زبور 64 - Muslim Sindhi Bibleايذائيندڙن کان بچاءُ لاءِ دعا (استاد موسيقار لاءِ، دائود جي زبورن ۾ شامل) 1 اي خدا! منهنجو فرياد ٻڌ. تون مون کي خوفناڪ دشمنن کان محفوظ رک. 2 مون کي بڇڙن جي ڳجھين سازشن کان محفوظ رک، ۽ بدڪارن جي شر ۽ فساد کان مون کي لڪائي ڇڏ. 3 اهي پنهنجيون زبانون تلوار جهڙيون تکيون ٿا ڪن، بلڪ سخت لفظن جا تير هڻڻ لاءِ پنهنجا تيرڪمان ڇڪين ٿا، 4 ۽ تاڙ ڪري اوچتو ئي بيڏوهن کي تير ٿا هڻن، ۽ ڪنهن کان بہ نہ ٿا ڊڄن. 5 هو بڇڙن ڪمن ڪرڻ جي لاءِ هڪٻئي کي همتائين ٿا. اهي ڳجھيءَ طرح سان ڦندو وجھڻ لاءِ منصوبا ٿا جوڙين، ۽ هيئن چون ٿا تہ ”اسان کي ڪير ٿو ڏسي سگھي؟“ 6 اهي بڇڙائيءَ وارا منصوبا جوڙين ٿا ۽ چون ٿا تہ ”اسان جيڪا سازش سِٽي آهي سا بلڪل مڪمل آهي.“ بيشڪ جيڪي ڳالهيون انسان جي دل ۽ دماغ اندر آهن، تن کي ڪو ٻيو ڄاڻي نہ ٿو سگھي. 7 مگر خدا انهن کي پنهنجي تيرن سان چُٽيندو، ۽ پوءِ اوچتو ئي اوچتو اُهي ڦهڪو ڪري ڪرندا. 8 سندن ئي زبان سندن برباديءَ جو سبب بڻبي، ۽ پوءِ جيڪو بہ انهن کي ڏسندو، سو حيرت وچان پنهنجو ڪنڌ ڌوڻيندو. 9 تڏهن سڀيئي ماڻهو ڊڄندا ۽ خدا جا اهي ڪم بيان ڪندا، ۽ چڱيءَ طرح سان سندس انهن ڪمن تي غور ڪندا. 10 سچار ماڻهو خداوند جي انهن ڪمن تي خوشيون ملهائيندا. انهن کي خدا جي پناهہ حاصل ٿيندي، ۽ اهي سڀيئي دل جا سچار مٿس فخر ڪندا. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society