1.تواريخ 14 - Sindhi Bible1 ۽ حيرام، صور جي بادشاهہ، دائود ڏي قاصد موڪليا، ۽ ديودار جا وڻ، ۽ رازا، ۽ واڍا بہ، انهيءَ لاءِ تہ سندس لاءِ هڪڙو گهر جوڙين. 2 ۽ دائود ڄاتو تہ خداوند کيس اسرائيل تي بادشاهہ مقرر ڪيو آهي، ڇالاءِ جو هن سندس بادشاهي پنهنجي قوم اسرائيل جي خاطر بلند ڪئي هئي. 3 ۽ دائود يروشلم ۾ وڌيڪ زالون پرڻيو: ۽ دائود کي زيادہ پٽ ۽ ڌيئرون ٿيڻ لڳيون. 4 ۽ يروشلم ۾ جيڪي ٻار هن کي ڄاوا، تن جا نالا هي آهن؛ سموع ۽ سوباب، ناتن ۽ سليمان؛ 5 ۽ ابحار، ۽ السوع، ۽ الفالط؛ 6 ۽ نوجہ، ۽ نفجہ، ۽ يفيعہ؛ 7 ۽ اليسمع، ۽ بعليدع، ۽ اليفالط. 8 ۽ جڏهن فلستين ٻڌو تہ دائود کي مسح ڪري ساري اسرائيل جو بادشاهہ ڪيو اٿن، تڏهن سڀ فلستي دائود جي تلاش ۾ ٻاهر نڪتا: ۽ دائود اها ڳالهہ ٻڌي ۽ نڪري انهن جي سامهون آيو. 9 هاڻي فلستين اچي رفائيم جي واديءَ ۾ ڦرلٽ ڪئي هئي. 10 ۽ دائود خدا کان پڇيو تہ آءٌ فلستين تي چڙهي وڃان يا نہ؟ ۽ تون انهن کي منهنجن هٿن ۾ ڏيندين يا نہ؟ ۽ خداوند هن کي چيو تہ تون چڙهي وڃ؛ ڇالاءِ جو آءٌ هنن کي تنهنجن هٿن ۾ ڏيندس. 11 تڏهن هو بعل پراضيم ۾ آيا ۽ دائود اُتي هنن کي شڪست ڏني؛ ۽ دائود چيو تہ خدا منهنجن دشمنن کي منهنجي هٿان پاڻيءَ جي بند ڀڄڻ وانگي ڀڃي وڌو آهي. تنهنڪري هن انهيءَ هنڌ جو نالو بعل پراضيم رکيو. 12 ۽ هنن پنهنجا معبود اُتي ڇڏيا؛ ۽ دائود حڪم ڏنو، جنهن موجب هنن انهن کي باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيو. 13 پوءِ فلستين انهيءَ واديءَ ۾ وري ٻيو ڀيرو ڦرلٽ ڪئي. 14 ۽ دائود وري بہ خدا کان پڇيو، ۽ خدا چيس تہ تون هنن جي پٺيان متان وڃين: هنن کان ڦري پاسو ڪر، ۽ توت جي وڻن جي سامهون هنن تي ڪاهي اچ. 15 ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن تون توت جي وڻن جي چوٽين تان ماڻهن جي هلڻ جو آواز ٻڌين، تڏهن جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري اچج: ڇالاءِ جو خدا فلستين جي لشڪر کي شڪست ڏيڻ لاءِ تنهنجي اڳيان اُٿي هليو آهي. 16 ۽ دائود ائين ڪيو جيئن خداوند حڪم ڏنو هوس: ۽ هنن فلستين جي لشڪر کي جبعون کان وٺي جزر تائين شڪست ڏني. 17 ۽ دائود جي ناموس سڀني ملڪن ۾ پکڙجي ويئي، ۽ خداوند هن جو خوف سڀني قومن تي وڌو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society