Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

1.سموئيل 29 - Sindhi Bible

1 هاڻي فلستين پنهنجا سڀ لشڪر افيق ۾ آڻي گڏ ڪيا: ۽ اسرائيلين يزرعيل ۾ جيڪو چشمو آهي تنهن جي پاسي ۾ آڻي تنبو هنيا.

2 ۽ فلستين جا سردار سوَن ۽ هزارن سان لنگهي اڳتي ويا: ۽ دائود پنهنجن ماڻهن سميت اڪيس سان گڏ انهن جي پٺيان هليو.

3 تڏهن فلستين جي سردارن چيو تہ هي عبراني هتي ڇا پيا ڪن؟ ۽ اڪيس فلستين جي سردارن کي چيو تہ اهو دائود اسرائيل جي بادشاهہ سائول جو خادم نہ آهي ڇا؟ جو مون سان هيترا ڏينهن ۽ هيترا ورهيہ رهيو آهي، ۽ جڏهن کان هو مون وٽ ڀڄي آيو آهي تڏهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين مون هن ۾ ڪوبہ عيب ڪونہ ڏٺو آهي؛

4 پر فلستين جا سردار هن تي ڪاوڙيا؛ ۽ فلستين جي سردارن هن کي چيو تہ انهي ماڻهو کي موٽائي، تہ هو وري اُنهي هنڌ وڃي جتي تو هن کي مقرر ڪيو آهي، ۽ هو اسان سان جنگ تي نہ هلي، متان جنگ هلندي هو ڦري اسان جو دشمن ٿي پوي: ڇالاءِ جو ڪهڙيءَ طرح هي شخص پنهنجي ڌڻي سان ٺاهہ ڪندو؟ هنن ماڻهن جي سسين سان تہ نہ ڪندو؟

5 هي اُهو دائود ناهي ڇا، جنهن جي نسبت ۾ هو ناچن وقت هڪٻئي کي ڳائي چوندا هئا تہ سائول هزار ماريا آهن، ۽ دائود لک ماريا آهن؟

6 تڏهن اڪيس دائود کي سڏي چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي تہ تون سچو رهيو آهين، ۽ مون سان گڏ تنهنجو لشڪر سان ٻاهر وڃڻ ۽ اندر اچڻ منهنجي نظر ۾ چڱو آهي: ڇالاءِ جو جنهن ڏينهن تون مون وٽ آيو آهين، تنهن ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين مون تو ۾ ڪابہ خرابي ڪانہ ڏٺي آهي: انهي هوندي بہ سردار تو مان راضي نہ آهن.

7 تنهنڪري هاڻي صحيح سلامت موٽي هليو وڃ، متان تون فلستين جي سردارن کي رنج ڪرين.

8 تڏهن دائود اڪيس کي چيو تہ مون ڇا ڪيو آهي؟ ۽ جيترو وقت آءٌ تو وٽ رهيو آهيان، اوتري وقت ۾ اڄ ڏينهن تائين تو پنهنجي ٻانهي ۾ ڇا ڏٺو آهي، جنهنڪري آءٌ پنهنجي ڌڻي بادشاهہ جي دشمنن سان نہ وڃي وڙهان؟

9 ۽ اڪيس دائود کي ورندي ڏيئي چيو تہ مون کي خبر آهي تہ تون منهنجي نظر ۾ خدا جي هڪڙي فرشتي جهڙو چڱو آهين: انهي هوندي بہ فلستين جي سردارن چيو آهي تہ هو اسان سان جنگ تي نہ هلي.

10 تنهنڪري هاڻي صبح جو سوير، پنهنجي ڌڻيءَ جي نوڪرن سان اُٿي، سوجهرو ٿيڻ مهل روانو ٿج.

11 ان موجب دائود پنهنجن ماڻهن سميت صبح جو سوير اُٿيو، انهي لاءِ تہ فلستين جي ملڪ ڏي موٽي وڃي. ۽ فلستي چڙهي يزرعيل ڏي ويا.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ