1.تواريخ 20 - Sindhi Bible1 ۽ هيئن ٿيو تہ بهار جي موسم ۾، جنهن وقت بادشاهہ جنگ تي ويندا آهن، تڏهن يوآب چونڊيل لشڪر وٺي بني عمون جي ملڪ کي ناس ڪيو، ۽ ربہ کي گهيرو ڪيائين. پر دائود پاڻ يروشلم ۾ ترسي پيو. ۽ يوآب ربہ کي شڪست ڏني ۽ ماريو. 2 ۽ دائود انهن جي بادشاهہ جو ڇٽ لاهي ورتو جو وزن ۾ هڪ قنطار سون جو هو ۽ انهيءَ ۾ قيمتي جواهر لڳل هئا؛ ۽ اُهو دائود جي مٿي تي رکيو ويو: ۽ هن شهر جي لٽ مان تمام گهڻو مال آندو. 3 ۽ انهيءَ ۾ جيڪي ماڻهو هئا تن کي هن آڻي ڪرٽن، لوهہ جي ڏاندارين ۽ ڪهاڙين سان وڍي ڇڏيو. ۽ انهيءَ طرح دائود بني عمون جي سڀني شهرن سان ڪيو. ۽ دائود ۽ سڀيئي ماڻهو يروشلم ۾ موٽي آيا. 4 ۽ انهيءَ کان پوءِ هيئن ٿيو تہ جزر وٽ فلستين سان جنگ لڳي: تڏهن سبڪي حوساتيءَ سفيءَ کي قتل ڪيو جو راڪاس جي پٽن مان هو، ۽ انهن شڪست کاڌي. 5 ۽ وري بہ فلستين سان جنگ لڳي: ۽ الحنان بن يعور، لحميءَ کي قتل ڪيو جو جوليت جاتيءَ جو ڀاءُ هو، جنهن جي نيزي جو ٿر ڪوريءَ جي شهتير جهڙو هو. 6 ۽ وري جات ۾ جنگ لڳي، جتي هڪڙو وڏي قد وارو ماڻهو هو، جنهن کي چوويهہ آڱريون هيون، هرهڪ هٿ تي ڇهہ آڱريون ۽ هرهڪ پير تي ڇهہ آڱريون؛ ۽ اهو بہ راڪاسن جي اولاد مان هو. 7 ۽ جڏهن انهيءَ اسرائيل کي هاڪاريو، تڏهن دائود جي ڀاءُ سمعي جي پٽ يونتن انهيءَ کي ڪُٺو. 8 اهي سڀيئي انهيءَ راڪاس کي جات ۾ ڄاوا هئا؛ ۽ اُهي دائود جي هٿان ۽ سندس نوڪرن جي هٿان مارجي ويا. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society