2.بادشاهَہ 1 - Sindhi Bible1 ۽ اخي آب جي مرڻ کان پوءِ موآب اسرائيل کان باغي ٿيو. 2 ۽ اخزياہ سامريہ ۾ پنهنجي ماڙيءَ جي جعفريءَ مان هيٺ ڪري پيو، ۽ بيمار ٿي پيو: ۽ هن قاصد سڏائي انهن کي چيو تہ وڃو، عقرون جي معبود بعل زبوب کان پڇا ڪريو تہ آءٌ هن بيماريءَ کان ڇُٽندس يا نہ. 3 پر خداوند جي ملائڪ ايلياہ تشبيءَ کي چيو تہ اُٿ وڃي سامريہ جي بادشاهہ جي قاصدن کي گڏج، ۽ چئين تہ اسرائيل ۾ خدا ڪونهي ڇا جو اوهين عقرون جي معبود بعل زبوب کان پڇا ڪرڻ ٿا وڃو؟ 4 تنهنڪري هاڻي خداوند ٿو فرمائي تہ جنهن هنڌ تي تون سمهيو آهين انهيءَ تان وري هيٺ نہ لهندين، پر ضرور مرندين. ۽ ايلياہ اُٿي روانو ٿيو. 5 ۽ قاصد هن وٽ موٽي ويا، ۽ هن اُنهن کي چيو تہ ڇو اوهين موٽي آيا آهيو؟ 6 تڏهن هنن چيو تہ هڪڙو ماڻهو اسان کي اچي گڏيو، ۽ اسان کي چيائين تہ جنهن بادشاهہ اوهان کي موڪليو آهي تنهن وٽ موٽي وڃو، ۽ چئوس تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اسرائيل ۾ خدا ڪونهي ڇا جو تو عقرون جي معبود بعل زبوب کان پڇائي موڪليو آهي؟ تنهنڪري جنهن هنڌ تي تون چڙهيو آهين انهيءَ کان وري هيٺ نہ لهندين، پر ضرور تون مرندين. 7 ۽ هن چيو تہ اُهو ماڻهو، جو اوهان کي اچي گڏيو، ۽ جنهن اها ڳالهہ ڪئي، سو ڪهڙي قسم جو ماڻهو هو؟ 8 ۽ هنن ورندي ڏني تہ هو گهڻن وارن وارو ماڻهو هو، ۽ چيلهہ سان هڪڙو چم جو پٽو ٻڌل هوس. ۽ هن چيو تہ اهو ايلياہ تشبي آهي. 9 تڏهن بادشاهہ هڪڙو پنجاهن وارو سردار پنهنجن ماڻهن سان هن ڏانهن موڪليو. ۽ اُهو هن وٽ ويو: ۽ ڏٺائين تہ هو ٽڪر جي چوٽيءَ تي ويٺو هو. ۽ هن انهيءَ کي چيو تہ اي خدا جا مرد، بادشاهہ چيو آهي تہ هيٺ لهي اچ. 10 ۽ ايلياہ ورندي ڏيئي انهيءَ پنجاهہ واري سردار کي چيو تہ جيڪڏهن آءٌ خدا جو مرد آهيان تہ ڀلي آسمان مان باهہ لهي اچي، ۽ توکي ۽ تنهنجن پنجاهن کي ساڙي ۽ آسمان مان باهہ لهي آئي، ۽ انهيءَ کي ۽ سندس پنجاهن کي ساڙي ڇڏيائين. 11 ۽ وري هن ٻيو پنجاهن وارو سردار پنجاهہ ماڻهن سان انهيءَ ڏي موڪليو. ۽ هن ورندي ڏيئي انهيءَ کي چيو تہ اي خدا جا مرد، بادشاهہ هيئن فرمايو آهي تہ جلد هيٺ لهي اچ. 12 ۽ ايلياہ ورندي ڏيئي انهن کي چيو تہ جيڪڏهن آءٌ خدا جو مرد آهيان تہ ڀلي آسمان مان باهہ لهي اچي، ۽ توکي ۽ تنهنجن پنجاهن کي ساڙي ڇڏي. ۽ خدا جي باهہ آسمان مان لهي آئي، ۽ انهيءَ کي ۽ سندس پنجاهہ کي ساڙي ڇڏيائين. 13 ۽ وري هن ٽئين پنجاهن واري سردار کي پنجاهہ ماڻهن سان موڪليو. ۽ ٽيون پنجاهن وارو سردار مٿي چڙهيو ۽ اچي ايلياہ جي اڳيان گوڏا کوڙي ويٺو، ۽ نيزاري ڪري هن کي چيائين، تہ اي خدا جا مرد، آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ من منهنجي حياتي ۽ هنن تنهنجن پنجاهہ ٻانهن جي حياتي تنهنجي نظر ۾ قدر واري ٿئي. 14 ڏس، آسمان مان باهہ لهي آئي، ۽ انهن اڳين ٻنهي پنجاهن وارن سردارن کي سندن پنجاهن ماڻهن سوڌو ساڙي ويئي: پر هاڻي من منهنجي حياتي تنهنجي نظر ۾ قدر واري ٿئي. 15 ۽ خداوند جي ملائڪ ايلياہ کي چيو تہ هن سان لهي وڃ: ۽ هن کان نہ ڊڄ. تڏهن هو اُٿيو ۽ هن سان گڏجي بادشاهہ ڏي لهي ويو. 16 ۽ انهيءَ کي چيائين تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ تو جو عقرون جي معبود بعل زبوب کان پڇا ڪرڻ لاءِ قاصد موڪليا آهن سو انهيءَ ڪري ڇا تہ اسرائيل ۾ اهڙو ڪو خدا ڪونهي جنهن کان پڇا ڪري خبر وٺجي؟ تنهنڪري جنهن هنڌ تي تون چڙهيو آهين انهيءَ تان وري هيٺ نہ لهندين، پر ضرور مرندين. 17 ۽ جيڪو خدا جو ڪلام ايلياہ ٻڌايو هو، ان موجب هو مري ويو. ۽ ڇالاءِ جو هن کي پٽ ڪونہ هو، انهيءَ ڪري يهوداہ جي بادشاهہ يهورام بن يهوسفط جي ٻئي سال ۾، يهورام هن جي جاءِ تي بادشاهي ڪرڻ لڳو. 18 هاڻي اخزياہ ٻيا جيڪي ڪم ڪيا، سي اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهن ڇا؟ |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society