Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

زبور 31 - Muslim Sindhi Bible


مصيبت جي وقت دعا
(استاد موسيقار لاءِ، دائود جي زبورن ۾ شامل)

1 اي خداوند! آءٌ تنهنجي پناهہ ٿو وٺان، مون کي شرمندو ٿيڻ نہ ڏجانءِ. پنهنجي سچائيءَ جي خاطر تون مون کي بچائي وٺجانءِ.

2 تون مون ڏانهن پنهنجو ڪن ڏيئي سگھو ئي مون کي ڇڏائي وٺجانءِ. تون مون لاءِ مضبوط محافظ ۽ منهنجي پناهہ‌گاهہ ٿجانءِ.

3 تون ئي تہ منهنجو محافظ ۽ منهنجو قلعو آهين. پنهنجي نالي جي سچائيءَ موجب منهنجي اڳواڻي ۽ رهبري ڪجانءِ.

4 مون لاءِ جيڪو ڳجھيءَ طرح ڄار پکيڙيو اٿن، تنهن کان مون کي بچائي وٺجانءِ، ڇاڪاڻ تہ تون منهنجي جاءِ‌پناهہ آهين.

5 اي خداوند، سچائيءَ جا خدا! تون مون کي ڇڏائي وٺجانءِ. آءٌ پنهنجو پاڻ کي تنهنجي هٿن ۾ ٿو سونپيان.

6 انهن ماڻهن کان مون کي نفرت آهي، جيڪي ڪُوڙن معبودن کي مڃين ٿا، پر اي خداوند! منهنجي توڪل رڳو تو تي آهي.

7 تنهنجي دائمي شفقت جي ڪري، آءٌ خوشي ڪندس ۽ سرهو ٿيندس، ڇوجو مصيبت جي وقت تي تو ئي منهنجي ڏکن تي ڌيان ڏنو آهي.

8 تو مون کي دشمن جي هٿ قيدي بڻائي نہ رکيو آهي، بلڪ تو مون کي آزادي عطا ڪئي آهي.

9 اي خداوند! مون تي رحم ڪر، ڇوجو آءٌ ڏکن ۾ آهيان. روڄ راڙي سبب منهنجيون اکيون ويهجي ويون آهن، ۽ سڄو جسم ڳري ويو اٿم.

10 منهنجي حياتي غم ۾ ۽ عمر آهون ڀريندي گذري ويئي آهي. ڏکن سببان منهنجي طاقت گھٽجي ويئي آهي. ايتري قدر جو منهنجيون هڏيون بہ ڳري ويون آهن.

11 مون کان نہ رڳو دشمن نفرت ڪن ٿا، بلڪ دوست بہ مون کان حقارت ٿا ڪن. منهنجا واقف منهنجي حالت ڏسي ڊڄيو ٿا وڃن. جڏهن هو مون کي واٽ تي ڏسن ٿا، تڏهن مون کان ڀڄي پاسو ٿا ڪن.

12 سڀني مون کي مري ويلن وانگر پنهنجيءَ دل تان لاهي ڇڏيو آهي. هاڻ تہ آءٌ ڄڻ هڪ ڀڳل ٿانوَ جيان ڦٽو ڪيو ويو آهيان.

13 گھڻا ئي دشمن منهنجي خلاف گڏجي سازشون ڪن ٿا، ۽ منهنجي مارڻ لاءِ منصوبا ٿا ٺاهين. آءٌ کين سس پس ڪندي ٻڌان ٿو، سو مون کي هر پاسي کان ڊپ آهي.

14 پر اي خداوند! منهنجي تو تي پوري توڪل آهي، تڏهن تہ آءٌ ائين ٿو چوان تہ ”منهنجو خدا تون ئي آهين.“

15 منهنجي حياتي تنهنجي ئي هٿ ۾ آهي، سو مون کي جيڪي دشمن ستائين ٿا، تن جي هٿان تون ڇڏائي وٺجانءِ.

16 تون پنهنجي هن ٻانهي تي ٻاجھہ واري نظر ڪر، ۽ پنهنجي دائمي شفقت سان مون کي بچاءِ.

17 اي خداوند! آءٌ تو کان دعا ٿو گھران تہ تون مون کي شرمندو ٿيڻ نہ ڏجانءِ، بلڪ بدڪار ئي خوار خراب ٿين. تون کين خاموش ڪرائي قبر داخل ڪجانءِ.

18 انهن سڀني ڪوڙن جا وات بند ڪري ڇڏ، جيڪي سچارن خلاف غرور ۽ نفرت وچان گستاخيءَ سان ڳالهائين ٿا.

19 اي خداوند! تنهنجي ڀلائي ڪيڏي نہ عظيم آهي! جيڪا تو پنهنجي تعظيم ڪرڻ وارن لاءِ گڏ ڪري رکي آهي، ۽ جيڪا تو ماڻهن آڏو پنهنجي پناهہ ۾ آيلن تي ظاهر ڪئي آهي.

20 تون انهن کي انساني سازشن کان بچائي پنهنجي حضور ۾ حفاظت سان ٿو رکين. تون انهن کي ماڻهن جي تهمتن کان لڪائي پنهنجي پناهہ ۾ ٿو رکين.

21 اي خداوند! بيشڪ تون سڳورو آهين. جڏهن آءٌ گھيري هيٺ آيل شهر وانگر وڪوڙجي ويو هئس، تڏهن تو ئي مون تي پنهنجي دائمي شفقت ڪئي.

22 ان وقت آءٌ گھٻرائجي ويو هئس ۽ سوچيو هئم تہ ”آءٌ تنهنجي نظر کان ڪڍيو ويو آهيان.“ پوءِ بہ جڏهن مون تو کي پڪاريو، تڏهن تو منهنجيون منٿون ٻڌي ورتيون.

23 اي خداوند جا نيڪ بندؤ! سڀيئي ساڻس پيار ڪريو. هو وفادارن جي حفاظت ڪري ٿو، پر جيڪي مغرور آهن تن کي جوڳي سزا سان بدلو ڏئي ٿو.

24 اوهين سڀيئي جيڪي خداوند ۾ اميد رکو ٿا، سي بلڪل نہ گھٻرايو، بلڪ پنهنجيءَ دل کي همتايو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ