زبور 32 - Muslim Sindhi Bibleگناهن جي معافي (دائود جي زبورن ۾ شامل) 1 اهي انسان سڀاڳا آهن، جن جي خطا بخش ڪئي ويئي آهي. بيشڪ اهي سڀاڳا آهن جن جو گناهہ معاف ڪيو ويو آهي. 2 اهي انسان سڀاڳا آهن، جن جي بدڪاري خداوند ليکي ۾ نہ ٿو آڻي. بيشڪ اهي سڀاڳا آهن جن جي دل ۾ ڪا ئي ٺڳي ڪانهي. 3 اي خداوند! مون بہ جيستائين تو آڏو پنهنجيون خطائون نہ باسيون، تيستائين سڄو سڄو ڏينهن دانهون ڪندي آءٌ ايترو تہ ڪمزور ٿي ويس، جو ڄڻ منهنجيون هڏيون بہ ڳري ويون. 4 جيئن تہ تنهنجو ڳرو هٿ رات ڏينهن منهنجي مٿان هو، سو منهنجي طاقت منهنجي جسم مان ائين ويندي رهي، جيئن اونهاري جي گرمي پاڻيءَ کي سڪائي ڇڏيندي آهي. 5 تڏهن مون سوچيو تہ ”آءٌ خداوند آڏو پنهنجي سڀني گناهن جو اقرار ڪندس.“ پوءِ مون تو وٽ پنهنجا گناهہ باسيا، ۽ تو کان پنهنجي ڪا بڇڙائي ڪين لڪايم. تڏهن تو منهنجي هر بڇڙائي مون کي معاف ڪري ڇڏي. 6 اهڙيءَ طرح هر ڪنهن نيڪ بندي کي تنگيءَ جي وقت تي تو کان دعا گھرڻ کپي، تڏهن تڪليفن جو وڏو سيلاب بہ انهن تائين پهچي ڪين سگھندو. 7 اي خداوند! مون کي بہ تون تڪليفن کان بچائين ٿو، ڇاڪاڻ تہ منهنجي جاءِپناهہ تون ئي آهين. تون منهنجي چوڌاري نجات جا گيت ڳارائين ٿو. 8 تو خداوند مون کي فرمايو تہ ”آءٌ تنهنجي رهنمائي ڪندس، ۽ تو کي هلڻ جو رستو ڏيکاريندس. آءٌ تو کي صلاح ڏيندو رهندس، منهنجي نظر تنهنجي مٿان ئي رهندي. 9 تون گھوڙي ۽ خچر وانگر بيسمجھہ نہ ٿيءُ، جن کي پنهنجي قابوءَ ۾ رکڻ لاءِ لغام ۽ واڳ وجھبي آهي، تانتہ اهي تابعداريءَ ۾ رهن.“ 10 اي سچارؤ! ڏسو، بدڪار ماڻهن جي سر تي گھڻيون ئي مصيبتون اينديون آهن، پر جن جو ڀروسو خداوند تي آهي، تن کي چوڌاري رحمتون گھيرو ڪيو ٿيون رهن. 11 سو خداوند جي ڪم کان سرها ٿيو ۽ خوشي ڪريو. هائو، اوهين جيڪي دل جا سچا آهيو سي خوشيون ملهايو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society