Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

ذڪرياہ 5 - Muslim Sindhi Bible


چمڙي جي اڏامندڙ ويڙهوٽي واري رويا

1 مون وري رويا ڏٺي، جنهن ۾ چمڙي جو هڪڙو ويڙهوٽو اڏامندي ڏٺم.

2 رويا سمجھائڻ واري ملائڪ مون کان پڇيو تہ ”تون ڇا ٿو ڏسين؟“ مون وراڻيو تہ ”آءٌ چمڙي جو هڪڙو ويڙهوٽو اڏامندي ڏسان ٿو، جنهن جي ڊيگھہ نَوَ ميٽر ۽ ويڪر ساڍا چار ميٽر آهي.“

3 تڏهن هن مون کي سمجھايو تہ ”انهيءَ ويڙهوٽي ۾ لعنت لکيل آهي، جيڪا بني اسرائيل جي سڄي ملڪ ۾ پکڙجڻ واري آهي. ان ويڙهوٽي جي هڪ پاسي تي لکيل آهي تہ هر چور کي تڙي ڪڍيو ويندو، جڏهن تہ ان جي ٻئي پاسي تي لکيل آهي تہ ڪوڙ تي قسم کڻڻ وارو هر هڪ ماڻهو تڙيو ويندو.

4 قادر‌مطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ’آءٌ اهو ويڙهوٽو انهيءَ لاءِ ٿو موڪليان تہ اها لعنت چور توڙي منهنجي نالي تي ڪوڙو قسم کڻندڙ جي گھرن ۾ گھڙي. اها انهن جي گھرن ۾ رهندي ۽ سندن گھرن کي اهڙيءَ طرح تہ ناس ڪري ڇڏيندي جو انهن ۾ ڪاٺيون توڙي پٿر بہ سلامت نہ رهندا.‘“


گُندڙي ۾ عورت واري رويا

5 تڏهن رويا سمجھائڻ واري انهيءَ ملائڪ اڳتي وڌي اچي مون کي چيو تہ ”نهاري ڏس تہ هي جيڪا شيءِ اچي رهي آهي سا ڇا آهي.“

6 مون پڇيو تہ ”اهو ڇا آهي؟“ هن وراڻيو تہ ”اهو گُندڙو آهي، جنهن ۾ سڄي ملڪ جي ماڻهن جي ڪيل بڇڙائي پيل آهي.“

7 پوءِ جڏهن انهيءَ گُندڙي جو شيهي وارو ڍڪ مٿي کنيو ويو تہ ڇا ڏسان تہ انهيءَ ۾ هڪڙي عورت ويٺي آهي.

8 ملائڪ چيو تہ ”اها ئي بڇڙائي آهي.“ پوءِ هن انهيءَ عورت کي گُندڙي ۾ هيٺ ڌڪي شيهي جو ڍڪ مٿان ڏيئي ڇڏيو.

9 وري جو نهاريان تہ ڇا ڏسان تہ ٻہ عورتون آهن، جن کي لقلق پکيءَ جهڙا پر آهن. اهي هوا ۾ اڏامنديون اچي رهيون هيون. پوءِ مون ڏٺو تہ اهي انهيءَ گُندڙي کي کڻي هوا ۾ اڏامي هليون ويون.

10 تڏهن مون انهيءَ ملائڪ کان پڇيو تہ ”انهيءَ گُندڙي کي هو ڪيڏانهن کڻي ٿيون وڃن؟“

11 هن وراڻيو تہ ”هو انهيءَ گُندڙي کي بابل ملڪ ڏانهن کڻي ٿيون وڃن، جتي هڪڙو پوڄا گھر ٺاهي انهيءَ ۾ هڪڙي دِڪيءَ تي اهو گُندڙو رکيو ويندو، انهيءَ لاءِ تہ ان جي پوڄا ڪئي وڃي.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ