Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

زبور 51 - Muslim Sindhi Bible


معافيءَ لاءِ دعا
(استاد موسيقار لاءِ. دائود پنهنجو هي زبور ان وقت چيو، جڏهن بت‌سبع سان سندس زنا بابت ناتن نبيءَ اچي کيس ڳالهايو هو.)

1 اي خدا! پنهنجي دائمي شفقت سبب مون تي پنهنجو رحم ڪر. تون پنهنجي گھڻي رحم سبب منهنجو هر گناهہ مِٽائي ڇڏ.

2 تون منهنجي بڇڙائيءَ کي چڱيءَ طرح مون مان ڌوئي ڪڍ. منهنجي گناهہ کان مون کي صاف سٿرو ڪري ڇڏ.

3 بيشڪ آءٌ پنهنجا ڏوهہ باسيان ٿو، منهنجا گناهہ هميشہ منهنجي سامهون آهن.

4 مون رڳو تنهنجو ئي گناهہ ڪيو آهي، مون اهڙو ڪم ڪيو آهي جيڪو تنهنجي نظر ۾ برو آهي. سو تون مون تي فتويٰ ڏيڻ ۾ سچار ثابت ٿيندين، ۽ جڏهن تون عدالت ڪندين تہ تو تي ڪو الزام نہ ايندو.

5 ڏس، آءٌ پنهنجيءَ پيدائش کان وٺي بڇڙائيءَ ۾ ورتل هئس، بلڪ آءٌ تڏهن بہ گنهگار هئس جڏهن ماءُ جي پيٽ پيس.

6 ڏس، تون باطن جي سچائيءَ کي پسند ٿو ڪرين، تنهنڪري باطن منجھہ ئي مون کي دانائي سيکار.

7 مون کي صاف ڪري اهڙو پاڪ ڪري ڇڏ، جيئن قربانيءَ جي رت مان زوفا ٻوڙي ڪنهن کي ڇٽڪاري پاڪ ڪجي ٿو. تون مون کي اهڙو ڌوئي صاف ڪر جيئن آءٌ کير کان بہ اڇو ٿيان.

8 مون سان خوشيءَ ۽ سرهائيءَ جون ڳالهيون ڪر، تان‌تہ آءٌ خوش ٿيان توڙي جو تو مون کي دٻائي پيڙيو آهي.

9 هاڻي تون منهنجي گناهن کي درگذر ڪر، ۽ منهنجيون سڀيئي بديون ميٽي ڇڏ.

10 اي خدا! منهنجي اندر ۾ هڪڙي پاڪ دل پيدا ڪر، ۽ منهنجي باطن ۾ نئين سر مستقيم روح وجھي ڇڏ.

11 تون مون کي پنهنجي حضور مان لوڌي نہ ڪڍ، ۽ مون کان پنهنجو پاڪ روح پري نہ ڪر.

12 تون مون کي پنهنجي نجات واري خوشي وري عطا ڪر، ۽ راضپي وارو روح عطا ڪر تہ پوريءَ طرح فرمانبردار رهان.

13 پوءِ آءٌ ڏوهارين کي تنهنجيون واٽون سيکاريندس، تہ جيئن اهي گنهگار تو آڏو توبهہ‌تائب ٿين.

14 اي خدا! اي منهنجا نجات ڏيندڙ! مون کي خون واري ڏوهہ کان ڇڏاءِ. پوءِ منهنجي زبان تنهنجي ان سچائيءَ جا گيت ڳائيندي.

15 اي منهنجا ڌڻي! تون منهنجي چپن کي کول، تہ منهنجي زبان سدائين تنهنجي واکاڻ ڪري.

16 تون نہ ڪنهن نذراني کان نڪي ساڙڻ واري قرباني پيش ڪرڻ کان خوش ٿو ٿئين، نہ تہ آءٌ اهي ئي پيش ڪريان.

17 اي خدا! منهنجو نماڻو روح تو لاءِ منهنجي قرباني آهي. اي خدا! تون نماڻي ۽ پشيمان دل کي حقير نہ ٿو ڄاڻين.

18 اي خدا! پنهنجي ڪرم سان صيئون کي خوشحال ڪر، ۽ سندس ڪوٽ کي نئين سر تعمير ڪر.

19 پوءِ تون شريعت مطابق ڪيل قربانين کان خوش ٿيندين. هائو، ساڙڻ واري قربانيءَ کان، جيڪا پوريءَ طرح پيش ڪئي ويندي، ائين تنهنجي قربان‌گاهہ تي وهڙن کي قربان ڪيو ويندو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ