Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

1.بادشاهَہ 12 - Sindhi Bible

1 ۽ رحبعام سڪم ڏي ويو: ڇالاءِ جو ساري اسرائيل قوم هن کي بادشاهہ ڪرڻ لاءِ سڪم ۾ آئي هئي.

2 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن يربعام بن نباط اها ڳالهہ ٻڌي، (ڇالاءِ جو هو اڃا مصر ۾ هو، جتي بادشاهہ سليمان جي حضور مان ڀڄي آيو هو، ۽ يربعام مصر ۾ رهندو هو،

3 ۽ هنن ماڻهو موڪلي هن کي گهرائي ورتو؛) تڏهن يربعام ۽ اسرائيل جي ساري جماعت اچي رحبعام کي چيو تہ

4 تنهنجي پيءُ اسان کي سخت پاڃاريءَ هيٺ رکيو هو؛ تنهنڪري هاڻي تون پنهنجي پيءُ وارو سخت پورهيو ۽ جيڪا ڳري پاڃاري اسان تي رکي هئائين، سا هلڪي ڪر تہ پوءِ اسين تنهنجي خدمت چاڪري ڪنداسين.

5 تڏهن هن هنن کي چيو تہ في الحال ٽي ڏينهن هليا وڃو، پوءِ وري مون وٽ اچجو: تنهن تي ماڻهو هليا ويا.

6 ۽ بادشاهہ رحبعام اُنهن پير مردن سان صلاح ڪئي، جي سندس پيءُ سليمان جي حياتيءَ ۾ انهيءَ جي اڳيان بيهندا هئا، ۽ چيائين تہ اوهين مون کي ڪهڙي صلاح ٿا ڏيو تہ هنن ماڻهن کي ڪهڙو جواب ڏيان؟

7 ۽ هنن چيس تہ جيڪڏهن تون اڄ هنن ماڻهن جو خادم ٿيندين، ۽ هنن جي خدمت ڪندين، ۽ ورندي ڏيندين، ۽ هنن سان چڱيون ڳالهيون ڪندين، تہ هو هميشہ لاءِ تنهنجا ٻانها ٿي گذاريندا.

8 پر جيڪا صلاح اُنهن پير مردن هن کي ڏني، سا هن رد ڪئي، پر جيڪي جوان ماڻهو هن سان گڏ پلجي وڏا ٿيا هئا ۽ سندس اڳيان بيهندا هئا، اُنهن سان صلاح مشورت ڪرڻ لڳو.

9 ۽ هنن کي چيائين تہ اوهين ڪهڙي صلاح ٿا ڏيو تہ هي ماڻهو، جن مون کي چيو آهي تہ جيڪا پاڃاري تنهنجي پيءُ اسان تي رکي هئي سا هلڪي ڪر، تن کي ڪهڙو جواب ڏيان؟

10 ۽ جيڪي ماڻهو هن سان گڏ پلجي وڏا ٿيا هئا، تن هن کي چيو تہ اهي ماڻهو جن توکي چيو آهي تہ تنهنجي پيءُ اسان جي پاڃاري ڳري ڪئي آهي، تون اُها اسان جي لاءِ هلڪي ڪر؛ تن کي تون چئُہ تہ منهنجي چيچ منهنجي پيءُ جي چيلهہ کان ٿلهي آهي.

11 ۽ هاڻي جڏهن منهنجي پيءُ اوهان تي ڳري پاڃاري رکي هئي، تڏهن اُها آءٌ اڃا بہ ڳري ڪندس: منهنجو پيءُ اوهان کي چهبڪن سان سزا ڏيندو هو، پر آءٌ اوهان کي وڇن سان سزا ڏيندس.

12 پوءِ يربعام ۽ ٻيا سڀ ماڻهو رحبعام وٽ ٽئين ڏينهن آيا، جيئن ڪ بادشاهہ حڪم ڏنو هون تہ مون وٽ موٽي ٽئين ڏينهن اچجو.

13 ۽ بادشاهہ انهن ماڻهن کي شوخيءَ سان جواب ڏنو، ۽ جيڪا صلاح پير مردن ڏني هيس سا ڇڏي ڏنائين؛

14 ۽ جوان ماڻهن جي صلاح پٺيان هنن کي چيائين تہ منهنجي پيءُ اوهان جي پاڃاري ڳري ڪئي هئي، پر آءٌ پاڻ انهيءَ کان بہ ڳري ڪندس: منهنجي پيءُ اوهان کي چهبڪن سان سزا ٿي ڏني، پر آءٌ اوهان کي وڇن سان سزا ڏيندس.

15 ۽ انهيءَ طرح بادشاهہ هنن ماڻهن جي دانهن نہ ٻڌي؛ ڇالاءِ جو اها ڳالهہ خداوند جي طرفان ٿيل هئي تہ هو پنهنجو ڪلام قائم ڪري، جو خداوند اخياہ سيلاني جي هٿان يربعام بن نباط سان ڪيو هو.

16 ۽ جڏهن ساري اسرائيل قوم ڏٺو تہ بادشاهہ سندس ڳالهہ نہ مڃي تڏهن ماڻهن بادشاهہ کي ورندي ڏيئي چيو تہ اسان جي دائود ۾ ڪهڙي پتي آهي؟ اسان جو يسيءَ جي پٽ ۾ ڪوبہ ورثو ڪونهي: اي اسرائيليو، پنهنجن تنبن ڏي هليا وڃو: هاڻي اي دائود، تون پنهنجي گهر جي نظر ڪج. تڏهن اسرائيلي پنهنجن تنبن ڏي هليا ويا.

17 پر جيڪي بني اسرائيل يهوداہ جي شهرن ۾ رهندا هئا تن تي رحبعام بادشاهي ڪئي.

18 تڏهن بادشاهہ رحبعام ادورام کي موڪليو جو ڀرتي ڪيل ماڻهن جي مٿان هو؛ ۽ سڀني اسرائيلين هن کي پٿر هڻي سنگسار ڪيو: ۽ بادشاهہ رحبعام تڪڙو ٿي پنهنجي رٿ تي چڙهي يروشلم ڏانهن ڀڄي ويو.

19 انهيءَ طرح اسرائيلي دائود جي گهراڻي کان اڄ ڏينهن تائين باغي آهن.

20 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن سڀني اسرائيلين ٻڌو تہ يربعام موٽي آيو آهي، تڏهن هنن اُنهيءَ کي ماڻهو موڪلي جماعت ۾ گهرايو، ۽ اُنهيءَ کي ساري اسرائيل قوم تي بادشاهہ ڪيائون: فقط يهوداہ جي فرقي کان سواءِ ٻئي ڪنهن بہ دائود جي گهراڻي جي پيروي نہ ڪئي.

21 ۽ جڏهن رحبعام يروشلم ۾ آيو تڏهن هن يهوداہ جو سارو گهراڻو ۽ بنيمين جو فرقو، جي هڪ لک اسي هزار چونڊيل ماڻهو جنگي بهادر هئا سي گڏ ڪيا، انهيءَ لاءِ تہ اسرائيل جي گهراڻي سان جنگ ڪري، ۽ بادشاهي وري رحبعام بن سليمان جي هٿ ۾ آڻي.

22 پر خدا جو ڪلام خدا جي ٻانهي سمعياہ وٽ آيو، جنهن چيس تہ

23 يهوداہ جي بادشاهہ سليمان جي پٽ رحبعام کي، ۽ يهوداہ ۽ بنيمين جي ساري گهراڻي کي، ۽ ٻين ماڻهن کي چئُہ تہ

24 خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين چڙهي نہ وڃجو، ۽ نہ پنهنجن ڀائرن بني اسرائيل سان وڙهجو: سڀڪو ماڻهو موٽي پنهنجي گهر وڃي؛ ڇالاءِ جو اهو ڪم منهنجو ڪيل آهي. تڏهن هنن خداوند جو حڪم مڃيو، ۽ خداوند جي ڪلام موجب موٽي پنهنجو رستو وٺي هليا ويا.

25 تنهن کان پوءِ يربعام افرائيم جي ڪوهستان ۾ سڪم اڏي اُتي رهڻ لڳو؛ ۽ اُتان وڃي فنوايل اڏيائين.

26 ۽ يربعام پنهنجي دل ۾ چيو تہ هاڻي بادشاهي موٽي دائود جي گهراڻي ۾ ويندي:

27 جيڪڏهن هي ماڻهو يروشلم ۾ وڃي خداوند جي گهر ۾ قربانيون چاڙهيندا تہ هنن ماڻهن جي دل وري پنهنجي ڌڻيءَ ڏانهن لاڙو رکندي، يعني يهوداہ جي بادشاهہ رحبعام ڏي؛ ۽ مون کي ماري موٽي رحبعام يهوداہ جي بادشاهہ ڏي ويندا.

28 تنهنڪري بادشاهہ صلاح ڪري سون جا ٻہ گابا جوڙيا؛ ۽ ماڻهن کي چيائين تہ يروشلم تائين وڃڻ ۾ اوهان کي گهڻي تڪليف ٿيندي؛ اي اسرائيليو، اِجهو پنهنجا معبود ڏسو، جن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو.

29 ۽ هن هڪڙو بيت ايل ۾ رکيو، ۽ ٻيو دان ۾.

30 ۽ اهو ڪم گناهہ ٿي پيو: ڇالاءِ جو ماڻهو وڃي هڪڙي جي اڳيان، يعني دان ۾، سجدو ڪرڻ لڳا.

31 ۽ هن مٿانهن هنڌن جا گهر جوڙايا، ۽ عام ماڻهن مان ڪاهن مقرر ڪيائين، جي لاوي جي پٽن مان نہ هئا.

32 ۽ اٺين مهيني ۾ پندرهين تاريخ يربعام هڪڙي عيد مقرر ڪئي، جهڙي يهوداہ ۾ عيد ٿيندي هئي، ۽ پاڻ قربانگاهہ تائين چڙهي ويو؛ ساڳيءَ طرح بيت ايل ۾ بہ جيڪي گابا جوڙيا هئائين تن جي اڳيان قربانيون ڪيائين: ۽ بيت ايل ۾ جي مٿانهيون جايون هن ٺهرايون هيون، تن جا ڪاهن مقرر ڪيائين.

33 ۽ اٺين مهيني ۾، يعني جيڪو مهينو هن پنهنجي مرضيءَ موجب مقرر ڪيو، تنهن جي پندرهين تاريخ هو پنهنجي جوڙيل قربانگاهہ تائين چڙهي ويو؛ ۽ بني اسرائيل جي لاءِ هڪڙي عيد مقرر ڪيائين، ۽ قربانگاهہ تي وڃي لوبان ساڙيائين.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ