Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

1.تواريخ 21 - Sindhi Bible

1 ۽ شيطان اسرائيل جي برخلاف اُٿيو، ۽ دائود کي چوريائين تہ اسرائيل جو شمار ڪري.

2 ۽ دائود يوآب کي ۽ قوم جي سردارن کي چيو، تہ وڃي بيرسبع کان وٺي دان تائين اسرائيل جو شمار ڪريو؛ ۽ مون کي خبر آڻي ڏيو تہ آءٌ ڪل تعداد ڄاڻان.

3 ۽ يوآب چيو تہ خداوند پنهنجيءَ قوم کي سؤ ڀيرا زيادہ وڌائي: پر اي منهنجا ڌڻي بادشاهہ، اهي سڀ منهنجي ڌڻيءَ جا ٻانها نہ آهن ڇا؟ منهنجو ڌڻي بادشاهہ اها ڳالهہ ڪرڻ ڇو ٿو گهُري؟ هو اسرائيل جي لاءِ گناهہ جو سبب ڇو ٿو ٿئي؟

4 انهيءَ هوندي بہ بادشاهہ جي ڳالهہ يوآب جي ڳالهہ کان ڳوري ٿي. جنهنڪري يوآب روانو ٿيو، ۽ ساري اسرائيل ۾ ويو، ۽ يروشلم ۾ آيو.

5 ۽ يوآب ماڻهن جي شمار جو ڪل جوڙ دائود کي ڏنو. ۽ اسرائيل ۾ يارهن لک ترار مار مرد موجود هئا: ۽ يهوداہ ۾ چار لک ستر هزار ترار مار موجود هئا.

6 پر لاوي ۽ بنيمين کي هن انهن ۾ نہ ڳڻيو: ڇالاءِ جو بادشاهہ جو حڪم يوآب جي لاءِ ڪراهت جهڙو هو.

7 ۽ انهيءَ ڳالهہ جي ڪري خدا ناراض ٿيو؛ تنهنڪري هن اسرائيل کي ماريو.

8 ۽ دائود خدا کي چيو، تہ هي ڪم جو مون ڪيو تنهن ۾ مون وڏو گناهہ ڪيو آهي: پر هاڻي، آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ تون پنهنجي ٻانهي جو گناهہ معاف ڪر؛ ڇالاءِ جو مون ڏاڍو بي عقليءَ جو ڪم ڪيو آهي.

9 ۽ خداوند دائود جي غيب دان، جاد کي فرمايو تہ

10 وڃي دائود کي چئُہ تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ آءٌ توکي ٽي شيون ٿو آڇيان؛ انهن مان هڪڙي چونڊي کڻ تہ آءٌ تو سان ائين ڪريان.

11 تڏهن جاد دائود کي اچي چيو تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪا ڳالهہ توکي وڻي سا قبول ڪر؛

12 يا ٽي سال ڏڪار جا؛ يا ٽي مهينا تنهنجي دشمنن جي ترار تو تي غالب پوي ۽ ناس ڪري؛ يا ٽي ڏينهن خداوند جي ترار يعني ملڪ ۾ وبا پوي، ۽ خداوند جو ملائڪ اسرائيل جي سڀني سرحدن تائين تباهي ڪري. هاڻي ويچار ڪري ٻڌاءِ تہ جنهن مون کي موڪليو آهي تنهن کي ڪهڙو جواب موٽائي ڏيان.

13 ۽ دائود جاد کي چيو تہ آءٌ ڏاڍيءَ مشڪلات ۾ آهيان: هاڻي ائين ٿئي تہ خداوند جي هٿ ۾ وڃي پوان؛ ڇالاءِ جو هن جون رحمتون ڏاڍيون وڏيون آهن: ۽ آءٌ شل انسان جي هٿ ۾ نہ پوان.

14 تڏهن خداوند اسرائيل تي وبا موڪلي: ۽ اسرائيل ۾ ستر هزار ماڻهو مري ويا.

15 ۽ خدا هڪڙي ملائڪ کي يروشلم ۾ موڪليو تہ انهيءَ کي ناس ڪري: ۽ جڏهن هو تباهہ ڪرڻ تي هو تہ خداوند ڏٺو، ۽ انهيءَ خرابيءَ کان پنهنجو ارادو بدلايائين؛ ۽ انهيءَ چٽ ڪرڻ واري ملائڪ کي چيائين تہ ڪافي آهي؛ هاڻي پنهنجو هٿ جهل. ۽ خداوند جو ملائڪ اُرنان يبوسيءَ جي اَن ڳاهڻ واري پڙ جي پاسي ۾ بيٺو هو.

16 ۽ دائود مٿي نهاريو ۽ ڏٺائين تہ خداوند جو ملائڪ آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ اُگهاڙي ترار جهليو بيٺو آهي، ۽ سندس هٿ يروشلم تي ڊگهيريل آهي، تڏهن دائود ۽ سڀني بزرگن کٿا ڍڪيا ۽ منهن ڀر ڪِري پيا.

17 ۽ دائود خداوند کي چيو، تہ ائين نہ آهي ڇا تہ مون حڪم ڏنو تہ ماڻهن جو شمار ڪيو وڃي؟ يعني فقط مون ئي گناهہ ڪيو آهي ۽ ڏاڍي ڏنگي هلت هليو آهيان؛ پر هنن رڍن ڇا ڪيو آهي؟ آءٌ عرض ٿو ڪريان، تہ اي خداوند منهنجا خدا، تنهنجو هٿ منهنجي ۽ منهنجي پيءُ جي گهراڻي جي برخلاف هجي ۽ نہ هن قوم جي برخلاف تہ هو وبا ۾ مرن.

18 تڏهن خداوند جي ملائڪ جاد کي حڪم ڏنو تہ دائود کي چوي، تہ دائود اُرنان يبوسيءَ جي اَن ڳاهڻ واري پڙ ۾ چڙهي وڃي ۽ اتي خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙي.

19 ۽ دائود جاد جي چوڻ موجب جيئن خداوند فرمايو هو تيئن مٿي ويو.

20 ۽ ارنان منهن ڦيرائي ملائڪ کي ڏٺو؛ ۽ سندس چار پٽ جي ساڻس هئا تن وڃي پاڻ کي لڪايو. هاڻي اُرنان ڪڻڪ پئي ڳاهي.

21 ۽ جيئن دائود اُرنان ڏانهن ٿي آيو تہ ارنان نگاهہ ڪري دائود کي ڏٺو، ۽ پنهنجي اَن ڳاهڻ واري پڙ مان نڪري دائود جي اڳيان نِوڙي منهن زمين تي رکي تعظيم ڏنائين.

22 تڏهن دائود ارنان کي چيو تہ مون کي پنهنجو اَن ڳاهڻ وارو پڙ ڏي، تہ آءٌ انهيءَ تي خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙيان: تون انهيءَ لاءِ مون کان پوري قيمت وٺ، تہ شل وبا خلق تان ٽري.

23 ۽ اُورنان دائود کي چيو تہ اهو ڀلي وٺ، ۽ جيئن منهنجي ڌڻيءَ بادشاهہ کي وڻي تيئن ڪري: ڏس آءٌ توکي سوختني قربانيءَ جي لاءِ ڏاند، ۽ ڪاٺين جي لاءِ ڳاهڻ جا اوزار، ۽ کاڌي جي قربانيءَ لاءِ ڪڻڪ، سڀ ڏيان ٿو.

24 ۽ دائود بادشاهہ اُرنان کي چيو تہ ائين نہ ٿيندو؛ بلڪ آءٌ حقيقت ۾ ملهہ ڏيئي اهو توکان خريد ڪندس: خداوند جي لاءِ جيڪي تنهنجو آهي سو وٺي، ۽ جنهن سوختني قربانيءَ لاءِ مون قيمت نہ ڏني آهي سا آءٌ ڪين چاڙهيندس.

25 انهيءَ طرح دائود اُرنان کي انهيءَ جاءِ لاءِ ڇهہ سؤ سون جا شيڪل توري ڏنا.

26 پوءِ اُتي دائود خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙي، ۽ سوختني قربانيون ۽ سلامتيءَ جون قربانيون چاڙهي خداوند کان دعا گهريائين؛ ۽ هن کيس آسمان مان سوختني قربانيءَ جي قربانگاهہ تي باهہ موڪلي جواب ڏنو.

27 ۽ خداوند ملائڪ کي حڪم ڏنو؛ ۽ هن پنهنجي ترار موٽائي مياڻ ۾ وڌي.

28 ۽ انهيءَ وقت جڏهن دائود ڏٺو تہ خداوند کيس اُرنان يبوسيءَ جي اَن ڳاهڻ واري پڙ ۾ جواب ڏنو آهي، تڏهن پاڻ اتي قربانيون چاڙهيائين.

29 ڇالاءِ تہ خداوند جو تنبو ۽ سوختني قربانيءَ جي قربانگاهہ، جي موسيٰ بيابان ۾ جوڙيا، سي انهيءَ وقت جبعون جي مٿانهينءَ جاءِ ۾ هئا.

30 پر دائود خداوند کان پڇڻ لاءِ انهيءَ جي اڳيان نہ وڃي سگهيو: ڇالاءِ تہ هو خداوند جي ملائڪ جي ترار کان ڊنو ٿي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ