1.تيمٿيس 4 - Sindhi Bible1 پر روح صاف ٿو چوي تہ آخرين زمانن ۾ ڪي اهڙا ٿيندا جي گمراهہ ڪندڙ روحن ۽ ڀوتن جي علم تي ڌيان ڏيڻ ڪري ايمان کان ڦري ويندا، 2 اهو انهن ماڻهن جي رياڪاريءَ ڪري ٿيندو، جي ڪوڙ ٿا ڳالهائين ۽ جن جي دل ڄڻ تہ گرم لوهہ سان ڏنڀيل آهي. 3 اُهي شادي ڪرڻ کان منع ڪندا، ۽ انهن کاڌن کائڻ کان پرهيز ڪندا، جي خدا انهي لاءِ پيدا ڪيا آهن تہ ايماندار ۽ حق سڃاڻڻ وارا، اُهي شڪرگذاريءَ سان کائين. 4 ڇالاءِ تہ سڀڪا شيءِ جا خدا خلقي آهي، سا چڱي آهي، ۽ رد ڪرڻ نہ گهرجي؛ بشرطيڪ اُها شڪرگذاريءَ سان قبول ڪئي وڃي: 5 هن ڪري جو اها خدا جي ڪلام ۽ دعا جي ڪري پاڪ ٿيو پوي. 6 جيڪڏهن تون ڀائرن کي اهي ڳالهيون ياد ڏياريندين تہ تون مسيح يسوع جو چڱو خادم ٿيندين، ۽ انهي ايمان ۽ چڱي تعليم جي وسيلي پرورش پائيندين، جن تي اڄ تائين تون پئي هليو آهين. 7 پر اجاين ڳالهين ۽ وهمي زالن جي آکاڻين کان انڪار ڪج. ۽ دينداريءَ جي لاءِ تعليم وٺندو رهج: 8 ڇالاءِ جو جسماني ورزش مان ڪو ٿورو ئي فائدو آهي؛ پر دينداري سڀني ڳالهين لاءِ فائدي واري آهي، ڇالاءِ جو حال ۽ استقبال جي حياتيءَ جو واعدو بہ انهي ڳالهہ ۾ آهي. 9 اها ڳالهہ سچي آهي ۽ هر طرح قبول ڪرڻ جي لائق آهي. 10 انهي لاءِ ئي اسين پورهيو ٿا ڪريون ۽ ڪشالا پيا ڪڍون، جو اسان جي اُميد انهي زندہ خدا تي رکيل آهي، جو سڀني ماڻهن جو، خاص ڪري ايمان وارن جو، نجات ڏيندڙ آهي. 11 انهن ڳالهين بابت حڪم ڪر ۽ تعليم ڏي. 12 ڪوبہ ماڻهو تنهنجي جوانيءَ سببان تنهنجي حقارت نہ ڪري، پر تون ايمان وارن جي لاءِ، ڪلام ۽ هلت چلت ۾، محبت، ايمان ۽ پاڪيزگيءَ ۾ نمونو ٿيءُ. 13 جيسين آئون اچان تيسين پڙهڻ، ۽ نصيحت ڪرڻ، ۽ تعليم ڏيڻ ۾ مشغول رهہ. 14 جيڪا بخشش توکي نبوت جي وسيلي، بزرگن جي هٿن رکڻ سان ملي، تنهن کان غافل نہ رهہ. 15 انهن ڳالهين جو خيال رک، انهن ۾ محو رهہ، تہ تنهنجو سڌارو سڀني تي ظاهر ٿئي. 16 پنهنجي، ۽ پنهنجي تعليم جي سنڀال ڪج؛ انهن ڳالهين تي قائم رهندو اچج؛ ڇالاءِ جو ائين ڪرڻ سان تون پاڻ کي توڙي پنهنجي ٻُڌڻ وارن کي بچائيندين. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society