1.بادشاهَہ 16 - Sindhi Bible1 ۽ خدا جو ڪلام ياهو بن حناني وٽ بعشا جي برخلاف آيو، ۽ چيائين تہ، 2 مون توکي مٽيءَ مان چاڙهي مٿي ڪيو، ۽ پنهنجي قوم اسرائيل تي توکي بادشاهہ ڪيم؛ تہ بہ تون يربعام جي رستي تي هليو آهين، ۽ منهنجي قوم اسرائيل کان گناهہ ڪرايو اٿيئي، جنهنڪري هنن جي گناهن سبب مون کي ڪاوڙ آئي؛ 3 ڏس، آءٌ بعشا ۽ سندس گهراڻي کي بلڪل ٻهاري ڪڍندس؛ ۽ آءٌ تنهنجو گهراڻو يربعام بن نباط جي گهراڻي جهڙو ڪندس. 4 بعشا جو جيڪو بہ ماڻهو شهر ۾ مرندو تنهن کي ڪتا کائيندا، ۽ انهيءَ جو جيڪو ماڻهو جهنگ ۾ مرندو تنهن کي هوا جا پکي کائيندا. 5 هاڻي بعشا جا باقي ٻيا ڪم، ۽ جيڪي هن ڪيو، ۽ هن جي طاقت، اهي سڀ اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ ۾ لکيل نہ آهن ڇا؟ 6 ۽ بعشا پنهنجي ابن ڏاڏن سان گڏ وڃي سُتو، ۽ ترضہ ۾ دفن ڪيو ويو، ۽ سندس پٽ ايلہ سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو. 7 ۽ تنهن کان سواءِ ياهو بن حناني نبيءَ جي هٿان بعشا جي برخلاف ۽ سندس گهراڻي جي برخلاف ڪلام آيو، ڇالاءِ جو هن خداوند جي نظر ۾ گهڻا ئي خراب ڪم ڪيا هئا ۽ پنهنجن هٿن جي ڪم سان هن کي ڪاوڙايو هئائين، ڇالاءِ جو هو يربعام جي گهراڻي جهڙو هو، ۽ هن انهي کي ماريو بہ هو. 8 يهوداہ جي بادشاهہ آسا جي ڇويهين سال ۾، ايلہ بن بعشا جي بادشاهي اسرائيل تي ترضہ ۾ شروع ٿي، ۽ اُنهيءَ ٻہ ورهيہ بادشاهي ڪئي. 9 ۽ هن جو نوڪر زمري، جو سندس رٿن مان اڌ حصي جو داروغو هو، تنهن سندس برخلاف منصوبو ڪيو: هاڻي هو (يعني بادشاهہ) ترضہ ۾ ارضہ جي گهر، جو سندس گهر جي ڪم ڪار جي مٿان رکيل هو، شراب پي مست ٿيو پيو هو. 10 ۽ زمريءَ اندر وڃي هن کي ڌڪ هڻي ماري وڌو، ۽ اهو واقعو يهوداہ جي بادشاهہ آسا جي ستاويهين ورهيہ ۾ ٿيو، ۽ زمري هن جي جاءِ تي بادشاهہ ٿيو. 11 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هو بادشاهي ڪرڻ لڳو تڏهن تخت تي ويهڻ شرط هن بعشا جي ساري گهراڻي کي مارائي ڇڏيو: هن انهيءَ جو هڪڙو ڇوڪر بہ نہ ڇڏيو، نہ سندس مٽن مائٽن جو، ۽ نہ سندس دوستن جو. 12 انهيءَ طرح جيڪو ڪلام خداوند ياهو نبيءَ جي معرفت بعشا جي برخلاف ڪيو هو، تنهن موجب زمريءَ بعشا جو سارو خاندان چٽ ڪري ڇڏيو. 13 هن ڪري جو بعشا ۽ سندس پٽ ايلہ گهڻا گناهہ ڪيا ۽ اسرائيل کان گناهہ ڪرايائون، جنهن ڪري خداوند هن جي اجاين ڪمن سبب ڪاوڙجي پيو. 14 هاڻي ايلہ جا ٻيا ڪم ۽ جيڪي هن ڪيو، سو اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهي ڇا؟ 15 يهوداہ جي بادشاهہ آسا جي ستاويهين ورهيہ ۾ زمري ترضہ ۾ ست ڏينهن بادشاهي ڪئي. هاڻي ماڻهو جبتون جي سامهون منزل ڪري لٿا پيا هئا، جو فلستين جو شهر هو. 16 ۽ جيڪي ماڻهو لٿل هئا تن چوندو ٻڌو تہ زمريءَ منصوبو ڪيو آهي ۽ بادشاهہ کي ماريو بہ اٿس: تنهنڪري سڀني اسرائيلين اُنهيءَ ڏينهن لشڪرگاهہ ۾ سپهہ سالار عمريءَ کي اسرائيل تي بادشاهہ ڪيو. 17 ۽ عمري ساري اسرائيل کي ساڻ ڪري جبتون مان چڙهي ويو، ۽ وڃي ترضہ کي گهيرو ڪيائين. 18 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن زمريءَ ڏٺو تہ شهر وٺجي ويو، تڏهن هو بادشاهہ جي گهر جي قلعي ۾ ويو، ۽ پنهنجي مٿان بادشاهہ جي گهر کي باهہ ڏيئي ساڙيائين، ۽ مري ويو. 19 ڇالاءِ جو هن خداوند جي نظر ۾ خراب ڪم ڪرڻ سان گناهہ ڪيا هئا، ۽ هو يربعام جي رستي تي هليو هو، ۽ اسرائيل کان گناهہ ڪرائڻ سان بہ گناهہ ڪيو هئائين. 20 هاڻي زمريءَ جا باقي ٻيا ڪم ۽ جيڪا بغاوت هن ڪئي، سا اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهي ڇا؟ 21 تنهن کانپوءِ اسرائيل جي قوم ٻن فرقن ۾ ورهائجي ويئي: اڌ قوم تبني بن جينت جي پٺيان لڳي، انهيءَ لاءِ تہ هن کي بادشاهہ ڪن: ۽ اڌ عمريءَ جي پٺيان لڳي. 22 پر جيڪي ماڻهو عمريءَ جي پٺيان لڳا هئا سي انهن تي غالب آيا جي تبني بن جينت جي پٺيان لڳا هئا: انهيءَ طرح تبني مئو، ۽ عمري بادشاهہ ٿيو. 23 يهوداہ جي بادشاهہ آسا جي ايڪٽيهين ورهيہ ۾ عمري اسرائيل جي مٿان بادشاهي ڪرڻ لڳو، ۽ هن ٻارهن ورهيہ بادشاهي ڪئي: ترضہ ۾ هن ڇهہ ورهيہ بادشاهي ڪئي. 24 ۽ هن سمر کان چانديءَ جا ٻہ قنطار ڏيئي سامريہ جو ٽڪر خريد ڪيو؛ ۽ اُنهيءَ ٽڪر تي هن هڪڙو شهر اڏايو، ۽ جيڪو شهر اڏايائين اُنهيءَ تي اُنهيءَ ٽڪر جي مالڪ سمر جي نالي پٺيان سامريہ نالو رکيائين. 25 ۽ عمريءَ اُهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا، ۽ جيڪي ماڻهو کانئس اڳي هئا تن سڀني کان بڇڙي هلت ڪيائين. 26 ڇالاءِ جو هو هر طرح يربعام بن نباط جي رستن تي هليو، ۽ اسرائيل کان گناهہ ڪرائڻ جو گناهہ ڪري، خداوند اسرائيل جي خدا کي اُنهن جي اجاين ڪمن سان ڪاوڙايائين. 27 هاڻي عمريءَ ٻيا جيڪي ڪم ڪيا، ۽ جيڪا بهادري هن ڏيکاري، سا اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهي ڇا؟ 28 نيٺ عمري وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن سان سُتو ۽ سامريہ ۾ دفن ڪيو ويو: ۽ سندس پٽ اخي آب سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو. 29 ۽ يهوداہ جي بادشاهہ آسا جي اٺٽيهين ورهيہ ۾، اخي آب بن عمري اسرائيل تي بادشاهي ڪرڻ لڳو: ۽ اخي آب بن عمري اسرائيل تي سامريہ ۾ ٻاويهہ ورهيہ بادشاهي ڪئي. 30 ۽ خداوند جي نظر ۾ اخي آب بن عمري، جيڪي ماڻهو کانئس اڳي هئا تن کان بہ وڌيڪ بڇڙا ڪم ڪيا. 31 ۽ هيئن ٿيو تہ ڄڻ يربعام بن نباط جي گناهن تي هلڻ هن کي هلڪي ڳالهہ نظر ٿي آئي، جو هن صيدونين جي بادشاهہ اتبعل جي ڌيءَ ايزبل سان شادي ڪئي، ۽ وڃي بعل جي خدمت ڪيائين، ۽ اُنهيءَ کي سجدو ڪيائين. 32 ۽ هن سامريہ ۾ جيڪو بعل جو مندر جوڙايو هو، تنهن ۾ بعل جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ ٺهرايائين. 33 ۽ اخي آب يسيرت جوڙايو؛ ۽ اخي آب اڃا بہ ٻيا ڪم ڪيا جن سان خداوند اسرائيل جي خدا کي ايترو ڪاوڙايائين جيترو اسرائيل جي ٻين بادشاهن نہ ڪاوڙايو هو، جي کانئس اڳي ٿي گذريا هئا. 34 هن جي ڏينهن ۾ حي ايل بيت ايليءَ يريحو اڏايو: هن پنهنجي پهريتي پٽ ابرام تي اُنهيءَ جو بنياد وڌو، ۽ پنهنجي سڀ کان ننڍي پٽ سجوب تي اُنهيءَ جا در بيهاريائين؛ جيئن ڪ خداوند يشوع بن نون جي معرفت ڪلام ڪيو هو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society