Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

زبور 27 - Muslim Sindhi Bible


واکاڻ جي دعا
(دائود جي زبورن ۾ شامل)

1 خداوند منهنجي روشني ۽ منهنجو بچاءُ آهي. پوءِ ڇو آءٌ ڪنهن کان ڊڄان؟ خداوند منهنجي جاءِ‌پناهہ آهي. پوءِ ڇو آءٌ ڪنهن جو ڊپ رکان؟

2 جڏهن بہ بدڪار يعني منهنجا دشمن ۽ ويري منهنجو ماس کائڻ لاءِ مون تي چڙهي اچن ٿا، تڏهن هو ٿاٻا کائي ڪرن ٿا.

3 توڙي جو ڪو لشڪر اچي منهنجي چوڌاري گھيرو ڪندو، تڏهن بہ منهنجيءَ دل کي ڪو خوف نہ ٿيندو. توڙي جو منهنجي مٿان ڪا جنگ اچي ڪڙڪندي، تڏهن بہ منهنجي توڪل خدا تي ئي رهندي.

4 آءٌ خداوند کي رڳو هڪڙو عرض ٿو ڪريان، جيڪو آءٌ چاهيندو ٿو رهان. منهنجو عرض اهو آهي تہ سڄي ڄمار آءٌ سندس گھر ۾ رهان، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ خداوند جو جمال پسان، ۽ سندس هيڪل ۾ سندس ئي طلب ۾ رهان.

5 مصيبت جي وقتن تي هو مون کي پنهنجي مقدس خيمي ۾ پناهہ ڏيندو، ۽ مون کي خيمي جي پردي اندر لڪائي رکندو. هو مون کي ٽڪر جي چوٽيءَ تي چاڙهي حفاظت ۾ رکندو.

6 سو منهنجا دشمن جيڪي منهنجي چوڌاري آهن، تن تي آءٌ غالب پوندس. تڏهن مقدس خيمي اندر آءٌ خوشيءَ جي نعرن سان قربانيون ڪندس. آءٌ ڳائيندي وڄائيندي خداوند جو حمد وَ ثنا ڪندس.

7 اي خداوند! آءٌ تو کي ئي پيو پڪاريان، تون منهنجي ضرور ٻڌجانءِ. مون تي پنهنجو رحم ڪري منهنجي مدد ڪجانءِ.

8 جڏهن تو هي فرمايو هو تہ ”اوهين منهنجي ديدار جا طالب ٿيو،“ تڏهن منهنجيءَ دل چيو تہ ”اي خداوند! آءٌ تنهنجو طالب آهيان.“

9 سو تون مون کان پنهنجو منهن نہ موڙ، ۽ ڪاوڙ مان پنهنجي ٻانهي کي پاڻ وٽان لوڌي نہ ڪڍ. تون ئي تہ منهنجو مددگار آهين، مون کي پاڻ کان پري نہ ڪر. اي منهنجا بچائيندڙ خدا! تون مون کي ڇڏي نہ ڏي.

10 توڙي جو منهنجا ماءُ پيءُ مون کي ڇڏي ڏين، تہ بہ اي خداوند! تون منهنجي سار سنڀال لهندين.

11 اي خداوند! مون کي پنهنجي سنئين راهہ ڏيکار. تون دشمنن کان بچائيندي مون کي سڌي رستي تي هلاءِ.

12 تون مون کي دشمنن جي مرضيءَ تي نہ ڇڏجانءِ، ڇاڪاڻ تہ اهي ڪوڙا شاهد ۽ ظلم جا دڙڪا ڏيندڙ منهنجي خلاف اُٿي کڙا ٿيا آهن.

13 مون کي اهو يقين آهي تہ نيٺ آءٌ تو خداوند جي ڀلائي ڏسندس، هائو، جيئرن جي هن دنيا ۾ ئي آءٌ اها ڏسندس.

14 اوهين خداوند تي توڪل رکو، پختا ٿيو ۽ همت نہ هاريو. هائو، اوهين خداوند تي ئي پنهنجي توڪل رکو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ