1.بادشاهَہ 20 - Sindhi Bible1 ۽ ارام جي بادشاهہ بن هدد پنهنجو سارو لشڪر گڏ ڪيو: ۽ ٻيا ٻٽيهہ بادشاهہ، ۽ گهوڙا ۽ رٿ هن سان هئا: ۽ هن چڙهي وڃي سامريہ کي گهيرو ڪيو ۽ انهيءَ سان وڙهيو. 2 ۽ هن اسرائيل جي بادشاهہ اخي آب ڏي شهر ۾ قاصد موڪليا، ۽ چوائي موڪليائينس تہ بن هدد هيئن ٿو چوي، تہ 3 تنهنجي چاندي ۽ تنهنجو سون منهنجو آهي؛ تنهنجيون زالون ۽ تنهنجا ٻار، جي خوبصورت آهن، سي بہ منهنجا آهن. 4 ۽ اسرائيل جي بادشاهہ ورندي ڏيئي چيو تہ اي بادشاهہ، منهنجا ڌڻي، ائين ئي آهي جيئن تون چوين ٿو؛ آءٌ، ۽ جيڪي بہ مون وٽ آهي، سو سڀ تنهنجو آهي. 5 ۽ قاصدن موٽي اچي چيو تہ بن هدد چوي ٿو تہ تحقيق مون تو ڏي چوائي موڪليو تہ تون پنهنجي چاندي، ۽ پنهنجو سون، ۽ پنهنجون زالون ۽ پنهنجا ٻار مون کي ڏي؛ 6 پر سڀاڻي هن وقت ڌاري آءٌ پنهنجا نوڪر تو ڏي موڪليندس، جي تنهنجي گهر جي تلاشي وٺندا ۽ تنهنجن نوڪرن جي گهرن جي بہ؛ ۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪي بہ تنهنجي نظر ۾ پسند هوندو، اُهو هو پنهنجي هٿ آڻي کڻي هليا ويندا. 7 تڏهن اسرائيل جي بادشاهہ ملڪ جي سڀني بزرگن کي سڏي چيو تہ آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ ڌيان ڏيئي ڏسو تہ هي ماڻهو ڪهڙي نہ حرڪت ڪرڻ ٿو گهري: ڇالاءِ جو هن ماڻهو موڪلي منهنجيون زالون، ۽ منهنجا ٻار، ۽ منهنجي چاندي، ۽ منهنجو سون گهرايو آهي، ۽ مون هن جي ڳالهہ کي نہ موٽايو. 8 ۽ سڀني بزرگن ۽ ٻين سڀني ماڻهن هن کي چيو تہ اها ڳالهہ نہ مڃ ۽ قبول نہ ڪر. 9 تنهنڪري هن بن هدد جي قاصدن کي چيو تہ منهنجي ڌڻي بادشاهہ کي چئو تہ جيڪي تو پهرين پنهنجي ٻانهي ڏي چوائي موڪليو سو آءٌ ادا ڪندس: پر هيءُ ڪم مون کان نہ ٿيندو. ۽ قاصد روانا ٿيا ۽ وري پيغام وٺي آيا. 10 ۽ بن هدد هن ڏي چوائي موڪليو تہ جيڪڏهن سامريہ جي مٽي منهنجي پٺيان ايندڙن سڀني ماڻهن جي مُٺين ڀرڻ لاءِ پوري ٿي سگهي، تہ معبود شل مون سان بہ ائين ڪن، بلڪ انهيءَ کان بہ وڌيڪ. 11 ۽ اسرائيل جي بادشاهہ ورندي ڏيئي چيو تہ انهيءَ کي چئو تہ جيڪو پنهنجيءَ چيلهہ تي هٿيار ٿو ٻڌي، سو انهيءَ وانگر ٻٽاڪ نہ هڻي جو هٿيار لاهي ٿو ڇڏي. 12 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن بن هدد اهو پيغام ٻڌو تڏهن هن ۽ ٻين بادشاهن تنبن ۾ شراب پئي پيتو، انهيءَ وقت هن پنهنجن نوڪرن کي چيو تہ اوهين تيار ٿيو. ۽ هو صفون ٻڌي شهر تي ڪاهي هلڻ لاءِ تيار ٿيا. 13 ۽ ڏس، هڪڙو نبي اسرائيل جي بادشاهہ اخي آب وٽ آيو، ۽ چيائينس تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ تو هي سارو وڏو ميڙ ڏٺو آهي يا نہ؟ ڏس، اهو اڄ آءٌ تنهنجن هٿن ۾ ڏيندس؛ ۽ تون ڄاڻندين تہ آءٌ خداوند آهيان. 14 ۽ اخي آب چيو تہ ڪنهن جي هٿان؟ ۽ هن چيو تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ پرڳڻن جي حاڪمن جي جوان ماڻهن جي هٿان. تڏهن هن چيو تہ جنگ ڪير شروع ڪري؟ هن ورندي ڏني تہ تون. 15 تڏهن هن پرڳڻن جي حاڪمن جا جوان ماڻهو گڏ ڪيا، ۽ اُهي ٻہ سؤ ٻٽيهہ ٿيا: ۽ اُنهن کان پوءِ هن سڀ ماڻهو، يعني سڀ بني اسرائيل گڏ ڪيا، جي ست هزار ٿيا. 16 ۽ اُهي ٻن پهرن جو روانا ٿيا. پر بن هدد ٻين بادشاهن سان گڏ، يعني جن ٻٽيهن بادشاهن هن کي مدد ٿي ڏني، تن سان گڏ تنبن ۾ شراب پي مست پئي ٿيو. 17 ۽ پرڳڻن جي حاڪمن جا جوان ماڻهو پهرين ٻاهر نڪتا؛ ۽ بن هدد پڇائي موڪليو، ۽ هنن چيس تہ ماڻهو سامريہ مان نڪري آيا آهن. 18 ۽ هن چيو تہ ڀلي جي هو صلح جي لاءِ نڪري آيا هجن تہ بہ اوهين هنن کي جيئرو هٿ ڪريو؛ يا جي هو جنگ لاءِ آيا هجن تہ بہ اُنهن کي جيئرو هٿ ڪريو. 19 انهي طرح هي پرڳڻن جي حاڪمن جا جوان ماڻهو شهر مان نڪتا، ۽ لشڪر سندن پٺيان هليو. 20 ۽ انهن مان هر ڪنهن پنهنجي مقابلي ڪندڙ کي ماريو؛ ۽ ارامي اُٿي ڀڳا ۽ اسرائيلي انهن جي پٺيان پيا: ۽ ارام جو بادشاهہ بن هدد گهوڙي تي چڙهي هڪڙي گهوڙي سوار سان گڏ جند ڇڏائي ڀڳو. 21 ۽ اسرائيل جو بادشاهہ ٻاهر نڪري ويو، ۽ وڃي گهوڙن ۽ رٿن کي شڪست ڏنائين، ۽ ارامين ۾ ڏاڍو ڪوس وجهي اُنهن کي ماريائين. 22 پوءِ اُهو بني اسرائيل جي بادشاهہ وٽ آيو ۽ اُنهيءَ کي چيائين تہ وڃي پاڻ کي مضبوط ڪر، ۽ ڌيان ڏيئي ڏس تہ ڇا ٿو ڪرين: ڇالاءِ جو سال جي موٽي اچڻ تي، ارام جو بادشاهہ توتي ڪاهي ايندو. 23 ۽ ارام جي بادشاهہ جي نوڪرن هن کي چيو تہ هنن جو خدا ٽڪرين جو خدا آهي؛ تنهنڪري هو اسان کان ڏاڍا ٿيا: پر هاڻ هلو تہ پاڻ ميدان ۾ هنن سان وڙهون، ۽ يقين آهي تہ اسين هنن کان ڏاڍا ٿينداسين. 24 ۽ هي ڪم ڪر؛ بادشاهن مان هر ڪنهن کي پنهنجي جاءِ تان لاهي اُنهن جي جاءِ تي سردار رک: 25 ۽ جهڙو تنهنجو لشڪر مارجي ويو تهڙو ٻيو لشڪر پنهنجي لاءِ شمار ڪر، گهوڙو گهوڙي جي بجاءِ، رٿ رٿ جي بجاءِ: پوءِ اسين ميدان ۾ هنن سان وڙهنداسين ۽ يقين آهي تہ هنن کان ڏاڍا ٿينداسين. ۽ هن اُنهن جي ڳالهہ مڃي ۽ ائين ئي ڪيائين. 26 ۽ هيئن ٿيو تہ سال جي موٽي اچڻ تي بن هدد ارامي گڏ ڪيا ۽ اسرائيل سان وڙهڻ جي لاءِ افيق ڏي ويو. 27 ۽ بني اسرائيل گڏ ٿي، کاڌي پيتي جو سامان وٺي هنن تي ڪاهي هليا: ۽ بني اسرائيل هنن جي اڳيان ڇيلن جي ٻن ننڍڙن ڌڻن وانگر لٿل هئا؛ پر ارامين سان سارو ملڪ ڀرجي ويو هو. 28 ۽ هڪڙي خدا جي مرد ويجهو اچي اسرائيل جي بادشاهہ کي چيو، تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، ڇالاءِ جو ارامين چيو آهي، تہ خداوند ٽڪرين جو خدا آهي، پر هو وادين جو خدا نہ آهي؛ تنهنڪري هي سارو وڏو لشڪر آءٌ تنهنجن هٿن ۾ ڏيندس، ۽ اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان. 29 ۽ هو ستن ڏينهن تائين هڪ ٻئي جي سامهون منزل ڪيو لٿا پيا هئا. ۽ هيئن ٿيو تہ ستين ڏينهن اچي جنگ لڳي؛ ۽ بني اسرائيل ارامين جا هڪ لک پيادا هڪڙي ڏينهن ۾ ماريا. 30 پر باقي جيڪي بچيا هئا سي افيق ڏي اُٿي ڀڳا، ۽ وڃي شهر ۾ لڪا؛ ۽ ستاويهہ هزار ماڻهو، جي باقي بچيا هئا، تن تي ڀِت ڪِري پيئي. ۽ بن هدد ڀڄي ويو ۽ شهر ۾ اچي هڪڙي اندرينءَ ڪوٺيءَ ۾ لڪو. 31 پر سندس نوڪرن چيس تہ هاڻي ڏس، اسان ٻڌو آهي تہ اسرائيل جي گهراڻي جا بادشاهہ رحم وارا بادشاهہ هوندا آهن: اسين منٿ ٿا ڪريون تہ اسان کي ڇڏ تہ پنهنجن چيلهين تي کٿا ويڙهيون، ۽ پنهنجن مٿن تي رسا ٻَڌون، ۽ پوءِ نڪري اسرائيل جي بادشاهہ وٽ وڃون: شايد هو توکي جيئرو ڇڏي. 32 پوءِ هنن کٿا چيلهين سان ويڙهيا، ۽ رسا پنهنجن مٿن تي ٻڌائون، ۽ اسرائيل جي بادشاهہ وٽ آيا، ۽ چيائونس تہ تنهنجو ٻانهو بن هدد چوي ٿو تہ آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ مون کي جيئرو ڇڏ. ۽ هن چيو تہ اُهو اڃا جيئرو آهي ڇا؟ هو منهنجو ڀاءُ آهي. 33 هاڻي اُهي ماڻهو ڌيان ڏيئي منتظر ٿي بيهي رهيا تہ معلوم ڪن تہ سچ پچ اها سندس دل جي خواهش آهي يا نہ: ۽ هنن چيو تہ تنهنجو ڀاءُ بن هدد. تڏهن هن چيو تہ وڃي انهيءَ کي وٺي اچو. تڏهن بن هدد وٽس نڪري آيو؛ ۽ هن انهيءَ کي رٿ ۾ چاڙهائي آندو. 34 ۽ بن هدد هن کي چيو، تہ جيڪي شهر منهنجي پيءُ تنهنجي پيءُ کان ورتا هئا سي آءٌ موٽائي ڏيندس؛ ۽ تون پنهنجي لاءِ دمشق ۾ اهڙيون گهٽيون جوڙائج جهڙيون منهنجي پيءُ سامريہ ۾ جوڙايون هيون. ۽ اخي آب چيو تہ آءٌ توکي اُنهي انجام سان وڃڻ ڏيندس. ان موجب هن اُنهيءَ سان عهد اقرار ڪيو ۽ هن کي وڃڻ ڏنائين. 35 ۽ نبين جي پٽن مان ڪنهن هڪڙي ماڻهوءَ خداوند جي حڪم سان پنهنجي سنگتيءَ کي چيو تہ ڀلائي ڪري مون کي ڌڪ هڻي مار. پر اُنهيءَ ماڻهو هن کي ڌڪ هڻي مارڻ کان انڪار ڪيو. 36 تڏهن هن اُنهيءَ کي چيو تہ ڇالاءِ جو تو خداوند جو حڪم نہ مڃيو آهي تنهنڪري ڏس، تون مون وٽان نڪرندين تہ هڪدم هڪڙو شينهن توکي ماري وجهندو. ۽ اڃا هو هن وٽان روانو ٿيو تہ هڪڙو شينهن اچي پهتس ۽ اُنهيءَ ماري وڌس. 37 پوءِ هن هڪڙو ٻيو ماڻهو ڏٺو ۽ اُنهيءَ کي چيائين تہ ڀلائي ڪري مون کي ڌڪ هڻي ماري وجهہ. ۽ اُنهيءَ ماڻهو ڌڪ هڻي ڦٽي وڌس. 38 تڏهن اُهو نبي اُٿي هليو ۽ رستي تي بادشاهہ جي لاءِ ترسي بيهي رهيو، ۽ پنهنجين اکين تي پٽڪو رکي پنهنجي شڪل بدلايائين. 39 ۽ جڏهن بادشاهہ اچي لنگهيو تڏهن هن سڏ ڪيس: ۽ چيائينس تہ تنهنجو ٻانهو جنگ جي وچ ۾ گهڙي ويو؛ ۽ ڏس، هڪڙو ماڻهو پاسي تي وڃي هڪڙي ماڻهوءَ کي مون وٽ وٺي آيو ۽ چيائين تہ هن ماڻهوءَ کي قابو ڪر: جيڪڏهن ڪنهن بہ طرح هو گم ٿي ويندو تہ تنهنجي حياتي هن جي حياتيءَ جي عيوض ورتي ويندي، نہ تہ تون هڪڙو چانديءَ جو قنطار ڀري ڏجانءِ. 40 ۽ جڏهن تنهنجو نوڪر هيڏي هوڏي ڪم ۾ لڳو تڏهن هو هليو ويو. ۽ اسرائيل جي بادشاهہ هن کي چيو تہ تنهنجو انصاف بہ اهڙو ئي ٿيندو، تو پنهنجو فيصلو پاڻ ڪيو آهي. 41 ۽ هن تڪڙو ٿي پٽڪو پنهنجين اکين تان لاٿو؛ ۽ اسرائيل جي بادشاهہ هن کي ڏسي سڃاتو تہ هو نبين منجهان آهي. 42 ۽ هن چيس تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ جنهن ماڻهوءَ کي مون مارجڻ لاءِ ٺهرايو هو، تنهن کي تو پنهنجن هٿن مان ڇڏي ڏنو، تنهنڪري تنهنجي حياتي هن جي حياتيءَ جي عيوض ويندي، ۽ تنهنجي قوم هن جي قوم جي عيوض. 43 پوءِ اسرائيل جو بادشاهہ دلگير ۽ رنج ٿي پنهنجي گهر ويو ۽ سامريہ ۾ آيو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society