1.تواريخ 25 - Sindhi Bible1 انهيءَ کانسواءِ دائود ۽ لشڪرن جي سردارن آسف ۽ هيمان ۽ يدوتون جي پٽن مان ڪن کي خدمت لاءِ ڌار ڪيو، تہ هو بربطن ۽ تنبورن ۽ جهانجهن سان نبوت ڪن: ۽ انهن جو شمار جن انهيءَ ڪم ۾ خدمت ٿي ڪئي: 2 بني آسف مان، زڪور، ۽ يوسف، ۽ نتنياہ، ۽ اسري لاہ، آسف جا پٽ، آسف جي هٿ هيٺ هئا، جو بادشاهہ جي حڪم موجب نبوت ڪندو هو. 3 يدوتون مان: جدلياہ، ۽ ضري، ۽ يسعياہ، حسبياہ، ۽ متتياہ. اهي ڇهہ؛ يدوتون جا پٽ پنهنجي پيءُ يدوتون جي هٿ هيٺ بربط وڄائيندا هئا، جو خداوند جي شڪر ۽ تعريف سان نبوت ڪندو هو. 4 هيمان مان، بقياہ، متنياہ، عزي ايل، سبوايل، يريموت، حنانياہ، حناني، الياتہ، جدالتي، روممتي عزر، يسبقاشہ، ملوتي، هوتير ۽ محازيوت؛ جي هيمان جا پٽ هئا؛ 5 بادشاهہ جي غيب دان هيمان، جو خداوند جي ڪلام لاءِ هو، تنهن جا اهي سڀ پٽ هئا، جي ناد وڄائيندا هئا. ۽ خداوند هيمان کي چوڏهن پٽ ۽ ٽي ڌيئرون ڏنيون. 6 اهي سڀ پنهنجي پيءُ جي هٿ هيٺ خداوند جي گهر ۾ عبادت لاءِ جهانجهن ۽ تنبورن ۽ بربطن سان راڳ ڳائيندا هئا؛ يعني آسف، يدوتون ۽ هيمان بادشاهہ جي حڪم هيٺ هئا. 7 ۽ انهن جو شمار ٻہ سؤ اٺاويهہ هو، جي خداوند جي لاءِ ڳائڻ واسطي سيکاريل ۽ ماهر هئا. 8 ۽ انهن مان ننڍن توڙي وڏن، استاد توڙي شاگرد، سڀني پنهنجي پنهنجي خدمت لاءِ هڪڙي ئي نموني ڪڻا وڌا. 9 هاڻي پهريون ڪڻو آسف لاءِ يوسف جو آيو: ٻيو جدلياہ لاءِ هو، ۽ سندس پٽ ۽ ڀائر ٻارهن هئا: 10 ٽيون زڪور لاءِ، سندس پٽ ۽ ڀائر ٻارهن هئا. 11 چوٿون يضريءَ لاءِ، سندس پٽ ۽ ڀائر ٻارهن هئا. 12 پنجون نتنياہ لاءِ، سندس پٽ ۽ ڀائر ٻارهن هئا. 13 ڇهون بقياہ لاءِ، سندس پٽ ۽ ڀائر ٻارهن هئا. 14 ستون يسري لاہ لاءِ، سندس پٽ ۽ ڀائر ٻارهن هئا. 15 اٺون يسعياہ لاءِ، سندس پٽ ۽ ڀائر ٻارهن هئا. 16 نائون متنياہ لاءِ، سندس پٽ ۽ ڀائر ٻارهن هئا. 17 ڏهون سمعيءَ لاءِ، سندس پٽ ۽ ڀائر ٻارهن هئا. 18 يارهون عزرايل لاءِ، سندس پٽ ۽ ڀائر ٻارهن هئا. 19 ٻارهون حسبياہ لاءِ، سندس پٽ ۽ ڀائر ٻارهن هئا. 20 تيرهون سبوايل لاءِ، سندس پٽ ۽ ڀائر ٻارهن هئا. 21 چوڏهون متتياہ لاءِ، سندس پٽ ۽ ڀائر ٻارهن هئا. 22 پندرهون يريموت لاءِ، سندس پٽ ۽ ڀائر ٻارهن هئا. 23 سورهون حنانياہ لاءِ، سندس پٽ ۽ ڀائر ٻارهن هئا. 24 سترهون يسبقاشہ لاءِ، سندس پٽ ۽ ڀائر ٻارهن هئا. 25 ارڙهون حنانيءَ لاءِ، سندس پٽ ۽ ڀائر ٻارهن هئا. 26 اوڻيهون ملوتيءَ لاءِ، سندس پٽ ۽ ڀائر ٻارهن هئا. 27 ويهون الياتہ لاءِ، سندس پٽ ۽ ڀائر ٻارهن هئا. 28 ايڪيهون هوتير لاءِ، سندس پٽ ۽ ڀائر ٻارهن هئا. 29 ٻاويهون جدالتيءَ لاءِ، سندس پٽ ۽ ڀائر ٻارهن هئا. 30 ٽيويهون محازيوت لاءِ، سندس پٽ ۽ ڀائر ٻارهن هئا. 31 چوويهون روممتي عزر لاءِ، سندس پٽ ۽ ڀائر ٻارهن هئا. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society