Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

زبور 109 - Muslim Sindhi Bible


گلاخور دشمنن لاءِ بددعا
(استاد موسيقار لاءِ، دائود جي زبورن ۾ شامل)

1 اي خدا! آءٌ تنهنجي ئي واکاڻ ڪندو آهيان، سو تون ماٺ ڪري نہ ويهہ،

2 ڇوجو بڇڙا ۽ دغاباز منهنجي خلاف پيا ڳالهائين. هنن مون بابت بلڪل ئي ڪوڙيون ڳالهيون ڪيون آهن.

3 سندن عداوت وارين ڳالهين مون کي وڪوڙي ڇڏيو آهي. هو بنا ڪنهن سبب جي منهنجي گلا ڪندا ٿا وتن.

4 هو منهنجي پيار جي عيوض ۾ مون تي تهمتون ٿا هڻن، توڙي جو آءٌ هنن جي لاءِ دعائون گھرندو ٿي رهيس.

5 هنن ڀلائيءَ جي عيوض ۾ مون سان برائي ڪئي آهي، ۽ منهنجي پيار جي عيوض نفرت ڪندي مون بابت چون ٿا تہ

6 ”شل اسان جي هن دشمن تي ڪنهن بڇڙي ماڻهوءَ کي مقرر ڪيو وڃي، تان‌تہ ڀل اهو اچي مٿس تهمت هڻي!

7 جڏهن سندس عدالت ڪئي وڃي، تڏهن شل اهو ڏوهاري قرار ڏنو وڃي! شل سندس دعا کي بہ گناهہ ۾ شمار ڪيو وڃي!

8 شال سندس حياتيءَ جا ڏينهن جلدي پورا ٿي وڃن! ۽ کيس جيڪو عهدو آهي سو شل کانئس ڪو ٻيو کسي وٺي!

9 ڀل تہ سندس ٻار ڇورا ڇنا ٿي وڃن، ۽ سندس زال رن‌زال ٿي وڃي.

10 شال انهيءَ جا ٻار ٻچا رلندا پنندا وتن! شال هنن کي سندن ئي ويران گھرن مان لوڌي ڪڍيو وڃي!

11 شال سندس سڄو مال ڪو قرض‌خواہ ضبط ڪري وٺي! شال سندس محنت جي ڪمائي ڌاريا ماڻهو لُٽي وڃن!

12 شال انهيءَ تي ڪو ئي بہ رحم نہ ڪري! نڪي سندس يتيم ٻارن تي ڪنهن کي ڪا ڪهل اچي.

13 شال انهيءَ جو نسل بلڪل ئي ختم ٿي وڃي! شال ايندڙ پيڙهيءَ ۾ سندس نالو نشان بہ نہ هجي!

14 شل خداوند کي هن جي ابن ڏاڏن جي بدڪاري ياد هجي، بلڪ سندس ماءُ جون خطائون بہ ميسارجي نہ وڃن!

15 شال سندن گناهہ هر وقت خداوند جي نظر ۾ رهن، بلڪ هو هن ڌرتيءَ تان سندن يادگيريون ئي مِٽائي ڇڏي!

16 انهيءَ سبب جو ان بڇڙي کي رحم ڪرڻ ڪڏهن ياد نہ رهيو، اٽلندو هن غريبن، مسڪينن ۽ دلشڪستن کي ستايو. هائو، انهن کي گھڻو ستايائين تان‌تہ سندن جانيون وٺي.

17 هن کي لعنت ڪرڻ پسند هو سو شل مٿس لعنتون ئي پون! کيس دعا ڪرڻ ڪين ٿي وڻيو سو شل اها بہ کانئس پري هجي!

18 لعنت ڪرڻ سندس فطرت هئي، سو اها ئي سندس واتان ٿي نڪتي. شل اهي لعنتون پاڻيءَ وانگر سندس آنڊن ۾، ۽ تيل وانگر سندس هڏين ۾ پئجي وڃن!

19 ڀل تہ اهي سندس مٿان پوشاڪ جيان پهريل هجن. ڀل تہ اهي سندري وانگر سندس چيلهہ سان هميشہ ٻڌل رهن.“

20 اي خداوند! اهي تهمتون آهن، جيڪي منهنجا مخالف مون تي هڻن ٿا. پر تون انهن ماڻهن کي اهڙو ئي بدلو ڏيئي ڇڏ.

21 اي خداوند، منهنجا رب! تنهنجو رحم عظيم آهي، سو تون مون کي انهن کان ڇڏائي وٺجانءِ. هائو، پنهنجي نالي جي سچائيءَ موجب مون تي ٻاجھہ ڪجانءِ.

22 ڏس، آءٌ غريب ۽ محتاج آهيان، ۽ منهنجي دل منهنجي اندر ۾ ڇِيهون ڇِيهون ٿي پيئي آهي.

23 جيئن ماڪڙ کي ڪپڙي تان هڪدم ڇنڊي اڇلائجي ٿو، ۽ جيئن شام جا لهندڙ پاڇا جلدي گم ٿيو وڃن، تيئن ئي منهنجي زندگي بہ جلدي گم ٿيندي وڃي ٿي.

24 فاقن جي ڪري منهنجي جسم تي رڳو چم ۽ هڏيون وڃي بچيون آهن، ۽ منهنجا گوڏا بہ ڪمزور ٿي ويا آهن.

25 آءٌ پنهنجي دشمنن جي نظر ۾ طعني جوڳو ٿي ويو آهيان، اهي جڏهن بہ مون کي ڏسن ٿا ٽوڪ وچان ڪنڌ کي لوڏين ٿا.

26 اي خداوند! اي منهنجا خدا! اچ، اچي منهنجي مدد ڪر. تون پنهنجي دائمي ٻاجھہ مطابق اچي مون کي بچاءِ،

27 تان‌تہ منهنجا دشمن ڄاڻي وٺن تہ منهنجي بچائڻ ۾ تنهنجو هٿ ئي آهي. اي خداوند! ڀل اهي ڄاڻي وٺن تہ هي سڀ ڪرڻ وارو تون ئي آهين.

28 اهي ڀلي مون تي لعنت پيا ڪن پر تون مون کي برڪت ڏي. تڏهن منهنجي خلاف اٿندڙ خوار خراب ٿيندا، پر آءٌ، جيڪو تنهنجو بندو آهيان سو خوشيون ڪندس.

29 شل تون منهنجي دشمنن کي ذلت ۽ خواريءَ سان ڍڪي ڇڏين! بلڪل ائين جيئن بدن مٿان چادر ڍڪبي آهي.

30 تڏهن آءٌ پنهنجي زبان سان تو خداوند جو بيحد شڪر ڪندس. آءٌ هيڪل جي وڏي گڏجاڻيءَ اڳيان تنهنجي واکاڻ ڪندس،

31 ڇاڪاڻ تہ تون مسڪين ماڻهوءَ جو ساڄو هٿ آهين، تان‌تہ کيس انهن کان بچائين، جيڪي سندس موت جون فتوائون ٿا ڏين.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ