1.پطرس 1 - Sindhi Bible1 يسوع مسيح جي رسول، پطرس جي طرفان انهن مسافرن ڏانهن جي پنطس، ۽ گلتيہ، ۽ ڪپدڪيا، ۽ آسيا، ۽ بٿنيہ ۾ پکڙيل آهن، 2 ۽ جيڪي خدا پيءُ جي سابق علم موجب چونڊيا ويا آهن، تہ روح جي پاڪ ڪرڻ سان فرمانبردار ٿين، ۽ يسوع مسيح جي رت ڇٽڪارڻ ڪري مخصوص ٿين. شل اوهان تي فضل ۽ اطمينان وڌندو رهي. 3 اسان جي خداوند يسوع مسيح جو خدا ۽ پيءُ مبارڪ هجي، جنهن پنهنجي بيحد رحم سان يسوع مسيح جي مُئلن مان جي اُٿڻ جي ڪري اسان کي زيادہ اُميد جي لاءِ وري نئين سر پيدا ڪيو؛ 4 تہ اسين هڪڙو غير فاني، ۽ بي داغ، ۽ لازوال ورثو حاصل ڪريون، جو خاص اوهان جي لاءِ آسمان ۾ رکيل آهي. 5 ۽ جيڪا نجات آخر زماني ۾ ظاهر ٿيڻ جي لاءِ تيار آهي، تنهن جي لاءِ ايمان جي وسيلي خدا جي قدرت سان اوهان جي حفاظت ٿي ٿئي. 6 انهي جي ڪري اوهين گهڻي خوشي ڪريو، جيتوڻيڪ هاڻي ٿوري وقت لاءِ ضرورت جي سبب اوهان کي آزمائشون سَهڻيون ٿيون پون. 7 انهي لاءِ تہ اوهان جو ايمان، جو باهہ سان پرکيل فاني سون کان زيادہ قيمتي آهي، سو مسيح جي ظاهر ٿيڻ وقت، تعريف ۽ جلال ۽ عزت جي لائق ٿئي. 8 بنا ڏٺي اوهين هن کي پيار ٿا ڪريو؛ ۽ جيتوڻيڪ اوهين هاڻي کيس نٿا ڏسو، تہ بہ ايمان آڻي ايتري گهڻي خوشي ٿا ڪريو جا بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي، ۽ جلال سان ڀرپور آهي. 9 ۽ پنهنجي ايمان جو نتيجو، يعني پنهنجي روحن جي نجات حاصل ٿا ڪريو. 10 انهن نبين، جن انهيءَ فضل جي نبوت ڪئي جو اوهان تي ٿيڻ وارو هو، انهيءَ نجات جي تلاش ۽ تحقيقات ڪئي. 11 ۽ پڇا ڪيائون تہ ڪهڙي شخص يا زماني ڏانهن، مسيح جو روح جو منجهن هو، اشارو ٿو ڪري تہ مسيح ڏک سهندو ۽ پوءِ جلال حاصل ڪندو. 12 ۽ مٿن هيءَ ڳالهہ ظاهر ڪئي ويئي تہ هنن، اهي ڳالهيون پنهنجي لاءِ نہ، پر اوهان جي خدمت لاءِ ٿي ڪيون، جن جي خبر هاڻي اوهان کي انهن جي معرفت ملي، جن انهي پاڪ روح جي وسيلي، جو آسمان مان موڪليو ويو هو، اوهان کي خوشخبري ٻُڌائي، ۽ ملائڪ بہ انهن ڳالهين تي غور ڪرڻ لاءِ خواهشمند آهن. 13 تنهنڪري سمجهہ جو سندرو ٻُڌي هوشيار ٿيو، ۽ انهي فضل جي ڪامل اُميد رکو، جو يسوع مسيح جي ظهور وقت اوهان تي ٿيڻو آهي. 14 فرمانبردار ٻارن وانگر پنهنجي نادانيءَ جي وقت وارين نفساني خواهشن موجب هلت نہ ڪريو؛ 15 پر جيئن اوهان جو سڏڻ وارو پاڪ آهي، تيئن اوهين بہ هر طرح جي هلت چلت ۾ پاڪ ٿيو؛ 16 هن ڪري جو لکيل آهي تہ ”اوهين پاڪ ٿيو؛ ڇالاءِ جو آئون پاڪ آهيان.“ 17 ۽ جيڪڏهن اوهين انهي کي ابو ڪري ٿا سڏيو، جو بنا پاسخاطريءَ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ جي ڪم موجب انصاف ٿو ڪري، تہ پنهنجي مسافريءَ جو وقت خوف ۾ گذاريو. 18 اوهين ڄاڻو ٿا تہ اوهان جي اجائي هلت چلت جا اوهان جي ابن ڏاڏن کان وٺي هلي آئي آهي، تنهن کان اوهان کي فاني شين، يعني سون ۽ چانديءَ جي وسيلي نجات نہ ملي؛ 19 پر هڪڙي بي عيب ۽ بي داغ گهيٽي جي قيمتي رت سان ملي، يعني مسيح جي رت سان. 20 هو دنيا جي شروعات کان اڳي مقرر ٿيو هو، پر اوهان جي خاطر آخري زماني ۾ پڌرو ڪيو ويو. 21 هن جي وسيلي اوهان خدا تي ايمان آندو آهي، جنهن هن کي مُئلن مان جياريو ۽ جلال ڏنائينس؛ انهي لاءِ تہ اوهان جو ايمان ۽ آسرو خدا تي هجي. 22 جڏهن اوهان حق جي تابعداري ڪري پنهنجن روحن کي پاڪ ڪيو تہ ڀائرن سان حقيقي محبت ڪريو، تڏهن دل و جان سان هڪٻئي کي پيار ڪريو. 23 ڇالاءِ جو اوهين فاني ٻج مان نئين سر پيدا نہ ٿيا آهيو، پر غير فاني ٻج مان، يعني خدا جي ڪلام جي وسيلي، جو زندہ ۽ قائم آهي. 24 ڇالاءِ جو ”انسان گاهہ وانگر آهي. گاهہ سُڪي وڃي ٿو ۽ گل ڪِري ٿو پوي، 25 پر خدا جو ڪلام هميشہ تائين قائم رهندو.“ ۽ اهوئي خوشخبريءَ جو ڪلام آهي جو اوهان کي ٻُڌايو ويو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society