Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

زبور 113 - Muslim Sindhi Bible


خداوند جي نالي جي واکاڻ

1 خداوند جي واکاڻ ڪريو. اي خداوند جا بندؤ! اوهين خداوند جي واکاڻ ڪريو، هائو، خداوند جي نالي کي ساراهيو.

2 شال هينئر، بلڪ هميشہ هميشہ تائين، خداوند جو نالو سڳورو هجي!

3 دنيا جي هڪڙي ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين، شال خداوند جي نالي کي ساراهيو وڃي!

4 خداوند سڀني قومن جو حاڪمِ اعليٰ آهي، انهيءَ جي عظمت آسمانن کان بہ مٿاهين آهي.

5 خداوند اسان جي خدا جهڙو ڪو ٻيو آهي ڇا، جيڪو عرش عظيم تي تخت‌نشين آهي؟

6 انهيءَ هوندي بہ هو اتان نِوڙي هيٺ زمين ۽ آسمان تي پنهنجي ڪرم جي نظر ڪري ٿو.

7 هو مسڪينن ۽ محتاجن کي مٽيءَ ۽ ڪچري جي ڍير تان کڻي بلنديءَ تي پهچائي ٿو،

8 ۽ انهن کي سردارن سان گڏ ويهاري ٿو. هائو، هو کين پنهنجي قوم جي سردارن جهڙو شان وَ شوڪت عطا ڪري ٿو.

9 اهو ئي سنڍ عورت جو گھر آباد ڪري ٿو. هائو، کيس ٻارن جي ماءُ بڻائي خوشي بخشي ٿو. خداوند جي واکاڻ ڪريو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ