Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

چوڻيون 16 - Muslim Sindhi Bible

1 انسان پنهنجيءَ دل ۾ ڪهڙا بہ منصوبا جوڙي ٿو، مگر سندس زبان مان اهو ئي ٿو نڪري، جيڪو خداوند چاهي ٿو.

2 انسان سوچي ٿو تہ هو جيڪي ڪجھہ ڪري ٿو سو سڀ صحيح آهي، مگر خداوند دلين کي بہ جاچي ٿو.

3 پنهنجا سڀ ڪم خداوند جي حوالي ڪريو، تڏهن اوهان جا منصوبا ڪامياب ٿيندا.

4 خداوند هر شيءِ ڪنهن نہ ڪنهن مقصد لاءِ بڻائي آهي، بلڪ بدڪار ماڻهوءَ جي قسمت ۾ هن بربادي لکي ڇڏي آهي.

5 هر مغرور انسان کان خداوند کي نفرت آهي، يقيناً اهي سزا کان بچي نہ سگھندا.

6 شفقت ۽ سچائيءَ جي وسيلي گناهن جو ڪفارو ادا ڪري سگھجي ٿو، بلڪ خداوند جو خوف رکڻ سان انسان بڇڙائيءَ کان باز رهي سگھي ٿو.

7 جڏهن انسان جون راهون خداوند کي پسند اچن ٿيون، تڏهن هو سندس دشمنن کي بہ دوست بڻايو ڇڏي.

8 بي‌ايمانيءَ سان جھجھي دولت گڏ ڪرڻ کان ايمانداريءَ سان ٿوري تي گذارو ڪرڻ وڌيڪ بهتر آهي.

9 انسان پنهنجي لاءِ هڪڙي راهہ سوچي ٿو، مگر سندس هر قدم خداوند جي وس ۾ آهي.

10 بادشاهہ جي زبان تي خدائي فيصلو هوندو آهي، سو فتويٰ ٻڌائڻ ۾ هن کان ڪا خطا نہ ٿيندي.

11 تور ۽ ماپ ۾ ايمانداريءَ کي خداوند پسند ٿو ڪري، هائو، سچائيءَ سان واپار ڪرڻ ۾ هو خوش ٿو ٿئي.

12 بڇڙائي ڪرڻ بادشاهن جي نظر ۾ نفرت جهڙي ڳالهہ آهي، ڇاڪاڻ تہ سندن تخت سچائيءَ سان ئي قائم رهي ٿو.

13 بادشاهہ سچ ٻڌڻ کي پسند ٿا ڪن، سو هو سچ ڳالهائڻ وارن کي پيارو ٿا گھرن.

14 بادشاهہ جي ڪاوڙ موت جي قاصد جيان آهي، سو عقلمند انسان اهو آهي، جيڪو انهيءَ جي ڪاوڙ کي ٿڌو ٿو ڪري.

15 بادشاهہ جي منهن تي سرهائي ماڻهن لاءِ زندگيءَ جي علامت آهي. هائو، هن جي مهربانيءَ جي نظر بهار ۾ برسات وسائيندڙ بادل جيان آهي.

16 ڏاهپ حاصل ڪرڻ چانديءَ کان وڌيڪ بهتر آهي، بلڪ سون کان بہ وڌيڪ افضل آهي.

17 سچار ماڻهوءَ جي رستي ۾ ڪابہ بدڪاري نہ ٿي اچي، بلڪ سچائي سندس رستي جي نگهباني ڪري سندس جان جي حفاظت ٿي ڪري.

18 مغرورن کي تباهي وَ برباديءَ تائين پهچايو ويندو. هائو، هٺيلن کي ڪنڌ ڀر ڪيرايو ويندو.

19 مغرورن سان گڏ لٽ ڦر جو مال ويهي ورهائڻ کان غريبن سان گڏ نهٺو ٿي گذارڻ وڌيڪ بهتر آهي.

20 جيڪو ڏاهپ جي ڳالهين تي ڌيان ٿو ڏئي، سو خوشحال ٿيندو. جيڪو خداوند تي ڀروسو ٿو رکي سو برڪتن وارو ٿيندو.

21 عقلمند انسان سمجھہ وارو سڏجي ٿو، مِٺَ زبانيءَ جي ڪري گھڻن ماڻهن ۾ ڄاڻ ورهائجي ٿي.

22 عقلمند انسان لاءِ عقل حياتي بخشيندڙ چشمو آهي، مگر بي‌عقل بي‌وقوفيءَ جي تربيت حاصل ڪري ٿو.

23 عقلمند انسان ڳالهائڻ کان اڳ سوچ ويچار ڪري ٿو، تڏهن ئي تہ سندس ڳالهيون ٻين تي اثر ڪن ٿيون.

24 مهربانيءَ وارا لفظ ماکيءَ جهڙا ٿا ٿين. هائو، اهي ماکيءَ جهڙا مٺا ۽ تازگي بخشيندڙ آهن.

25 ڪي راهون اهڙيون هونديون آهن، جيڪي ڏسڻ ۾ تہ سنئيون سڌيون نظر اينديون آهن، مگر انهن جي پڇاڙي موت هوندو آهي.

26 بک ئي انسان کان محنت مزدوري ڪرائي ٿي، هائو، بک انسان کي مجبور ڪريو وجھي.

27 بدڪار ماڻهو ٻين لاءِ کڏون ٿا کوٽين. هائو، سندن لفظ ڀڙڪندڙ باهہ مثل آهن.

28 دوکيباز ماڻهو ٻين ۾ جھيڙا جھڳڙا ٿا پيدا ڪن، ۽ چغلخور ماڻهو دوستن ۾ دشمنيون وجھيو ڇڏين.

29 ظالم ماڻهو پنهنجي دوستن کي بہ ڌتاريو ڇڏي، ۽ کين اهڙي راهہ ٿو وٺائي جو هو وڃي مصيبت ۾ ڦاسن.

30 اکيون هڻندڙ ماڻهو دوکيبازيءَ جون رٿون ٿو رٿي، هائو، اهڙو ماڻهو بدڪاريءَ جا منصوبا ٿو بڻائي.

31 ڊگھي ڄمار سچارن جو اجر آهي. هائو، اڇو مٿو عزت ۽ عظمت وارو تاج آهي.

32 وڏو زورآور ٿيڻ کان اهو بهتر آهي جو اوهين پنهنجي غصي کي ضابطي ۾ رکو، ڇاڪاڻ تہ شهرن تي قبضو ڪرڻ کان پنهنجو پاڻ تي ضابطو رکڻ بهتر آهي.

33 انسان پنهنجا فيصلا پاڻ ٿو رٿي، مگر ٿئي اهو ئي ٿو جيڪي خداوند ٿو چاهي.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ