Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

زبور 83 - Muslim Sindhi Bible


بني اسرائيل جي دشمنن لاءِ شڪست جي دعا
(آسف جي زبورن ۾ شامل، هڪ گيت)

1 اي خدا! تون ماٺ نہ ڪر، اي خدا! تون خاموش نہ رهہ، هائو، چپ ڪري نہ ويهہ.

2 ڏس، تنهنجا دشمن هُل هنگامو پيا مچائين. هائو، جيڪي تو سان عداوت رکن ٿا تن سرڪشي ڪئي آهي.

3 اهي تنهنجي قوم جي خلاف ٺڳيءَ جا ٺاهہ ٿا ٺاهين، هائو، تنهنجي پناهہ ۾ رهندڙن خلاف سازشون ٿا سِٽين.

4 هو هيئن چون ٿا تہ ”اچو تہ بني اسرائيل قوم کي اهڙو برباد ڪري ڇڏيون، جو انهيءَ جو ڪو وجود ئي نہ رهي، ۽ نہ وري سندن ڪو ذڪر ٿئي.“

5 اي خدا! انهن پاڻ ۾ يڪمشت ٿي سازش ڪئي آهي، هائو، انهن پاڻ ۾ گڏجي تنهنجي خلاف عهد ڪيو آهي.

6 انهن ۾ ادوم ملڪ جا رهندڙ ۽ بني اسماعيل شامل آهن، ان کان علاوہ موآبي ۽ هاجر قبيلي وارا پڻ.

7 جِبل علائقي وارا، عمون وارا ۽ ساڻن گڏ عماليقي بہ آهن، ان کان علاوہ صور شهر ۽ فلستي علائقي جا رهاڪو پڻ.

8 اشور ملڪ وارا بہ اچي انهن سان گڏيا آهن. اهي لوط جي اولاد موآبين ۽ عمونين جو ساڄو هٿ اچي بڻيا آهن.

9 اي خدا! انهن کي اهڙو برباد ڪر، جيئن تو مديانين کي ڪيو هو. هائو، جيئن قيسون جي برساتي نهر جي ڀرسان يابين بادشاهہ ۽ سندس سپهہ‌سالار سِيسرا کي برباد ڪيو هوءِ.

10 اهي عين‌دور واريءَ جاءِ تي برباد ٿي ويا هئا، ڄڻڪ زمين جو گند ڪچرو ٿي ويا هئا.

11 تون اسان جي دشمن اميرن کي عوريب ۽ زئيب سردارن جهڙو شڪست‌خوردہ ڪر. هائو، سندن سڀني حاڪمن کي زبح ۽ ضلمنع سردارن جهڙو ڪر،

12 جن سازش ڪئي هئي تہ هو اسان بني اسرائيل جي سرزمين کي پنهنجي قبضي ۾ آڻين، جيڪا تو خدا جي ڌڻ جي چراگاهہ مثل آهي.

13 اي منهنجا خدا! تون انهن دشمنن کي واچوڙي جي مٽيءَ وانگر ڪري ڇڏ. جيئن واءُ بُهہ کي اڏائي ٿو ڇڏي تيئن تون کين اڏائي ڇڏ.

14 جيئن باهہ ٻيلي کي ساڙيندي ويندي آهي، هائو، جيئن شعلو جبل جي ٻوٽن کي باهہ لڳائيندو ٿو وڃي،

15 تيئن تون پنهنجي واچوڙي سان سندن پيڇو ڪر. پنهنجي خوفناڪ طوفان سان تون انهن ۾ هيبت وجھہ.

16 اي خداوند! تون انهن کي اهڙو خوار خراب ڪر، جو اهي تنهنجي نالي جي عظمت جا قائل بڻجي وڃن.

17 شل اهي هميشہ ذلت ۽ پريشانيءَ ۾ هجن، بلڪ انهيءَ ذلت جي حالت ۾ ئي تباهہ وَ برباد ٿي وڃن،

18 تان‌تہ اي خداوند! اهي ڄاڻي وٺن تہ رڳو تون خدا تعاليٰ ئي سڄي ڌرتيءَ جو حاڪمِ‌اعليٰ آهين.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ