زبور 140 - Muslim Sindhi Bibleحمايت لاءِ دعا (استاد موسيقار لاءِ، دائود جي زبورن ۾ شامل) 1 اي خداوند! مون کي بڇڙن ماڻهن کان ڇڏاءِ، بلڪ انهن ظالمن کان مون کي بچائي رک، 2 يعني انهن کان، جيڪي پنهنجيءَ دل ۾ بڇڙائيءَ جا منصوبا ٿا جوڙين، ۽ روز بروز فساد کڙا ڪن ٿا. 3 انهن جي زبان موتمار نانگ جي ڏنگ وانگر آهي، هائو، انهن جا لفظ اهڙا آهن جيئن کپر نانگ جو زهر. 4 اي خداوند! مون کي بڇڙن جي هٿن کان بچاءِ، بلڪ انهن ظالمن کان مون کي بچائي رک، جيڪي منهنجا پير ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا. 5 انهن مغرور ماڻهن مون لاءِ ڦندو لڪائي رکيو آهي، ۽ مون کي ڦاسائڻ لاءِ ڄار پکيڙيو اٿائون. هائو، اهي منهنجي هر واٽ تي مون لاءِ ڦاهي اڏيو ويٺا آهن. 6 آءٌ تو خداوند کي پنهنجو ئي خدا چوان ٿو. سو اي خداوند! منهنجي منٿن تي پنهنجو ڪن ڏي. 7 اي خداوند! اي منهنجا ڌڻي! اي مون کي ڇڏائڻ واري طاقت! جيئن جنگ ۾ تو ئي منهنجي حفاظت ٿي ڪئي، 8 تيئن اي خداوند! هاڻ بدڪارن جون خواهشون پوريون ٿيڻ نہ ڏي، هائو، سندن انهن برن منصوبن کي ناڪام بڻائي ڇڏ. 9 جيڪي پنهنجا ڳاٽ اوچا ڪري چوڌاري مون کي گھيرو ڪن ٿا، تن جا بڇڙائيءَ وارا دڙڪا شال سندن مٿان ئي پون! 10 شال انهن تي ڀڙڪندڙ ٽانڊا وسايا وڃن! شال کين اهڙي اونهيءَ کڏ ۾ ڪيرايو وڃي جتان وري نہ نڪرن! 11 شال ڪو بدزبان ماڻهو هن ڌرتيءَ تي قائم نہ رهي، شال هر ظالم ماڻهو اوچتي آفت جو شڪار ٿي وڃي. 12 اي خداوند! مون کي پڪ آهي تہ تون مسڪينن جي وڪالت ڪندين. هائو، تون محتاجن کي سندن حق ڏياريندين. 13 بيشڪ سچار ماڻهو تنهنجي نالي جو شڪرانو ادا ڪندا، ۽ تنهنجي حضور ۾ پيا رهندا. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society