2.بادشاهَہ 10 - Sindhi Bible1 هاڻي اخي آب کي سامريہ ۾ ستر پٽ هئا. ۽ ياهو سامريہ ڏانهن خط لکي يزرعيل جي حاڪمن وٽ موڪليا، يعني اتي جي بزرگن ڏانهن، جن اخي آب جا پٽ پاليا هئا، ۽ اُنهن ۾ لکيائين تہ 2 جنهن وقت هي خط اوهان کي پهچي، تنهن وقت جڏهن اوهان جي ڌڻيءَ جا پٽ اوهان سان آهن، ۽ اوهان وٽ رٿ ۽ گهوڙا بہ آهن، ۽ اوهان جو شهر قلعي وارو بہ آهي ۽ هٿيار بہ اٿوَ؛ 3 تڏهن اوهين پنهنجي ڌڻيءَ جي پٽن مان چونڊي جيڪو تمام چڱو ۽ لائق هجي، تنهن کي سندس پيءُ جي تخت تي کڻي ويهاريو، ۽ اوهين پنهنجي ڌڻيءَ جي گهراڻي جي پاران وڙهو. 4 پر هو ڏاڍو ڊنا ۽ چوڻ لڳا تہ ڏس، اهي ٻئي بادشاهہ هن جي اڳيان بيهي نہ سگهيا، تڏهن اسين ڪيئن بيهي سگهنداسين. 5 ۽ جيڪو گهر جي ڪم ڪار جي نظرداري ڪندڙ هو، ۽ جيڪو شهر جي سنڀال ڪندڙ هو، ۽ بزرگن، ۽ ٻارن جي پالڻ وارن بہ، ياهوءَ ڏانهن چوائي موڪليو تہ اسين تنهنجا نوڪر آهيون، جيئن تون چوندين تيئن ڪنداسين؛ اسين ٻئي ڪنهن کي بہ بادشاهہ نہ ڪنداسين: جيڪي تنهنجي نظر ۾ چڱو آهي سو تون ڪر. 6 تڏهن هن ٻيو ڀيرو هڪڙو خط هنن ڏانهن لکيو ۽ چيائين تہ جي اوهين منهنجي طرف ٿيڻ گهرو ۽ منهنجي ڳالهہ مڃو، تہ اهي سڀ ماڻهو، جي اوهان جي ڌڻيءَ جا پٽ آهن تن جون سسيون لاهي ڇڏيو، ۽ پوءِ سڀاڻي هن وقت ڌاري مون وٽ يزرعيل ۾ اچو. هاڻي بادشاهہ جا پٽ جي ستر ڄڻا هئا، سي شهر جي وڏن ماڻهن وٽ هئا، جن هنن کي پالي وڏو ڪيو هو. 7 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اهو خط هنن ماڻهن کي مليو تڏهن هنن بادشاهہ جي پٽن کي جهلي، ستر ئي ڄڻن کي قتل ڪيو، ۽ اُنهن جون سسيون ٽوڪريءَ ۾ وجهي يزرعيل ۾ ڏياري موڪليائون. 8 ۽ هڪڙي قاصد اچي هن کي ٻڌايو تہ هنن بادشاهہ جي پٽن جون سسيون آنديون آهن. تڏهن هن چيو تہ اُهي دروازي جي لنگهہ وٽ ٻہ ڍڳيون ڪري صبح تائين رکي ڇڏيو. 9 ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو هيئن ٿيو تہ هو ٻاهر نڪري ويو ۽ اُتي بيهي سڀني ماڻهن کي چوڻ لڳو تہ اوهين سڀ نيڪ آهيو: ڏسو، مون پنهنجي ڌڻيءَ جي برخلاف منصوبو ڪيو ۽ اُنهيءَ کي ڪُٺم: پر هنن سڀني کي ڪنهن ماريو؟ 10 هاڻي اوهان کي خبر هجي تہ جيڪو ڪلام خداوند اخي آب جي گهراڻي جي نسبت ۾ ڪيو آهي، تنهن مان ڪجهہ بہ زمين تي نہ ڪِرندو: ڇالاءِ جو خداوند اُهو ڪيو آهي جو پنهنجي ٻانهي ايلياہ جي معرفت فرمايائين. 11 انهيءَ طرح يزرعيل ۾ اخي آب جي گهراڻي مان جيڪي بچيا هئا، تن سڀني کي ياهوءَ مارايو. ۽ انهيءَ جي سڀني وڏن ماڻهن کي ۽ اُنهيءَ جي گهاٽن دوستن کي ۽ انهيءَ جي ڪاهنن کي بہ، جيسين ڪ اُنهن مان هڪڙو بہ نہ بچيو. 12 پوءِ هو اُٿي روانو ٿيو، ۽ سامريہ ڏانهن ويو. ۽ جڏهن هو رستي ۾ ريڍارن جي اُن ڪترڻ واريءَ جاءِ تي پهتو، 13 تڏهن ياهو يهوداہ جي بادشاهہ اخزياہ جي ڀائرن کي گڏيو، ۽ اُنهن کان پڇيائين تہ اوهين ڪير آهيو؟ ۽ هنن ورندي ڏني تہ اسين اخزياہ جا ڀائر آهيون: ۽ اسين بادشاهہ جي ٻارن ۽ ملڪہ جي ٻارن کي سلام ڪرڻ ٿا وڃون. 14 ۽ هن چيو تہ اُنهن کي جيئرو ئي پڪڙيو. ۽ هنن اُنهن کي جيئرو ئي پڪڙي اُن ڪترڻ واريءَ جاءِ جي کڏ تي ڪُهي ڇڏيو، ۽ اُهي ٻائيتاليهہ ماڻهو هئا؛ انهن مان ڪوبہ ڪونہ ڇڏيائين. 15 ۽ جڏهن هو اُتان روانو ٿيو، تڏهن هو يهوناداب بن ريڪاب کي گڏيو، جو سندس استقبال لاءِ ٿي آيو: ۽ هن انهيءَ کي سلام ڪري چيو تہ جيئن منهنجي دل تنهنجيءَ دل سان سچي آهي تيئن تنهنجي دل مون سان آهي يا نہ؟ ۽ يهوناداب ورندي ڏني تہ آهي. تڏهن هن چيس تہ جي ائين آهي تہ تون مون کي پنهنجو هٿ ڏي. ۽ هن کيس پنهنجو هٿ ڏنو؛ ۽ هن کيس چاڙهي پنهنجيءَ رٿ ۾ کڻي ويهاريو. 16 ۽ هن چيو تہ مون سان اچ ۽ خداوند جي لاءِ منهنجيءَ دل جو شوق ڏس. انهيءَ طرح کيس هن جي رٿ تي چاڙهيائون. 17 ۽ جڏهن هو سامريہ ۾ آيو تڏهن سامريہ ۾ اخي آب جي گهراڻي مان جيڪي ماڻهو بچيا هئا تن کي ماريائين، ۽ جيڪو ڪلام خداوند ايلياہ جي واتان ڪيو هو تنهن موجب هن سڀني کي ناس ڪري ڇڏيو. 18 ۽ ياهوءَ سڀ ماڻهو گڏ ڪري اُنهن کي چيو تہ اخي آب بعل جي ٿوري عبادت ڪندو هو؛ پر ياهو انهيءَ جي گهڻي عبادت ڪندو. 19 تنهنڪري هاڻي اوهين بعل جا سڀ نبي، ۽ سندس سڀ پوڄيندڙ، ۽ سڀ پوڄاري سڏي مون وٽ آڻيو؛ جيئن هڪڙو بہ رهجي نہ وڃي: ڇالاءِ جو مون کي بعل جي لاءِ هڪڙي وڏي قرباني ڪرڻي آهي؛ جيڪو رهجي ويندو سو جيئرو نہ رهندو. پر ياهو اها چالاڪي ٿي ڪئي، جو ارادو هوس تہ بعل جي عبادت ڪندڙن کي چٽ ڪري ڇڏي. 20 ۽ ياهو چيو تہ بعل جي لاءِ جماعت کي عيد لاءِ پاڪ ڪريو. ۽ هنن انهيءَ جي پڌرائي ڪرائي. 21 ۽ ياهو ساري اسرائيل ۾ قاصد موڪليا: ۽ بعل جا سڀ پوڄيندڙ اچي گڏ ٿيا، ۽ اهڙو ڪوبہ ماڻهو نہ بچيو جو نہ آيو. ۽ هو بعل جي گهر ۾ آيا؛ ۽ بعل جو گهر هڪڙي پاسي کان ٻئي پاسي تائين ڀرجي ويو. 22 ۽ جيڪو لباس خاني جي مٿان هو تنهن کي هن چيو تہ بعل جي سڀني پوڄيندڙن جي لاءِ پوشاڪ کڻي اچ. ۽ هن انهن کي پوشاڪون آڻي ڏنيون. 23 ۽ ياهو ۽ يهوناداب بن ريڪاب بعل جي گهر ۾ ويا؛ ۽ هن بعل جي بندگي ڪندڙن کي چيو تہ وڃي تلاش ڪريو ۽ ڏسو تہ خداوند جي ٻانهن مان ڪوبہ هتي نہ هجي، پر رڳا بعل جا پوڄيندڙ هجن. 24 پوءِ هو اندر لنگهي ذبح ڪرڻ واريون قربانيون، سوختني قربانيون چاڙهڻ ويا. هاڻي ياهو پنهنجي لاءِ اسي ماڻهو ٻاهر تيار ڪري بيهاري ڇڏيا هئا ۽ اُنهن کي چيائين تہ جيڪي ماڻهو آءٌ اوهانجن هٿن ۾ ڏيان، تن مان جي ڪو ڀڄي ويو، تہ جنهن جي هٿان اُهو ويندو اُنهيءَ جو ساهہ هن جي عيوض ورتو ويندو. 25 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هن سوختني قرباني چاڙهي بس ڪئي، تڏهن ياهوءَ پهري وارن کي ۽ لشڪر جي سردارن کي چيو تہ اندر لنگهي وڃي هنن کي ڪُهو؛ جيئن هڪڙو بہ ٻاهر نہ نڪري. ۽ هنن انهن کي ترار جي ڌار سان وڃي ماريو؛ پوءِ پهري وارن ۽ لشڪر جي سردارن انهن کي ٻاهر اُڇلائي ڦٽو ڪيو ۽ بعل جي گهر واري شهر ڏانهن هليا ويا. 26 ۽ بعل جي گهر ۾ جيڪي ٿنڀ هئا سي هو ٻاهر ڪڍي آيا ۽ انهن کي ساڙي ڇڏيائون. 27 ۽ هنن بعل جو ٿنڀ ڀڃي ڇڏيو، ۽ بعل جو گهر بہ ڊاهي ڇڏيائون، ۽ انهيءَ کي ڪاڪوس خانو بنايائون، جو اڄ ڏينهن تائين آهي. 28 انهيءَ طرح ياهوءَ بعل کي اسرائيل مان اصل نيست نابود ڪري ڇڏيو. 29 انهيءَ هوندي بہ يربعام بن نباط جي گناهن کي، جن سان هن اسرائيل کان گناهہ ڪرايو، ياهوءَ ڇڏي نہ ڏنو، يعني سونا گابا جي بيت ايل ۽ دان ۾ موجود هئا. 30 ۽ خداوند ياهوءَ کي چيو تہ جيڪي منهنجي نظر ۾ چڱو هو، تنهن جي تو چڱي تعميل ڪئي آهي، ۽ اخي آب جي گهراڻي سان اُهو ڪم ڪيو اٿئي جو منهنجي دل وٽان آهي، تنهنڪري تنهنجا پٽ چوٿين پيڙهيءَ تائين اسرائيل جي تخت تي ويهندا. 31 پر ياهو خداوند اسرائيل جي خدا جي شريعت تي هلڻ لاءِ سنڀال نہ ڪئي: ۽ يربعام جا گناهہ، جن سان هن اسرائيل کي گناهہ ڪرايا، تن کان هن پاسو نہ ڪيو. 32 انهن ڏينهن ۾ خداوند اسرائيل کي گهٽائڻ لڳو: ۽ حزائيل انهن کي اسرائيل جي سڀني سرحدن ۾ شڪست ڏني؛ 33 اُڀرندي ڏي يردن کان وٺي، جلعاد جي ساري زمين، ۽ جدين، ۽ روبينين، ۽ منسين جي زمين، عروعير، جو ارنون جي واديءَ جي پاسي ۾ آهي، تنهن کان وٺي، يعني جلعاد ۽ بسن تائين. 34 هاڻي ياهوءَ جا باقي ٻيا ڪم ۽ ٻيو جيڪي هن ڪيو، ۽ هن جي ساري بهادري، سي اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهن ڇا؟ 35 نيٺ ياهو پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو: ۽ هن کي سامريہ ۾ دفن ڪيائون. ۽ سندس پٽ يهوآخز سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو. 36 ۽ جيڪو وقت ياهو سامريہ ۾ اسرائيل تي بادشاهي ڪئي، سو اٺاويهہ ورهيہ هو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society