Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

رومين 14 - Muslim Sindhi Bible


مضبوط ۽ ڪمزور ايمان وارا

1 جنهن جو ايمان ڪمزور آهي تنهن کي قبول ڪريو ۽ شڪ شبهي بابت ساڻس بحث نہ ڪريو.

2 هڪڙو ماڻهو مڃي ٿو تہ هر ڪا شيءِ کائڻ جائز آهي، پر ٻئي جو ايمان ڪمزور آهي سو رڳو ڀاڄي ٿو کائي.

3 جيڪو سڀ ڪجھہ کائي ٿو سو نہ کائڻ واري کي گھٽ نہ سمجھي ۽ جيڪو نہ ٿو کائي سو کائڻ واري تي ڪابہ تهمت نہ هڻي، ڇاڪاڻ تہ خدا ٻنهي کي قبول ڪيو آهي.

4 سو تون ڪير ٿيندو آهين جو ڪنهن ٻئي جي نوڪر تي تهمت ٿو هڻين؟ انهيءَ کي قبول ڪرڻ يا نہ ڪرڻ جي فيصلي جو اختيار سندس مالڪ کي ئي آهي ۽ اهو قبول ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ تہ سندس مالڪ کيس قبول پوڻ جي لائق بڻائي سگھي ٿو.

5 ڪو ماڻهو سمجھي ٿو تہ فلاڻو ڏينهن ٻين ڏينهن کان وڌيڪ خاص آهي، جڏهن تہ ٻئي ماڻهوءَ لاءِ سڀ ڏينهن هڪجهڙا آهن. هر ڪنهن کي پنهنجي پنهنجي خيال تي پختو رهڻ گھرجي.

6 جيڪڏهن ڪو ڪنهن ڏينهن کي سڀاڳو ٿو سمجھي تہ هو خداوند عيسيٰ جي لاءِ ائين ٿو سمجھي ۽ جيڪو گوشت ٿو کائي سو بہ خداوند عيسيٰ جي واسطي کائي ٿو، ڇاڪاڻ تہ هو انهيءَ لاءِ خدا جو شڪر ادا ٿو ڪري. پر جيڪو نہ ٿو کائي سو بہ خداوند عيسيٰ جي واسطي نہ ٿو کائي ۽ هو بہ انهيءَ لاءِ خدا جو شڪر ادا ٿو ڪري.

7 سو اسان مان ڪوبہ پنهنجي لاءِ نہ ٿو جيئي، نڪي پنهنجي لاءِ ٿو مري.

8 هائو، جيڪڏهن اسين جيئون ٿا تہ خداوند عيسيٰ جي خاطر ۽ جي مرون ٿا تہ بہ خداوند عيسيٰ جي خاطر. سو اسين جيئون توڙي مرون تہ بہ خداوند عيسيٰ جا ئي آهيون.

9 مسيح انهيءَ لاءِ ئي مري ويو ۽ وري جيئرو ٿي اٿيو تہ جيئن هو مئلن توڙي جيئرن ماڻهن جو مالڪ ٿئي.

10 تہ پوءِ تون پنهنجي ڪنهن هم‌ايمان تي تهمت ڇو ٿو هڻين؟ يا وري انهيءَ کي گھٽ ڇو ٿو سمجھين؟ اسين تہ سڀ جو سڀ خدا جي اڳيان پيش ڪيا وينداسين ۽ اهو ئي فيصلو ڪندو،

11 جيئن پاڪ ڪلام ۾ خداوند فرمايو آهي تہ ”آءٌ خدا پنهنجي حياتيءَ جو قسم کڻي چوان ٿو تہ هر گوڏو منهنجي اڳيان جھڪندو، ۽ هر زبان مون خدا جي واکاڻ ڪندي.“

12 مطلب تہ اسان مان هر هڪ خدا کي پنهنجو پنهنجو حساب ڏيندو.

13 تنهنڪري اسان کي گھرجي تہ اڳتي هڪٻئي کي ڏوهاري قرار نہ ڏيون، بلڪ اهو فيصلو ڪري ڇڏيون تہ اسان مان ڪوبہ ماڻهو ڪنهن ٻئي لاءِ ڪا اهڙي ڳالهہ نہ ڪندو، جيڪا سندس ٿاٻو کائڻ يا گمراهہ ٿي وڃڻ جو سبب بڻجي.

14 آءٌ ڄاڻان ٿو ۽ خداوند عيسيٰ جي وسيلي مون کي يقين آهي تہ اهڙي ڪابہ شيءِ نہ آهي جيڪا خود حرام هجي. پر جيڪڏهن ڪنهن شيءِ کي ڪو حرام سمجھي ٿو تہ پوءِ اها انهيءَ جي لاءِ حرام آهي.

15 سو جيڪڏهن تنهنجي ڪجھہ کائڻ ڪري تنهنجي ڪنهن ڀاءُ ڀيڻ کي رنج پهچي ٿو تہ پوءِ تون پيار جي اصولن تي نہ ٿو هلين. تون پنهنجي کاڌي جي ڪري انهيءَ شخص کي برباد نہ ڪر، جنهن جي خاطر مسيح پنهنجي جان ڏني آهي.

16 تنهنڪري اهو احتياط ڪر تہ جنهن شيءِ کي تون چڱو ٿو سمجھين تنهن کي ٻيا خراب نہ سمجھندا هجن.

17 ياد رک، خدا جي بادشاهي کائڻ پيئڻ تي مدار نہ ٿي رکي، بلڪ اها سچائيءَ، ڀائيچاري ۽ انهيءَ خوشيءَ تي ٻڌل آهي جيڪا اسان ۾ پاڪ روح جي هئڻ ڪري آهي.

18 سو جيڪو بہ اهڙي نموني مسيح جي خدمت ٿو ڪري، اهو خدا کي پسند آهي ۽ ماڻهن کي بہ قبول آهي.

19 پوءِ اچو تہ اسين اهڙا ڪم ڪندا رهون، جن سان ڀائيچارو پيدا ٿئي ۽ هڪٻئي جي ايمان کي وڌائي سگھون.

20 اوهين کاڌي جي ڪري خدا جي ڪم کي برباد نہ ڪريو. بيشڪ سڀ شيون پاڪ آهن، پر جنهن شيءِ جي کائڻ ڪري ڪو ٻيو ماڻهو گمراهہ ٿئي ٿو تہ کائڻ واري ماڻهوءَ لاءِ اها شيءِ خراب آهي.

21 چڱو تہ ائين ٿيندو جو اوهين نہ گوشت کائو، نڪي مئي پيئو ۽ نہ وري ڪو اهڙو ڪم ڪريو، جنهن جي ڪري اوهان جو ڪو ڀاءُ ڀيڻ گمراهہ ٿئي.

22 اهڙين ڳالهين بابت اوهان جو جيڪو اعتقاد آهي سو اوهان جي ۽ خدا جي وچ ۾ رهي، يعني اهو پنهنجيءَ دل ۾ ئي رکو. سڀاڳو آهي اهو ماڻهو جيڪو پاڻ کي انهيءَ ڪم جي ڪرڻ سان ڏوهاري قرار نہ ٿو ڏياري، جيڪو سندس نظر ۾ مناسب آهي.

23 پر جيڪو ڪنهن شيءِ ۾ شڪ رکندي بہ اها کائيندو تہ اهو ڏوهاري ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ هو اها شيءِ جائز هجڻ جي اعتقاد سان نہ ٿو کائي ۽ جيڪي ڪجھہ اعتقاد سان نہ ڪيو وڃي سو گناهہ آهي.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ