Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

چوڻيون 19 - Muslim Sindhi Bible

1 ڀلي غربت هجي، پر ايمانداري هجي، اها انهيءَ نادانيءَ کان بهتر آهي جنهن ۾ ڪوڙ آهي.

2 سوچ ويچار کان سواءِ جوش وَ جذبي جو ڪو فائدو ڪونهي، جيڪو هلڻ ۾ جلدبازي ٿو ڪري سو ٿاٻڙجي ڪري ٿو.

3 ماڻهوءَ جي پنهنجي بي‌وقوفي ئي کيس گمراهہ ڪريو ڇڏي، مگر هو وري الزام خداوند تي ٿو مڙهي.

4 دولتمنديءَ ۾ دوست وڌندا ٿا رهن، مگر غريبيءَ ۾ دوست گھٽبا ٿا رهن.

5 ڪوڙي شاهد کي ضرور سزا ملندي. هائو، اهو هرگز بچي نہ سگھندو.

6 امير ماڻهوءَ جي گھڻا ئي خوشامند ڪندا آهن، ۽ بخشش ڏيڻ واري جو هر ڪو دوست بڻجيو وڃي.

7 جڏهن غريب ماڻهوءَ کان سندس ڀائر ئي نفرت ٿا ڪن، تڏهن سندس دوست کانئس ڪيڏو نہ پري ڀڄندا، توڙي جو هو مدد لاءِ سندن پٺيان ڊوڙندو وتي.

8 جيڪو ڏاهپ ٿو حاصل ڪري، سو پنهنجو پاڻ کي پيار ٿو ڪري. هائو، جيڪو سمجھہ سان هلندو رهي ٿو، تنهن کي چڱائي حاصل ٿئي ٿي.

9 ڪوڙو شاهد سزا کان بچي نہ سگھندو. هائو، اهو تباهہ وَ برباد ٿي ويندو.

10 جيڪڏهن بي‌وقوف کي سکي زندگي گذارڻ نہ ٿي سونهين، تہ ڇا ڪنهن غلام کي بادشاهہ جي جاءِ تي حڪمراني ڪرڻ سونهين ٿي؟

11 غصي کي قابوءَ ۾ رکڻ عقلمندي آهي، ۽ خطا کي درگذر ڪرڻ ۾ مان مرتبو آهي.

12 بادشاهہ جو غصو شينهن جي گجگوڙ وانگر آهي، پر هن جي مهرباني بيابان ۾ مينهن وسڻ جهڙي آهي.

13 بي‌وقوف اولاد والدين لاءِ مصيبت آهي، ۽ جھيڙاڪ زال سياري جي برسات جي جھَڪ مثل آهي.

14 مال ملڪيت تہ ابن ڏاڏن کان ميراث ۾ ٿي ملي، پر سياڻي زال خداوند جي طرفان ئي تحفو آهي.

15 سُست ماڻهو ڄڻ تہ ننڊ ۾ ٿو رهي، جنهن ڪري اهو بکون ٿو ڪاٽي.

16 جيڪو خداوند جي حڪمن تي عمل ٿو ڪري، سو وڏي ڄمار ماڻيندو، مگر جيڪو سندس نافرماني ڪندو سو ضرور مرندو.

17 جيڪو ڪنهن مسڪين تي رحم ٿو ڪري، سو ڄڻ تہ خداوند کي قرض ٿو ڏئي. هائو، خداوند چڱا ڪم ڪندڙ کي اجورو ڏئي ٿو.

18 پنهنجي ٻارن کي ننڍپڻ کان ئي سيکت ڏيو، انهيءَ کان اڳ جو وقت گذري وڃي. جيڪڏهن اوهين هنن کي نہ سڌاريندا تہ سندن برباديءَ ۾ اوهان جو هٿ آهي.

19 غصيلو ماڻهو هميشہ مشڪلاتن ۾ ٿو رهي، ڀلي تہ جيڪڏهن ڪو ڪنهن مشڪل مان کيس ڇڏائي، تہ بہ اهو وري وري ائين ئي ڪندو رهي ٿو.

20 صلاح مصلحت ۽ نصيحت تي ڌيان ڏيڻ سان، ماڻهو ڏاهو بڻجي وڃي ٿو.

21 ماڻهو تہ پنهنجيءَ دل ۾ گھڻا ئي منصوبا ٿو جوڙي، مگر ٿئي اهو ٿو جيڪو خداوند چاهي ٿو.

22 وفاداري هڪ سٺي ۽ پسنديدہ خوبي آهي. ڪوڙي شاهديءَ جي ڪمائيءَ کان غربت بهتر آهي.

23 خدا جو خوف حياتيءَ جا ڏينهن وڌائي ٿو. بلڪ خداترس ماڻهو هميشہ آرام سان سمهن ٿا، ۽ هر برائيءَ کان محفوظ رهن ٿا.

24 ڪي ماڻهو ايترا تہ سُست ٿا ٿين جو پنهنجو کاڌو رڪابيءَ مان کڻي وات تائين آڻڻ کان بہ ڪيٻائين ٿا.

25 ٺٺولي ڪندڙ کي ڌڪ هڻڻ سان اٻوجھہ ماڻهو هوشيار ٿي وڃي ٿو، پر سمجھہ وارو تنبيهہ ڪرڻ سان ئي ڄاڻ حاصل ڪري ٿو.

26 جيڪو اولاد پنهنجي والدين سان خراب هلت هلي کين گھر مان ڪڍي ٿو ڇڏي، سو نفرت جوڳو ۽ خوار خراب اولاد آهي.

27 اي منهنجا ٻارؤ! جيڪڏهن اوهان نصيحت وٺڻ ڇڏي ڏني، تہ جيڪا اوهان اڳ ۾ حاصل ڪئي آهي، تنهن کان بہ گمراهہ ٿي ويندا.

28 بي‌ايمان شاهد انصاف کي خسيس ٿا سمجھن، ۽ بدڪار ماڻهو برائيءَ کي پسند ٿا ڪن.

29 ڏاهپ تي ٺٺوليون ڪندڙن لاءِ سزا تيار آهي، ۽ بي‌وقوفن جي پٺيءَ لاءِ چهبڪ.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ