Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

زبور 20 - Muslim Sindhi Bible


بادشاهہ جي فتح لاءِ دعا گھرڻ
(استاد موسيقار لاءِ، دائود جي زبورن ۾ شامل)

1 اي بادشاهہ! شل مصيبت جي ڏينهن تي خداوند تنهنجي ٻُڌي! هائو، يعقوب جو خدا شل تو کي سلامت رکي!

2 شل خداوند مقدس جاءِ مان تو ڏانهن مدد موڪلي! صيئون جي جبل منجھان شل هو تو کي زور بخشي!

3 شل هو تنهنجيون ساڙڻ واريون قربانيون دل تي ياد رکي! هائو، شل هو تنهنجا سڀ نذرانا قبول ڪري!

4 شل هو تنهنجيءَ دل جون سموريون مرادون پوريون ڪري! شل هو تنهنجيون سموريون رٿون ڪامياب ڪري!

5 پوءِ اسين تنهنجي فتح تي خوشيون ملهائينداسين، ۽ پنهنجي خدا جي نالي جا جھنڊا بلند ڪنداسين. شل خداوند تنهنجيون سڀيئي دعائون پوريون ڪري!

6 اي خداوند! مون کي پورو يقين آهي تہ تون پنهنجي مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ کي بچائيندين. تون پنهنجي عرش عظيم تي سندس عرض ٻُڌي، کيس پنهنجي زور واري قوت سان فتح بخشيندين.

7-8 ڪي جنگي گھوڙي گاڏين تي ڀروسو ڪن ٿا، ۽ ڪي وري گھوڙن تي، اهڙا ماڻهو شڪست کائيندا ۽ هيٺ ڪيرايا ويندا. پر اي خداوند، اسان جا خدا! اسان جو تو تي ئي ڀروسو آهي، سو اسين فتح حاصل ڪنداسين ۽ قائم رهنداسين.

9 اي خداوند! تون بادشاهہ کي فتح بخش، ۽ اسان جي دعائن کي قبول فرماءِ.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ