Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

1.يوحنا 3 - Sindhi Bible

1 ڏسو، پيءُ اسان سان ڪهڙي نہ محبت ڪئي آهي، جو اسين خدا جا ٻار ٿا سڏجون: ۽ اسين آهيون بہ. دنيا اسان کي انهي ڪري نٿي سڃاڻي جو اها کيس بہ سڃاڻي نہ سگهي.

2 اي پيارو، هاڻي اسين خدا جا ٻار آهيون، ۽ اڃا اها ڳالهہ ظاهر ڪانہ ٿي آهي تہ اسين ڇا ٿينداسين. پر ايترو ڄاڻون ٿا تہ جڏهن هو ظاهر ٿيندو، تڏهن اسين بہ ان جهڙا ٿينداسين.

3 ۽ جنهن مٿس اها اُميد رکي آهي، سو پاڻ کي اهڙو پاڪ ڪري جهڙو هو پاڪ آهي.

4 جيڪو گناهہ ٿو ڪري سو بي شرع ڪم ٿو ڪري؛ ۽ گناهہ شرع جي برخلاف آهي.

5 ۽ اوهان کي خبر آهي تہ هو جو ظاهر ٿيو هو، سو انهي لاءِ تہ گناهہ کڻي وڃي؛ ۽ منجهس گناهہ اصل ئي ڪونهي.

6 جيڪو منجهس رهي ٿو، سو گناهہ نٿو ڪري: جيڪو گناهہ ڪري ٿو، تنهن نڪي کيس ڏٺو آهي، نڪي کيس سڃاڻي ٿو.

7 اي منهنجا ننڍڙا ٻارو، متان ڪو اوهان کي گمراهہ ڪري: جيڪو راستبازيءَ جا ڪم ٿو ڪري، سو انهي وانگر راستباز آهي.

8 جيڪو گناهہ ٿو ڪري، سو شيطان مان آهي؛ ڇالاءِ تہ شيطان شروعات کان وٺي گناهہ ڪندو اچي. خدا جو فرزند انهي مطلب لاءِ ظاهر ٿيو تہ هو شيطان جي ڪمن کي برباد ڪري.

9 جيڪو خدا مان نئين سر پيدا ٿيو آهي سو گناهہ نٿو ڪري، ڇالاءِ جو هن جو ٻج منجهس رهي ٿو: ۽ هو گناهہ ڪري ئي ڪين سگهندو، ڇالاءِ جو هو خدا مان پيدا ٿيل آهي.

10 انهي ڪري خدا جا ٻار ۽ شيطان جا ٻار پڌرا ٿا ٿين: جيڪو راستبازيءَ جا ڪم نٿو ڪري، سو خدا مان ناهي، نڪي اهو جو پنهنجي ڀاءُ کي پيار نٿو ڪري.

11 ڇالاءِ جو هي اهوئي پيغام آهي جو شروعات کان وٺي اوهان ٻُڌو، تہ اوهان کي گهرجي تہ هڪٻئي کي پيار ڪريو،

12 نہ قائن وانگر، جو انهي بڇڙي مان هو، ۽ پنهنجي ڀاءُ کي قتل ڪيائين. ۽ هن ڇو انهي کي قتل ڪيو؟ ڇالاءِ جو سندس ڪم برا هئا، ۽ سندس ڀاءُ جا ڪم راستبازيءَ جا هئا.

13 اي ڀائرو، جي دنيا اوهان سان دشمني ٿي رکي تہ عجب ۾ نہ پئو.

14 اسين ڄاڻون ٿا تہ موت مان نڪري زندگيءَ ۾ آيا آهيون، ڇالاءِ جو اسين ڀائرن کي پيار ٿا ڪريون. جيڪو پيار نٿو ڪري سو موت ۾ ٿو رهي.

15 جيڪو پنهنجي ڀاءُ سان دشمني ٿو ڪري، سو خوني آهي: ۽ اوهان کي خبر آهي تہ ڪنهن بہ خونيءَ ۾ هميشہ جي زندگي ڪانهي.

16 انهي مان اسان کي پيار جي خبر پيئي آهي، ڇالاءِ جو هن اسان جي لاءِ پنهنجي جان ڏني: ۽ اسان کي بہ پنهنجن ڀائرن لاءِ جان ڏيڻ گهرجي.

17 پر جنهن وٽ دنيا جو مال آهي، ۽ اهو پنهنجي ڀاءُ کي گهُرج ۾ ڏسي مٿس رحم نٿو ڪري، تنهن ۾ ڀلا خدا جو پيار ڪيئن رهي سگهندو؟

18 اي منهنجا ننڍڙا ٻارو، اسان کي رڳو ڳالهين ۽ زبان جو نہ، پر عملي ۽ سچائيءَ جو پيار ڪرڻ کپي.

19 انهي مان اسان کي خبر پوندي تہ اسين سچ مان آهيون، ۽ سندس حضور ۾ اسان جي دل کي خاطري ملندي.

20 خاص ڪري انهن ڳالهين ۾ جن ۾ اسان جي دل اسان کي ڏوهہ ٿي ڏئي. ڇالاءِ جو خدا اسان جي دل کان وڏو آهي، ۽ سڀني ڳالهين جي خبر اٿس.

21 اي پيارو، جيڪڏهن اسان جي دل اسان کي ڏوهہ نہ ڏيندي، تہ خدا جي حضور ۾ اسان کي همت ٿيندي؛

22 ۽ جيڪي کانئس گهُرنداسين سو هن کان اسان کي ملندو، ڇالاءِ جو اسين سندس حڪم مڃون ٿا، ۽ جيڪي ڪم هن جي نظر ۾ پسند آهن سي ٿا ڪريون.

23 ۽ هن جو حڪم هي آهي تہ اسين سندس فرزند يسوع مسيح جي نالي تي ايمان آڻيون، ۽ هڪٻئي کي پيار ڪريون، جيئن تہ هن اسان کي حڪم ڏنو.

24 ۽ جيڪو هن جي حڪم تي عمل ٿو ڪري، سو هن ۾ قائم ٿو رهي ۽ هو انهي ۾. ۽ انهي مان اسين ڄاڻون ٿا تہ هو اسان ۾ رهي ٿو، يعني انهي روح مان جو هن اسان کي ڏنو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ