زبور 144 - Muslim Sindhi Bibleفتحيابيءَ لاءِ دعا (دائود جي زبورن ۾ شامل) 1 شال منهنجي محافظ خداوند جي واکاڻ هجي! جيڪو مون کي جنگ جي تربيت ڏئي ٿو. 2 هو مون تي ٻاجھہ ڪندڙ ۽ منهنجو ڇڏائڻ وارو آهي. هو منهنجو قلعو، بلڪ مضبوط قلعو آهي. هو ئي منهنجو بچاءُ ۽ منهنجي جاءِپناهہ آهي. هو ئي ٻين قومن کي منهنجي تابع ٿو ڪري. 3 اي خداوند! انسان ڇا آهي جو تون ان جي سار لهين؟ هائو، آدم زاد جي ڪهڙي حيثيت آهي جو تون ان بابت سوچين؟ 4 انسان تہ رڳو ٻاڦ مثل آهي، جنهن جي حياتي هڪ پاڇي جيان گذري وڃي ٿي. 5 تنهن هوندي بہ اي خداوند! آسمان کي چيري هيٺ اچي نازل ٿيءُ. تون جبلن کي ڇُهُہ تہ انهن مان دونهون نڪري، 6 ۽ وڄ کي پنهنجي تيرن جيان ڪيراءِ تہ ڌاريا ماڻهو ڀڄي ڪڻو ڪڻو ٿي وڃن. 7 عرش تان پنهنجو هٿ ڊگھيري مون کي بچائي وٺ، ڇاڪاڻ تہ انهن ٻوڏ جيان مون کي ٻوڙي ڇڏيو آهي. هائو، انهن جي هٿن مان مون کي اچي ڇڏاءِ. 8 انهن جي واتان ڪوڙيون ڳالهيون نڪرن ٿيون، بلڪ هو حلف کڻڻ لاءِ هٿ مٿي ڪري ڪُوڙو قسم کڻن ٿا. 9 اي خدا! آءٌ تنهنجي حضور ۾ هڪ نئون گيت ڳائيندس، آءٌ ڏهن تارن وارو دنبورو وڄائي تنهنجي واکاڻ ڪندس. 10 تون جيڪو بادشاهن کي سوڀ ٿو بخشين، ۽ جنهن پنهنجي بندي دائود کي خوني تلوار کان بچايو آهي، 11 سو مون کي بہ انهن ڌارين دشمنن جي هٿن مان ڇڏاءِ. هائو، انهن کان جن جي واتان ڪُوڙيون ڳالهيون نڪرن ٿيون، بلڪ جيڪي حلف کڻڻ لاءِ هٿ مٿي ڪري ڪُوڙو قسم کڻن ٿا. 12 شال اسان جا پٽ پنهنجي جوانيءَ ۾ وڌندڙ وڻن جيان ٿين! شال اسان جون ڌيئرون انهن نقشدار ٿنڀن جيان ٿين، جيڪي هيڪل ۾ لڳل آهن! 13 شال اسان جا ڀانڊا هر ڪنهن شيءِ سان ڀريل رهن! شال اسان جون رڍون ٻڪريون لکن جي تعداد ۾ چرنديون وتن! 14 شال اسان جا ڍور ڍڳا ٿلها متارا هجن! شال اسان جي شهرن جي ڪوٽن ۾ ڪو ڏار نہ هجي، جو ڪو دشمن ٽپي اچي اسان جو ڪو ماڻهو قيد ڪري وڃي! نڪي وري اسان جي گھٽين ۾ ڪا دانهن ڪوڪ هجي. 15 سڀاڳا آهن اهي ماڻهو جن کي اهي نعمتون حاصل آهن. هائو، سڀاڳي آهي اها قوم جنهن جو معبود خداوند آهي. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society