Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

زبور 45 - Muslim Sindhi Bible


شاهاڻي شاديءَ جو گيت
(استاد موسيقار لاءِ هدايت: هي ”سوسن“ جي سُر تي ڳايو وڃي. بني قورح جي زبورن ۾ شامل)

1 منهنجي دل هڪڙي چڱي مضمون سان ٽمٽار آهي. مون بادشاهہ بابت جيڪو گيت ٺاهيو آهي سو بيان ڪريان ٿو. منهنجي زبان ماهر ڪاتب جي قلم وانگر آهي.

2 اي بادشاهہ! بني آدم ۾ تون سڀني کان سهڻو آهين. تنهنجي زبان لطافت سان ڀرپور آهي، جنهن ڪري خدا هميشہ جي لاءِ تو کي برڪت وارو بڻايو آهي.

3 اي زور وارا! تون پنهنجي تلوار پنهنجيءَ چيلهہ سان ٻڌ، جيڪا تنهنجي حشمت ۽ تنهنجو شان آهي.

4 سچائيءَ ۽ حلم ۽ انصاف جي خاطر، تون پنهنجي شان وَ شوڪت ۽ فتحمنديءَ سان سوار ٿيءُ، ۽ پنهنجي زورآور هٿ سان هيبتناڪ ڪم ڏيکار.

5 تو بادشاهہ جا تير تکا آهن، سو اهي پنهنجي دشمنن جي دلين ۾ هڻي ڪڍ، تان‌تہ سڀيئي قومون اچي تنهنجي پيرن ۾ ڪِرن.

6 تنهنجي تخت کي خدا هميشہ هميشہ لاءِ قائم ڪيو آهي. تنهنجي شاهي لٺ عدل وَ انصاف واري لٺ آهي.

7 تون نيڪيءَ سان محبت ۽ بدڪاريءَ کان نفرت ٿو ڪرين، تنهنڪري خدا، هائو، تنهنجي خدا خوشيءَ وارو تيل کڻي ٻين سڀني بادشاهن کان وڌيڪ تنهنجي مٿان پئٽيو آهي.

8 تنهنجي شاهي لباس مان مُر، عود ۽ املداس جي خوشبوءِ پئي اچي. عاج سان سينگاريل محلاتن اندر تار وارن سازن جو آواز تو کي خوشي ڏئي ٿو.

9 تنهنجي درٻار جي عورتن ۾ بادشاهزاديون پڻ آهن. نج سون سان سينگاريل تنهنجي ڪنوار تنهنجي ساڄي پاسي بيٺي آهي.

10 اي بادشاهہ جي ڪنوار! اي منهنجي ڌيءَ! ڪن ڏيئي ٻڌ، هائو، تون غور سان منهنجي ڳالهہ ٻڌ. تون پنهنجي قوم ۽ پنهنجي پيءُ جي گھر کي وساري ڇڏ.

11 جيئن تہ بادشاهہ تنهنجو ڌڻي آهي، سو تو کي سندس فرمانبرداري ڪرڻ کپي. هو تنهنجي سونهن جو مشتاق ٿيندو.

12 صور شهر جا باشندا نذرانا آڻي تو آڏو حاضر ٿيندا، بلڪ قومن جا دولتمند ماڻهو تنهنجي حمايت جا طالبو ٿيندا.

13 بيشڪ بادشاهہ جي ڪنوار، جيڪا محلات جي اندر پنهنجي ڪمري ۾ آهي، سا ڪيڏي نہ حسن‌سراپا آهي! کيس شاديءَ جي زربفت پوشاڪ پهريل آهي.

14 کيس ڀرت ڀريل پوشاڪ ڍڪائي بادشاهہ جي حضور ۾ آندو ٿو وڃي. سندس پٺيان جيڪي نوجوان سهيليون آهن، سي بہ ساڻس گڏ اچن ٿيون.

15 جڏهن اهي بادشاهہ جي محل ۾ داخل ٿين ٿيون، تڏهن هر ڪو نهايت خوش ۽ سرهو ڏسڻ ۾ پيو اچي.

16 اي بادشاهہ! تنهنجي ابن ڏاڏن جي جاءِ تي تنهنجا پٽ تخت‌نشين ٿيندا. تون انهن کي روءِ‌زمين تي سردار مقرر ڪندين.

17 منهنجي گيت جي وسيلي تنهنجو نالو سڀني پيڙهين تائين ياد رهندو، انهيءَ ڪري قومون سدائين تنهنجي واکاڻ ڪنديون رهنديون.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ