1.سموئيل 31 - Sindhi Bible1 هاڻي فلستي اسرائيل سان وڙهيا: ۽ اسرائيل جا ماڻهو فلستين جي اڳيان ڀڄي ويا ۽ جلبوعہ جبل تي قتل ٿي ڪري پيا. 2 ۽ فلستي سائول ۽ سندس پٽن جي پٺيان پيا، ۽ کين تنگ ڪيائون: ۽ فلستين يونتن ۽ ابينداب، ۽ ملڪيشوع، جي سائول جا پٽ هئا تن کي قتل ڪيو. 3 ۽ جنگ تمام سختيءَ سان سائول جي برخلاف ويئي ۽ تيرانداز وڃي هن کي پهتا؛ ۽ انهن تيراندازن جي ڪري هن کي نهايت گهڻي تڪليف پهتي. 4 تڏهن سائول پنهنجي زرهہ بردار کي چيو، تہ پنهنجي ترار ڪڍ، ۽ منهنجي آرپار لنگهائي ڏي؛ تہ متان هي اڻطهريل اچن، ۽ مون کي ونڌي ڇڏين، ۽ مون کي بي عزت ڪن. پر هن جي زرهہ بردار ائين ڪرڻ نہ گهريو؛ ڇالاءِ جو هو ڏاڍو ڊنو، تنهنڪري سائول پاڻ پنهنجي ترار کنئي ۽ انهي تي ڪري پيو. 5 ۽ جڏهن هن جي زرهہ بردار ڏٺو تہ سائول مري ويو آهي، تڏهن هو پاڻ بہ پنهنجي ترار تي ڪري پيو، ۽ انهي سان گڏ مئو. 6 انهي طرح سائول ۽ سندس ٽيئي پٽ، ۽ سندس زرهہ بردار، ۽ سندس سڀ ماڻهو ساڳئي ڏينهن گڏ مئا. 7 ۽ اسرائيل جا ماڻهو جي واديءَ جي هن پاسي هئا، ۽ اُهي جي يردن جي هن ڀر هئا، تن جڏهن ڏٺو تہ اسرائيل جا ماڻهو ڀڄي ويا آهن، ۽ سائول ۽ سندس پٽ بہ مري ويا آهن، تڏهن هو شهر ڇڏي اُٿي ڀڳا؛ ۽ فلستي اچي انهن ۾ رهڻ لڳا. 8 ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو هيئن ٿيو تہ جڏهن فلستي قتل ٿيل ماڻهن جي لٽڻ لاءِ آيا، تڏهن ڏسن تہ سائول ۽ سندس ٽيئي پٽ جلبوعہ جبل تي مئا پيا آهن. 9 تڏهن هنن انهي جي سسي وڍي ڌار ڪئي، ۽ سندس بت تان زرهہ بہ لاٿائون، ۽ اُهي هنن فلستين جي ملڪ ۾ موڪلي ڏنا، تہ ڀلي سندن بُت خاني، ۽ ماڻهن کي اها خبر ملي. 10 ۽ هنن سندس زرهہ عستارات جي گهر ۾ رکي: ۽ سندس لاش بيت شان جي ديوار تي ٺوڪي قابو ڪيو. 11 ۽ جڏهن يبيس جلعاد جي رهاڪن ٻڌو تہ فلستين سائول سان ڇا ڪيو آهي، 12 تڏهن سڀ بهادر مرد اُٿيا، ۽ ساري رات پنڌ ڪري وڃي سائول جي لاش، ۽ سندس پٽن جا لاشا بيت شان جي ديوار تان لاٿائون؛ ۽ يبيس ۾ اچي انهن کي ساڙي ڇڏيائون. 13 ۽ انهن جون هڏيون کڻي يبيس واري لئيءَ جي وڻ هيٺ دفن ڪيائون، ۽ ست ڏينهن روزو رکيائون. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society