان تي رک: ۽ هن پنهنجو هٿ انهيءَ تي رکيو: ۽ اليشع پنهنجا هٿ بادشاهہ جي هٿن تي رکيا. 17 ۽ هن چيو تہ اُڀرندي ڏانهن دري کول: ۽ هن اُها کولي. تڏهن اليشع چيو تہ تير هڻ: ۽ هن تير هنيو. ۽ هن چيو تہ خداوند جي فتح جو تير، يعني ارام تي فتح جو تير: ڇالاءِ جو تون افيق ۾ ارامين کي شڪست ڏيندين، جيسين ڪ هنن کي ماري چٽ ڪرين. 18 ۽ هن چيو تہ تير کڻ: ۽ هن اُهي کنيا. ۽ هن اسرائيل جي بادشاهہ کي چيو تہ زمين تي ڌڪ هڻ: ۽ هن ٽي ڀيرا ڌڪ هنيو، پوءِ بيهي رهيو. 19 ۽ خدا جو مرد هن تي ڪاوڙيو ۽ چوڻ لڳو تہ توکي پنج يا ڇهہ ڀيرا ڌڪ هڻڻ گهربو هو؛ پوءِ جيڪر ارام کي اهڙي شڪست ڏين ها، جو اُنهيءَ کي چٽ ڪري ڇڏين ها: پر هاڻي تون ارام کي رڳو ٽي ڀيرا شڪست ڏيندين. 20 ۽ اليشع وفات ڪئي ۽ انهيءَ کي دفن ڪيائون. هاڻي موآبين جي ٽولين سال جي شروعات ۾ ملڪ تي ڪاهہ ڪئي. 21 ۽ هيئن ٿيو تہ هڪڙي ماڻهو کي دفن پي ڪيائون تہ ڏس، هنن هڪڙي ٽولي ڏٺي؛ ۽ هنن انهيءَ ماڻهو کي کڻي اليشع جي قبر ۾ اُڇلايو؛ ۽ جنهن وقت اُهو ماڻهو اليشع جي هڏن کي وڃي لڳو، انهيءَ وقت هو وري جيئرو ٿي پيو، ۽ اُٿي پيرن ڀر بيهي رهيو. 22 ۽ ارام جي بادشاهہ حزائيل يهوآخز جي سڀني ڏينهن ۾ اسرائيل تي ظلم ڪيا. 23 پر خداوند هنن تي مهربان هو ۽ مٿن رحم ڪيائين، ۽ سندن لحاظ رکيائين، جو ابراهيم، ۽ اسحاق، ۽ يعقوب سان عهد اقرار ڪيو هئائين، ۽ هنن کي چٽ ڪرڻ نٿي گهريائين ۽ نہ اڃا تائين هنن کي پنهنجي حضور مان پاسي ڪري ڇڏيائين. 24 ۽ حزائيل، ارام جو بادشاهہ مئو، ۽ سندس پٽ بن هدد سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو. 25 ۽ يوآس بن يهوآخز، خزائيل جي بن هدد کان اُهي شهر کسي ورتا، جي هن جنگ ڪرڻ سان سندس پيءُ يهوآخز جي هٿن مان ورتا هئا. يوآس ٽي ڀيرا هن کي شڪست ڏني، ۽ اُهي اسرائيل وارا شهر هن کان وري ورتائين. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society