Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

زبور 52 - Muslim Sindhi Bible


دغاباز زبان
(استاد موسيقار لاءِ. دائود پنهنجو هي زبور تڏهن چيو جڏهن دوئيگ ادوميءَ وڃي سائول کي ٻڌايو تہ ” دائود اخيملڪ جي گھر ۾ داخل ٿيو آهي.“)

1 اي زورآور ظالم! تون بڇڙائيءَ تي ڇو ٿو فخر ڪرين؟ جڏهن تہ رڳو خدا جي رحمت ئي دائمي آهي.

2 تنهنجي زبان بڇڙائيءَ جا منصوبا پيئي جوڙي. اها پاڪيءَ جيان تکي آهي ۽ دغابازيءَ سان پيئي هلي.

3 تون ڀلائيءَ کان وڌيڪ بڇڙائيءَ کي پسند ڪرين ٿو. هائو، تون سچ کان وڌيڪ ڪوڙ کي پسند ڪرين ٿو.

4 اي دغاباز زبان وارا! تون ظلم واري ڳالهہ ٻولهہ ڪرڻ کي پسند ٿو ڪرين.

5 تنهنڪري خدا تو کي هميشہ جي لاءِ برباد ڪري ڇڏيندو. هو تنهنجي گھر مان تو کي پڪڙي ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪندو، بلڪ دنيا منجھان ئي تنهنجي پاڙ پٽي ڪڍندو.

6 سچار ماڻهو تنهنجو حال ڏسي عبرت حاصل ڪندا. پوءِ اهي تو تي کلندا ۽ تنهنجي لاءِ هيئن چوندا تہ

7 ”ڏسو، هي اهو ماڻهو آهي، جنهن خدا کي پنهنجي پناهہ‌گاهہ نہ بڻايو، بلڪ پنهنجي گھڻيءَ دولت تي ئي ڀروسو رکيائين، ۽ پنهنجي بڇڙائيءَ ۾ پڪو ٿي ويو.“

8 پر آءٌ خدا جي گھر ۾ زيتون جي سرسبز وڻ وانگر آهيان. منهنجو ڀروسو هميشہ تائين خدا جي دائمي شفقت تي آهي.

9 اي خدا! تو جيڪي ڪجھہ ڪيو آهي، تنهن لاءِ آءٌ تنهنجو سدائين شڪرگذار رهندس. آءٌ تنهنجي نيڪ بندن جي اڳيان تنهنجي چڱي نالي جي تعريف پيو ڪندس.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ