زبور 17 - Muslim Sindhi Bibleدشمن کان بچاءَ لاءِ هڪ بيقصور جي دعا (دائود جي زبورن ۾ شامل، هڪ دعا) 1 اي خداوند! حق وارو عرض ٻڌ ۽ منهنجي دانهن تي ڌيان ڏي. منهنجي اها دعا ڪن ڏيئي ٻڌ جيڪا بيريا چپن مان ٿي نڪري. 2 شال منهنجو فيصلو تنهنجي حضور منجھان ئي ٿئي! شال تنهنجيون اکيون مون تي انصاف جي نظر ڪن! 3 ڀل تون منهنجيءَ دل کي آزمائي ڏس، هائو، رات جو اچي مون کي چڪاسي ڏس. ڀل مون کي جاچي ڏس، تون مون ۾ ڪابہ خرابي ڪين لهندين. مون اهو اٽل ارادو ڪيو آهي تہ منهنجي زبان مان برائيءَ جي اهڙي ڪا ڳالهہ نہ نڪري، 4 جيڪا عام انسان جي زبان مان نڪري ٿي. تنهنجي فرمان جي مدد سان مون ظالمن جي واٽن تي هلڻ کان پاڻ کي روڪيو آهي. 5 منهنجا قدم تنهنجيءَ واٽ تي ئي قائم رهيا آهن، ۽ انهيءَ کان ڪڏهن بہ نہ ٿڙيا آهن. 6 اي خدا! آءٌ تو کي سڏيان ٿو جو تون ئي منهنجي ٻڌندين، مون ڏانهن پنهنجو ڪن ڏي ۽ منهنجو عرض ٻڌ. 7 جن کي تون پنهنجي زورآور هٿ سان دشمنن کان بچائين ٿو، هائو، جيڪي تنهنجي پناهہ ٿا وٺن، تن کي پنهنجي عجيب شفقت ڏيکار. 8 اک جي ماڻڪيءَ وانگر تون منهنجي حفاظت ڪج. هائو، مون کي پنهنجي پرن جي پاڇي هيٺ لڪاءِ. 9 مون کي انهن شريرن کان بچاءِ، جيڪي مون تي ظلم ٿا ڪن. هائو، انهن جاني دشمنن کان منهنجي حفاظت ڪر، جيڪي مون کي چوڌاري وڪوڙي ويا آهن. 10 هنن پنهنجين دلين کي سخت بڻائي ڇڏيو آهي، ۽ پنهنجي واتان تڪبر واريون ڳالهيون ٿا ڪن. 11 هاڻ بہ انهن مون کي قدم قدم تي اچي گھيريو آهي، هو مون کي پٽ تي ڪيرائڻ لاءِ تاڙ ڪيو ويٺا آهن. 12 اُهي انهيءَ بگھڙ جيان آهن جيڪو چير ڦاڙ جو ڪوڏيو هجي. هائو، اُهي انهيءَ وحشي بگھڙ جيان آهن، جيڪو شڪار لاءِ ڳجھي هنڌ ڇپ هڻي ٿو ويهي. 13 اي خداوند! اُٿي کڙو ٿيءُ، حملو ڪري انهن کي ڪيرائي وجھہ. پنهنجي تلوار کڻ ۽ مون کي انهن شريرن کان بچاءِ. 14 اي خداوند! پنهنجي قدرت ڏيکاري مون کي انهن کان ڇڏاءِ، هائو، دنيا جي انهن ماڻهن کان، جن جو حصو رڳو هن دنيا ۾ آهي. پر جيڪي شيون تو پنهنجي پيارن لاءِ گڏ ڪري رکيون آهن، تن سان شل اهي ڍاول رهن! سندن ٻچن وٽ ايترو تہ گھڻو ڪجھہ هجي، جو اهي پنهنجن ٻارن لاءِ باقي ڇڏي وڃن. 15 اي خداوند! آءٌ بيقصور آهيان، سو تنهنجو ديدار حاصل ڪندس. هاڻ جڏهن آءٌ جاڳي اٿندس تہ تنهنجي صورت ڏسي ڍءُ ڪندس. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society