زبور 24 - Muslim Sindhi Bibleجلال واري بادشاهہ لاءِ گيت (دائود جي زبورن ۾ شامل) 1 ڌرتي ۽ ان جون سموريون شيون خداوند جون آهن. هائو، هي جهان ۽ ان جا رهاڪو سڀ خداوند جا ئي آهن. 2 هن سمنڊن جي تري تائين زمين جو بنياد رکيو آهي، بيشڪ هن انهيءَ کي بحرن جي مٿان قائم ڪيو آهي. 3 اهي ڪير آهن، جيڪي خداوند جي جبل مٿان چڙهي سگھندا؟ اهي ڪير آهن، جيڪي سندس مقدس هيڪل ۾ حاضر ٿي سگھندا؟ 4 رڳو اهي ئي اهو سڀ ڪري سگھندا، جن جا هٿ صاف ۽ دل پاڪ آهي، جن باطل سان دل نہ لڳائي آهي، نڪي وري ڪوڙو قسم کنيو اٿائون. 5 بيشڪ اهي ئي پنهنجي خداوند کان برڪت لهندا، ۽ پنهنجي ڇڏائيندڙ خدا طرفان بيڏوهي قرار ڏنا ويندا. 6 هي اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي خدا جا طالبو آهن، هائو، جيڪي يعقوب جي خدا جي ديدار جا طالبو آهن. 7 اي هيڪل جا دروازؤ! اوهين پنهنجا سردر مٿي ڪريو. هائو، اي قديم دروازؤ! اوهين بلڪل اوچا ٿيو، تانتہ جلال وارو بادشاهہ اندر اچي. 8 هاڻ اهو جلال وارو بادشاهہ ڪير آهي؟ اهو خداوند ئي تہ آهي جيڪو قوي ۽ قادر آهي. اهو خداوند ئي تہ آهي جيڪو جنگ ۾ زورآور آهي. 9 اي هيڪل جا دروازؤ! اوهين پنهنجا سردر مٿي ڪريو. هائو، اي قديم دروازؤ! اوهين بلڪل اوچا ٿيو، تانتہ جلال وارو بادشاهہ اندر اچي. 10 هائو، اهو جلال وارو بادشاهہ ڪير آهي؟ جيڪو خداوند قادرِمطلق آهي سو ئي جلال وارو بادشاهہ آهي. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society