Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

1.تواريخ 17 - Sindhi Bible

1 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن دائود پنهنجي گهر ۾ رهندو هو، تڏهن دائود ناتن نبيءَ کي چيو تہ هاڻي ڏس، آءٌ ديودار جي ڪاٺين مان جوڙيل گهر ۾ ٿو رهان پر خدا جي عهدنامي جي صندوق پڙدن جي هيٺان ٿي رهي.

2 ۽ ناتن دائود کي چيو، تہ جيڪا تنهنجي دل جي مراد هجي سا پوري ڪر؛ ڇالاءِ جو خدا توساڻ آهي.

3 ۽ هيئن ٿيو تہ انهيءَ رات خداوند جو ڪلام ناتن تي نازل ٿيو،

4 تہ وڃي منهنجي ٻانهي دائود کي چئُہ تہ خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ تون منهنجي رهڻ لاءِ گهر نہ جوڙيندين:

5 ڇالاءِ جو جنهن ڏينهن مون اسرائيل کي مٿي آندو، تنهن ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين آءٌ ڪنهن گهر ۾ نہ پئي رهيو آهيان؛ پر هڪڙي تنبوءَ مان ٻئي تنبوءَ ۾، ۽ هڪڙي شامياني مان ٻئي ۾ پئي رهيو آهيان.

6 جن جن جاين تي آءٌ بني اسرائيل سان گڏ پئي هليو آهيان، اُتي مون اسرائيل جي ڪنهن بہ قاضيءَ کي، جنهن کي حڪم ڪيو هوم تہ منهنجي قوم جي سنڀال ڪري، ڪو چيو ڇا تہ اوهان ڇو منهنجي لاءِ ديودار جي ڪاٺيءَ جو گهر نہ جوڙيو آهي؟

7 تنهنڪري هاڻي تون منهنجي ٻانهي دائود کي وڃي چئُہ تہ لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ مون توکي رڍن جي واڙي مان، رڍن جي پٺيان هلڻ کان ڪڍي آندو، انهيءَ لاءِ تہ تون منهنجي قوم اسرائيل جي مٿان سردار ٿين:

8 ۽ جيڏانهن تون ويندو هئين، اوڏانهن آءٌ توسان پئي رهيو آهيان، ۽ تنهنجا سڀ دشمن تنهنجي اڳيان مون وڍي ڇڏيا آهن؛ ۽ آءٌ تنهنجو نالو اهڙو ڪندس جهڙو وڏن ماڻهن جو، جي دنيا ۾ آهن.

9 ۽ پنهنجي قوم اسرائيل جي لاءِ هڪڙي جاءِ مقرر ڪندس، ۽ انهن کي اهڙو ڄمائيندس جو هو پنهنجيءَ جاءِ تي رهندا ايندا ۽ وري اتان نہ چرندا؛ ۽ شرير ماڻهو جيئن اڳي هنن کي ناس ڪندا هئا تيئن وري نہ ڪندا،

10 ۽ جيئن انهن ڏينهن ۾ ٿيندو هو، جڏهن مون قاضي مقرر ڪيا تہ منهنجي قوم اسرائيل تي حڪم هلائين؛ ۽ آءٌ تنهنجن سڀني دشمنن کي شڪست ڏيندس. تنهن کانسواءِ آءٌ توکي چوان ٿو تہ خداوند تنهنجي لاءِ هڪڙو گهر جوڙيندو.

11 ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن تنهنجا ڏينهن پورا ٿيندا، ۽ تون پنهنجن ابن ڏاڏن سان وڃي سمهندين، تڏهن توکان پوءِ جيڪو تنهنجو اولاد تنهنجي پٽن مان ٿيندو، تنهن کي آءٌ کڙو ڪندس، ۽ سندس بادشاهت قائم ڪندس.

12 هو منهنجي لاءِ گهر جوڙيندو، ۽ هن جي بادشاهت هميشہ لاءِ قائم ڪندس.

13 آءٌ هن جو پيءُ ٿيندس ۽ هو منهنجو پٽ ٿيندو: ۽ آءٌ پنهنجي رحمت هن تان کڻي نہ ويندس جيئن مون انهيءَ تان کنئي جو توکان اڳي هو:

14 پر آءٌ پنهنجي گهر ۾، ۽ پنهنجي بادشاهت ۾، کيس هميشہ لاءِ قائم ڪندس، ۽ سندس تخت هميشہ لاءِ رهندو.

15 انهن سڀني ڳالهين موجب، ۽ انهيءَ ساري رويا موجب ناتن دائود سان ڳالهايو.

16 تڏهن دائود بادشاهہ اندر لنگهي ويو، ۽ خدا جي حضور ۾ وڃي ويٺو؛ ۽ چوڻ لڳو تہ اي خداوند خدا، آءٌ ڪير آهيان ۽ منهنجو گهراڻو ڇا آهي جو تو مون کي هن درجي تائين آندو آهي؟

17 تہ بہ اي خدا، اها ڳالهہ تنهنجي نظر ۾ خسيس هئي؛ پر تو پنهنجي ٻانهي جي گهراڻي بابت آئيندہ جي گهڻي عرصي تائين ذڪر ڪيو آهي، اي خداوند خدا، تو مون کي وڏي ماڻهوءَ جي درجي موجب سمجهيو آهي.

18 ۽ انهيءَ بابت جا عزت تنهنجي ٻانهي کي ملي آهي، دائود وڌيڪ ٻيو ڇا چوي؟ ڇالاءِ جو تون پنهنجي ٻانهي کي ڄاڻين ٿو.

19 اي خداوند، تو پنهنجي ٻانهي جي خاطر ۽ پنهنجيءَ دل موجب هي سڀ وڏا ڪم ڪيا آهن، تہ هي سڀ وڏيون ڳالهيون ظاهر ٿين.

20 اي خداوند، تو جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي، ۽ جيڪي اسان پنهنجن ڪنن سان ٻڌو آهي، ان موجب تو کانسواءِ ٻيو ڪوبہ خدا نہ آهي.

21 ۽ دنيا ۾ تنهنجي قوم اسرائيل جهڙي ٻي ڪهڙي قوم آهي، جنهن کي خداوند وڃي ڇڏائي پنهنجي قوم ڪيو، تہ تون پنهنجيءَ قوم جي سامهون، جنهن کي تو مصر مان ڇڏايو، غير قومن کي پري ڪري، وڏن ۽ خوفناڪ ڪمن سان پنهنجو نالو ڪڍين؟

22 ڇو جو تو پنهنجيءَ قوم اسرائيل کي هميشہ لاءِ پنهنجي خاص قوم ڪئي؛ ۽ تون خداوند، سندن خدا ٿئين.

23 ۽ هاڻي اي خداوند، جيڪو ڪلام تو پنهنجي ٻانهي جي نسبت ۾، ۽ سندس گهراڻي جي نسبت ۾ ڪيو آهي، سو هميشہ لاءِ قائم ڪر، ۽ جيئن چيو اٿيئي، تيئن ڪر.

24 ڀلي تہ تنهنجو نالو قائم ۽ عظيم ٿئي، ۽ چيو وڃي تہ لشڪرن جو خداوند اسرائيل جو خدا آهي، يعني اسرائيل لاءِ خدا: ۽ تنهنجي ٻانهي دائود جو گهراڻو تنهنجي اڳيان قائم آهي.

25 ڇالاءِ جو اي منهنجا خدا، تو پنهنجي ٻانهي کي ظاهر ڪري ٻڌايو تہ تون سندس لاءِ هڪڙو گهر جوڙيندين: تنهنڪري تنهنجي ٻانهي جي دل ۾ آيو تہ توکان دعا گهري.

26 ۽ هاڻي، اي خداوند، تون خدا آهين، ۽ تو اُنهيءَ چڱيءَ ڳالهہ جو پنهنجي ٻانهي سان واعدو ڪيو آهي:

27 ۽ هاڻي توکي قبول پيو آهي تہ پنهنجي ٻانهي جي گهر کي برڪت ڏين، تہ اهو تنهنجي اڳيان هميشہ تائين قائم رهي: ڇالاءِ جو، اي خداوند، تو برڪت ڏني آهي، ۽ تنهنڪري اُهو هميشہ لاءِ مبارڪ آهي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ