Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

زبور 137 - Muslim Sindhi Bible


جلاوطنن جو مرثيو

1 اسان بابل جي ندين جي ڪناري ويٺي ڏاڍو رنو. هائو، اسان اتي صيئون کي ياد ڪري رنو پئي.

2 اتي جيڪي لئي جا وڻ بيٺا هئا، تن تي اسان پنهنجيون سارنگيون لٽڪائي ڇڏيون هيون.

3 اتي اسان کي قيد ڪندڙن اسان کي ڳائڻ لاءِ چيو، هائو، اسان کي ستائيندڙن پنهنجي وندر لاءِ چيو تہ ”اسان کي صيئون جو ڪو راڳ ڳائي ٻڌايو.“

4 ڀلا ڌارين جي انهيءَ ديس ۾ اسين خداوند جو راڳ ڪيئن ٿي ڳائي سگھياسين؟

5 اي يروشلم! جيڪڏهن آءٌ تو کي وساري ويهان، تہ شال منهنجو ساڄو هٿ سارنگي وڄائڻ وڃائي ويهي!

6 جيڪڏهن آءٌ تو کي ياد نہ ڪريان، ۽ تو کي پنهنجي خوشيءَ کان وڌيڪ نہ سمجھان، تہ پوءِ منهنجي هيءَ زبان ڀلي منهنجي تارونءَ کي چنبڙي پوي.

7 اي خداوند! بني ادوم خلاف يروشلم جي تباهيءَ واري ڏينهن کي ياد ڪر، جڏهن هنن بابلي لشڪر کي چيو ٿي تہ ”انهيءَ کي ڊاهيو، بلڪ ان جون پاڙون ئي پٽي ڪڍو.“

8 ٻڌو، اي بابل وارؤ! اوهين جيڪي برباد ٿيڻ تي آهيو. اهي ماڻهو سڀاڳا هوندا، جيڪي توهان سان اهڙي ئي هلت ڪندا، جهڙي توهان اسان سان ڪئي هئي.

9 بيشڪ اهي سڀاڳا هوندا، جيڪي توهان جي ٻارن کي کڻي زور سان ٽڪر تي هڻندا.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ