Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

2.بادشاهَہ 12 - Sindhi Bible

1 ياهوءَ جي ستين ورهيہ ۾، يهوآس بادشاهي ڪرڻ لڳو؛ ۽ هن يروشلم ۾ چاليهہ ورهيہ بادشاهي ڪئي: ۽ هن جي ماءُ جو نالو ضيبياہ هو، جا بيرسبع جي هئي.

2 ۽ يهوآس پنهنجي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ اُهي ڪم ڪيا، جي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا، جن بابت يهويدع ڪاهن هن کي تعليم ڏني هئي.

3 انهي هوندي بہ مٿانهيون جايون ڊاهيون نہ ويون: ماڻهو اڃا بہ انهن مٿانهين جاين تي قربانيون ڪندا ۽ لوبان ساڙيندا هئا.

4 ۽ يهوآس ڪاهنن کي چيو تہ پاڪ شين جا جيڪي پئسا، يعني چالو نقد ناڻو جو خداوند جي گهر ۾ اچي ٿو، يعني هرهڪ ماڻهو تي جيڪي ٻڌل آهي تنهن جا پئسا، ۽ جيڪي ڪو پنهنجي مرضيءَ سان خداوند جي گهر ۾ آڻي ٿو، تنهن جا پئسا،

5 اُهي ڀلي تہ ڪاهن پنهنجي پنهنجي واقفيت وارن کان وٺن: ۽ جتي جتي گهر جي مرمت جو ضرور ٿئي اُتي مرمت ڪرائين.

6 پر هيئن ٿيو تہ يهوآس بادشاهہ جي ٽيويهين ورهيہ تائين ڪاهنن گهر جي ڪابہ مرمت ڪانہ ڪرائي هئي.

7 تڏهن بادشاهہ يهوآس، يهويدع ڪاهن، ۽ ٻين ڪاهنن کي سڏائي چيو تہ اوهين گهر جي مرمت ڇو نٿا ڪرايو؟ تنهنڪري هاڻي اڳتي پنهنجي واقفيت وارن کان پئسا نہ وٺو، پر اُهي گهر جي مرمت لاءِ پهچائي ڏيو.

8 ۽ ڪاهنن قبول ڪيو تہ اسين اڳتي ماڻهن کان پئسا نہ وٺنداسين، ۽ نہ گهر جي مرمت ڪرائينداسين.

9 پوءِ يهويدع ڪاهن هڪڙي صندوق کڻي انهيءَ جي ڍڪ ۾ هڪڙو ٽُنگ ڪري قربانگاهہ جي پاسي ۾ رکي جا خداوند جي گهر ۾ ايندڙ ماڻهوءَ جي سڄي هٿ پاسي هئي: ۽ جيڪي ڪاهن در جي سنڀال ڪندا هئا سي جيڪي بہ پئسا خداوند جي گهر ۾ ايندا هئا سي سڀ انهيءَ ۾ وجهي ڇڏيندا هئا.

10 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هنن ڏٺو تہ صندوق ۾ گهڻا پئسا ٿيا آهن تڏهن بادشاهہ جو محرر ۽ سردار ڪاهن آيا، ۽ جيڪي پئسا خداوند جي گهر ۾ ڏٺائون سي ڳڻي ڳوٿرين ۾ وڌائون.

11 ۽ جيڪي پئسا توري کنيا ويا سي اُنهن ڪم ڪندڙن جي هٿن ۾ ڏنا ويا، جي خداوند جي گهر جي نظرداري ڪندا هئا: ۽ جن واڍن ۽ رازن خداوند جي گهر تي ڪم ڪيو هو، تن کي اُهي ڏنائون؛

12 ۽ رازن ۽ سنگ تراشن کي ڪاٺ ۽ ڇليل پٿرن جي خريد ڪرڻ لاءِ بہ ڏنائون، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي گهر جي مرمت ٿئي: ۽ ٻيو بہ جيڪو خرچ انهيءَ جي مرمت تي لڳو تنهن لاءِ ڏنائون.

13 پر خداوند جي گهر لاءِ چانديءَ جا پيالا، ۽ ڦلن وڍڻ جون ڪينچيون، ۽ رڪابيون، ۽ قرنائون، ۽ سون يا چانديءَ جا ڪي بہ باسڻ اُنهن پئسن مان نہ جوڙايا ويا هئا، جي خداوند جي گهر ۾ ايندا هئا:

14 ڇالاءِ جو اُهي اهو ڪم ڪندڙن کي ڏيندا هئا، ۽ انهن مان خداوند جي گهر جي مرمت ڪرائيندا هئا.

15 تنهن کان سواءِ جن ماڻهن جي هٿن ۾ هو اُهي پئسا ڪم ڪرڻ وارن کي ڏيڻ لاءِ ڏيئي ڇڏيندا هئا تن کان ڪوبہ حساب نہ وٺندا هئا: ڇالاءِ جو هو ايمانداريءَ سان هلندا هئا.

16 جيڪي پئسا خطا جي قربانين جا، ۽ گناهہ جي قربانين جا هوندا هئا، سي خداوند جي گهر ۾ نہ آڻيندا هئا: اُهي ڪاهنن کي ملندا هئا.

17 تنهن کانپوءِ ارام جي بادشاهہ حزائيل چڙهي وڃي جات سان جنگ ڪئي ۽ انهيءَ کي ورتائين: ۽ حزائيل يروشلم ڏانهن وڃڻ لاءِ انهيءَ پاسي رخ ڪيو.

18 ۽ يهوداہ جي بادشاهہ يهوآس اُهي سڀ پاڪ شيون هٿ ڪيون، جي سندن ابن ڏاڏن، يهوداہ جي بادشاهن يهوسفط، ۽ يهورام، ۽ اخزياہ وقف ڪيون هيون، ۽ پنهنجون وقف ڪيل شيون بہ، ۽ جيڪو بہ سون خداوند جي گهر، ۽ بادشاهہ جي گهر جي خزانن ۾ لڌو، سو سڀ هٿ ڪري ارام جي بادشاهہ حزائيل ڏانهن ڏياري موڪليائين: پوءِ هو يروشلم مان نڪري هليو ويو.

19 هاڻي يوآس جا باقي ٻيا ڪم، ۽ ٻيو جيڪي هن ڪيو، سو يهوداہ جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهي ڇا؟

20 ۽ هن جا نوڪر اُٿيا ۽ منصوبو ڪيائون ۽ ملو جو گهر، جو سلا جي لاهيءَ تي آهي، تنهن وٽ يوآس کي ماريائون.

21 ڇالاءِ جو سندس نوڪرن يوسڪار بن سماعت، ۽ يهوزبد بن شومير هن کي ماريو، ۽ هو مري ويو؛ ۽ هن کي دائود جي شهر ۾ سندس ابن ڏاڏن سان گڏ دفن ڪيائون: ۽ سندس پٽ امصياہ سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ