Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

زبور 102 - Muslim Sindhi Bible


تنگيءَ جي وقت دعا
(انهيءَ مصيبت جي ماريل جي دعا، جيڪو تنگ ٿي خداوند جي حضور ۾ پنهنجي ڏکن لاءِ ٻاڏائي ٿو.)

1 اي خداوند! منهنجي دعا ٻڌ، منهنجي دانهن شل تو تائين پهچي!

2 منهنجي مصيبت جي ڏينهن تي تون مون کان منهن نہ موڙ، بلڪ مون ڏانهن پنهنجو ڪن ڏي. آءٌ جڏهن تو کي پڪاريان تڏهن مون کي جلدي وراڻي ڏج.

3 انهيءَ سبب جو منهنجي حياتي دونهين وانگر گم ٿيندي وڃي ٿي. منهنجي هڏين ۾ ڄڻڪ باهہ پيئي ٻري.

4 گاهہ وانگر منهنجي اميد بہ ڪومائجي سُڪي ويئي آهي، ايتري قدر جو ماني کائڻ تي بہ دل نہ ٿي ڪري.

5 ڪنجھندي ڪنجھندي، منهنجيون هڏيون بہ وڃي منهنجي کل سان لڳيون آهن.

6 آءٌ بيابان جي ڳجھہ وانگر بڻجي ويو آهيان. آءٌ ويران هنڌن جي چٻري جهڙو ٿي پيو آهيان.

7 مون کي اوجاڳن اچي وڪوڙيو آهي ۽ ننڊ اچي ئي ڪين ٿي. آءٌ انهيءَ پکيءَ جيان ٿي پيو آهيان، جيڪو اڪيلو ڪنهن ڇت تي ويٺو هجي.

8 منهنجا دشمن سڄو ڏينهن مون تي طعنا ٿا هڻن. ٽوڪ ڪندڙ ٻين تي لعنت ڪرڻ ۾ منهنجي نالي جو مثال ڏين ٿا.

9-10 تنهنجي ڪاوڙ جي ڪري خاڪ منهنجو کاڌو بڻي آهي، ۽ لڙڪن گڏيل پاڻي پي آءٌ پنهنجي اڃ اُجھايان ٿو. هي سڀ تنهنجي ڏمر ۽ ڪاوڙ جي ڪري ٿيو آهي، ڇوجو تو مون کي پاڻ وٽان پري اڇلائي ڇڏيو آهي.

11 منهنجي حياتي شام جي وهامندڙ پاڇي وانگر گذرندي ٿي وڃي، ۽ آءٌ گاهہ وانگر ڪومائبو ٿو وڃان.

12 پر اي خداوند! تون تخت تي سدائين قائم رهندين، پيڙهي بہ پيڙهي تنهنجي نالي جي يادگيري رهندي.

13 تون اُٿ ۽ صيئون تي پنهنجي رحم جي نظر ڪر، ڇاڪاڻ تہ هي ئي وقت آهي جو تون انهيءَ تي ترس کائين. هائو، انهيءَ جي مدد ڪرڻ جو وقت اچي پهتو آهي.

14 اسان تنهنجي ٻانهن کي تنهنجي شهر جي پٿرن سان بہ ايترو تہ پيار آهي، جو انهن کي کنڊر واري مٽيءَ ۾ پيل ڏسي اسين ڏک سان ڀرجي ٿا وڃون.

15 پوءِ جڏهن خداوند پنهنجي بچائڻ واري قدرت ڏيکاريندو، تڏهن دنيا جون سڀ قومون ڏسي ڊڄي وينديون، هائو، دنيا جا سمورا بادشاهہ سندس جلال کان ڊڄندا.

16 ان وقت خداوند صيئون کي وري تعمير ڪندو، ۽ ائين هو پنهنجي عظمت ظاهر ڪندو.

17 هو قوم جي مسڪين جلاوطنن جي دعا ڏانهن ڌيان ڏيندو، ۽ سندن دعا کي حقير نہ ڄاڻيندو.

18 سو ايندڙ پيڙهيءَ لاءِ خداوند جا اهي ڪم لکيا وڃن، تان‌تہ جيڪا پيڙهي پيدا ٿيندي سا خداوند جي واکاڻ ڪري تہ

19 ”خداوند عرش عظيم تان هيٺ ڌرتيءَ تي نظر ڪئي آهي. هائو، هن پنهنجي پاڪ جاءِ تان هيٺ نهاريو آهي.

20 هن جلاوطنن جون آهون ٻڌي نگاهہ ڪئي آهي، تان‌تہ هو انهن کي ڇڏائي جيڪي موت جي منهن ۾ آهن.“

21 جڏهن خداوند صيئون کي وري اڏيندو، تڏهن ماڻهو اتي يروشلم ۾ سندس نالي جي واکاڻ پيا ڪندا.

22 انهيءَ وقت سڀيئي قومون ۽ بادشاهتون، خداوند جي عبادت ڪرڻ لاءِ اچي گڏ ٿينديون.

23 اي خدا! تو ڦوهہ جوانيءَ ۾ ئي منهنجو زور ٽوڙي ڇڏيو آهي. تو منهنجي حياتيءَ کي بلڪل گھٽائي ڇڏيو آهي.

24 اي منهنجا خدا! منهنجي التجا آهي تہ اڌ عمر ۾ ئي منهنجي حياتيءَ جي ڏور نہ ڪٽ. تون ازل کان ابد تائين پيڙهي بہ پيڙهي قائم آهين.

25 تو ئي قديم زماني کان زمين جو بنياد وڌو هو، ۽ آسمان پڻ تنهنجي هٿن جي ڪاريگري آهن.

26 اهي سڀ نابود ٿي ويندا، رڳو تون ئي باقي رهندين. سڀيئي شيون پوشاڪ وانگر پراڻيون ٿي وينديون، انهن کي تون ڪپڙن جيان هٽائيندين ۽ اهي نابود ٿي وينديون.

27 پر تون جيئن آهين تيئن ئي رهندين ۽ ڪين بدلبين، نڪي ڪڏهن تنهنجي ڏينهنِ جي پڄاڻي ٿيندي.

28 تنهنجي هنن ٻانهن جا ٻار سلامتيءَ سان پيا گذاريندا، هائو، تنهنجي قوم جو نسل تنهنجي حضور ۾ قائم رهندو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ