Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

1.تواريخ 28 - Sindhi Bible

1 ۽ دائود اسرائيلين جي سڀني سردارن، يعني فرقن جي سردارن، ۽ ٽولين جي منهندارن کي، جي ترتيب وار بادشاهہ جي خدمت ڪندا هئا، ۽ هزارن جي سردارن ۽ سوَن جي سردارن، ۽ بادشاهہ جي ۽ سندس پٽن جي سڀ مال مويشيءَ جي سردارن، ۽ خواجہ سرائن، ۽ بهادر، بلڪ سڀني زبردست بهادر مردن کي يروشلم ۾ گڏ ڪيو.

2 تڏهن دائود بادشاهہ پنهنجي پير اُٿي بيٺو، ۽ چيائين تہ، اي منهنجا ڀائرو، ۽ منهنجي قوم، منهنجي ٻڌو: منهنجي دل ۾ هو تہ خداوند جي عهدنامي جي صندوق لاءِ آرام گاهہ، ۽ پنهنجي خدا جي لاءِ پير رکڻ جي صندلي ٺاهيان؛ ۽ مون انهيءَ جي ٺاهڻ جي تياري بہ ڪئي هئي.

3 پر خداوند مون کي فرمايو تہ تون منهنجي نالي لاءِ گهر ڪين جوڙيندين، ڇالاءِ جو تون جنگي مرد آهين ۽ رت وهايو اٿيئي.

4 تنهن هوندي بہ خداوند اسرائيل جي خدا، مون کي منهنجي پيءُ جي سڄي گهراڻي مان چونڊيو تہ آءٌ هميشہ اسرائيل جو بادشاهہ ٿيان: ڇالاءِ جو هن يهوداہ کي پيشوا ٿيڻ لاءِ چونڊيو آهي؛ ۽ يهوداہ جي گهراڻي مان، منهنجي پيءُ جي گهر کي چونڊيو اٿس؛ ۽ منهنجي سڀني ڀائرن مان هن مون کي پسند ڪيو، تہ مون کي اسرائيل جو بادشاهہ ڪري:

5 ۽ منهنجن سڀني پٽن مان، (ڇالاءِ جو مون کي خدا گهڻيئي پٽ ڏنا آهن،) هن منهنجي پٽ سليمان کي پسند ڪيو تہ هو، اسرائيل جي مٿان خداوند جي بادشاهت جي تخت تي ويهي.

6 ۽ هن مون کي فرمايو، تہ تنهنجو پٽ سليمان، منهنجو گهر ۽ منهنجا ايوان ٺاهيندو: ڇالاءِ جو مون هن کي چونڊيو آهي تہ هو منهنجو پٽ ٿئي ۽ آءٌ سندس پيءُ ٿيندس.

7 ۽ جي هو منهنجن حڪمن ۽ فيصلن جي سنڀال ڪري هميشہ عمل ۾ آڻيندو، جيئن اڄوڪي ڏينهن آهي، تہ آءٌ سندس بادشاهي هميشہ لاءِ قائم ڪندس.

8 تنهنڪري هاڻي ساري اسرائيل، يعني خداوند جي جماعت جي روبرو، ۽ اسان جي خدا جي حضور، اوهين خداوند پنهنجي خدا جي سڀني حڪمن کي مڃيو ۽ انهن جا طالب ٿيو: تہ اوهين هن سٺي ملڪ جا وارث ٿيو، ۽ انهيءَ کي پنهنجي اولاد جي لاءِ هميشہ واسطي ورثي ۾ ڇڏي وڃو.

9 ۽ تون، اي منهنجا پٽ سليمان، پنهنجي پيءُ جي خدا کي سڃاڻ، ۽ پوريءَ دل ۽ روح جي خوشيءَ سان سندس عبادت ڪر: ڇالاءِ جو خداوند سڀني دلين کي پرکي ٿو، ۽ هرڪو خيال جو اُٿي ٿو سو ڄاڻي ٿو: ۽ جي تون هن کي ڳوليندين تہ هو توکي ملندو: پر جي تون هن کي ڇڏي ڏيندين، تہ هو توکي هميشہ لاءِ رد ڪندو.

10 سو خبردار؛ ڇالاءِ جو خداوند توکي چونڊيو آهي، تہ هڪڙو گهر ۽ پاڪ مڪان ٺاهين: تنهنڪري همت جهل ۽ ائين ڪر.

11 تڏهن دائود پنهنجي پٽ سليمان کي هيڪل جي ورانڊي، ۽ انهيءَ جي گهرن، ۽ خزانن، ۽ بالاخانن، ۽ اندرين ڪوٺين، ۽ رحمت جي پوش جي گهر جو نمونو ڏنو:

12 ۽ انهن سڀني شين، يعني خداوند جي گهر جي ورانڊي، ۽ آس پاس جي ڪوٺين، ۽ خداوند جي گهر جي خزانن، ۽ مخصوص ڪيل شين جي خزانن جو نمونو بہ ڏنو، جو هن کي روح جي وسيلي مليو هو:

13 ۽ ڪاهنن ۽ لاوين جي ترتيب، ۽ خدا جي گهر جي عبادت جي سڀ ڪم، ۽ خداوند جي گهر جي عبادت جي سڀني ٿانوَن جو نمونو ڏنو:

14 يعني سون جي باسڻن جي واسطي سون توري، هر طرح جي خدمت جي سڀني باسڻن لاءِ؛ ۽ چانديءَ جي سڀني باسڻن جي واسطي چاندي توري، هر طرح جي خدمت جي سڀني باسڻن لاءِ:

15 ۽ سون جي شمعدانن ۽ انهيءَ جي ڏيئن لاءِ، هڪ هڪ شمعدان واسطي ۽ ان جي ڏيئن واسطي سون توري ڏنو: ۽ چانديءَ جي شمعدانن جي لاءِ هڪ هڪ شمعدان واسطي ۽ انهيءَ جي ڏيئن لاءِ هرهڪ شمعدان جي ڪم موجب چاندي توري ڏني:

16 ۽ نذر جي مانيءَ جي ميزن لاءِ هڪ هڪ ميز جي واسطي سون؛ ۽ چانديءَ جي ميزن لاءِ چاندي توري ڏني:

17 ۽ گوشت جي ڪنڍن ۽ ڪٽورين ۽ پيالن لاءِ نج سون ڏنو: ۽ سونهري ڪٽورن لاءِ هڪ هڪ ڪٽوري لاءِ تور ڏني، ۽ چانديءَ جي پيالن لاءِ هڪ هڪ پيالي لاءِ تور ڏني:

18 ۽ لوبان جي قربانگاهہ لاءِ نج سون توري ڏنو: ۽ رٿ جي نموني، يعني انهن ڪروبين جي لاءِ، جي پر کوليو خداوند جي عهدنامي جي صندوق کي ڍڪيندا هئا، تن لاءِ سون ڏنو:

19 ۽ دائود چيو تہ اهي سڀيئي ڳالهيون، يعني انهيءَ نموني جو ڪم خداوند جي هٿان لکت جي وسيلي مون کي سمجهايو ويو.

20 ۽ دائود پنهنجي پٽ سليمان کي چيو، تہ همت جهل ۽ حوصلي سان اهو ڪم ڪر: ڊڄ نہ، نڪي بي دل ٿيءُ: ڇالاءِ تہ خداوند خدا، يعني منهنجو خدا، تو ساڻ آهي؛ ۽ هو توکي نہ وساري ڇڏيندو نڪي توکي ڇڏي ڏيندو، جيستائين ڪ خداوند جي گهر جي خدمت جو سڄو ڪم پورو ٿئي.

21 ۽ ڏس، ڪاهنن ۽ لاوين جي ترتيب، خداوند جي گهر جي سڄي خدمت جي لاءِ اها آهي: ۽ هر ڪنهن قسم جي خدمت جي لاءِ. ۽ سڀ ڪنهن ڪم ۾ جيڪو رضامند شخص ماهر آهي، سو خوشيءَ سان تنهنجو ساٿ ڏيندو: ۽ لشڪر جا سردار ۽ سڄي قوم تنهنجي حڪم هيٺ ٿيندي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ