Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

چوڻيون 12 - Muslim Sindhi Bible

1 جيڪو سمجھہ ۾ وڌڻ چاهي ٿو، سو خوشيءَ سان سيکت کي قبول ڪندو. مگر جيڪو سيکت کان نفرت ٿو ڪري، سو بي‌وقوف آهي.

2 نيڪ ماڻهن تي خداوند جي رضامندي آهي، مگر برا منصوبا بڻائڻ وارن کي هو ڏوهاري ٿو قرار ڏئي.

3 بدڪاريءَ سان ڪوبہ انسان قائم رهي نہ ٿو سگھي، مگر سچار ماڻهو اونهي پاڙ لڳل وڻ جيان قائم رهي ٿو.

4 نيڪ عورت پنهنجي مڙس لاءِ فخر ۽ خوشيءَ جو باعث ٿي بڻجي، مگر بي‌شرم عورت پنهنجي مڙس لاءِ هڏين جي موتمار بيماريءَ مثل آهي.

5 ايماندار ماڻهوءَ جو ارادو ٻين جي لاءِ نيڪ هوندو آهي، مگر بدڪار ماڻهو ٻين جي لاءِ برو سوچيندو آهي.

6 بدڪارن جون ڳالهيون ڦندي ۾ ڦاسائڻ مثل آهن، مگر سچارن جون ڳالهيون ڇڏائڻ جو وسيلو ٿيون بڻجن.

7 بدڪارن جي جڏهن پڇاڙي ٿئي ٿي، تڏهن هو هميشہ لاءِ نيست وَ نابود ٿيو وڃن. مگر سچار ماڻهن جا گھراڻا هميشہ قائم رهندا ٿا اچن.

8 عقلمنديءَ جي ڪري ماڻهوءَ جي ساراهہ ڪئي ويندي آهي، مگر بي‌عقل ماڻهوءَ کي حقير ڄاتو ويندو آهي.

9 جيڪو ماڻهو پاڻ کي وڏو معتبر چوي ٿو، جڏهن تہ مانيءَ جو بہ محتاج آهي، تنهن کان اهو ماڻهو وڌيڪ بهتر آهي، جيڪو عام ماڻهو هجڻ باوجود هڪ نوڪر رکي سگھي ٿو.

10 سچار ماڻهو پنهنجي ڍورن جي بہ سٺي سار سنڀال لهي ٿو، مگر بدڪار جو رحم بہ ظلم وارو رويو آهي.

11 پنهنجي ٻنيءَ ۾ محنت ڪندڙ هاريءَ کي جھجھو رزق ملي ٿو، مگر بيڪار ڪمن پٺيان پنهنجو وقت وڃائڻ بي‌وقوفي آهي.

12 بدڪار ماڻهو بڇڙائيءَ واري ڪمائي ٿا کائين، مگر سچار ماڻهو پاڻ اونهي پاڙ واري ڦلدار وڻ مثل آهن.

13 بدڪار ماڻهو پنهنجين ئي ڳالهين جي ڪري ڦاسيو پوي، مگر ايماندار ماڻهو مصيبتن مان ڇڏايا ٿا وڃن.

14 جنهن ماڻهوءَ جي ڳالهہ ٻولهہ چڱي آهي، تنهن کي نتيجو بہ چڱو ملندو. جنهن جو عمل چڱو آهي تنهن کي انهيءَ جو اجر ملندو.

15 بي‌وقوف ماڻهو هميشہ اهو ئي ٿا سمجھن تہ هو پاڻ صحيح راهہ تي ٿا هلن. مگر ڏاها ماڻهو صلاح مصلحت تي ڌيان ڏين ٿا.

16 بي‌وقوف ماڻهوءَ جو غصو هڪدم ظاهر ٿيو پوي، مگر سياڻو ماڻهو پنهنجي غصي تي ضابطو رکي ٿو.

17 سچ ڳالهائڻ سان عدالت ۾ انصاف ٿو ٿئي، مگر ڪوڙي شاهدي ناانصافيءَ ڏانهن وٺيو وڃي.

18 تکي زبان تلوار وانگر گھاءَ ٿي رسائي، مگر عقلمند جي زبان گھائن کي ڇٽايو ڇڏي.

19 ڪوڙ جي حياتي پاڻيءَ جي ڦوٽي مثل آهي، مگر سچ هميشہ تائين قائم ٿو رهي.

20 بڇڙائيءَ جا منصوبا جوڙيندڙ جي دل ۾ ٺڳي ٿي رهي، مگر نيڪ صلاحون ڏيندڙ خوشيون ٿا حاصل ڪن.

21 سچار ماڻهوءَ تي ڪا آفت ڪانہ ايندي، مگر بدڪار ماڻهو سدائين مصيبتن ۾ هوندا.

22 ڪوڙ ڳالهائيندڙن کان خداوند کي نفرت آهي، مگر جنهن جي قول وَ فعل ۾ ڪو فرق ناهي، تنهن کان هو خوش ٿو ٿئي.

23 سمجھہ وارو ماڻهو پنهنجي ڄاڻ کي راز ۾ ٿو رکي، مگر بي‌وقوف ماڻهو پنهنجي بي‌عقليءَ جو ڍنڍورو ڏيندو ٿو وتي.

24 محنت ڪرڻ وارا حاڪم بڻجي سگھن ٿا، مگر سُست ماڻهو غلاميءَ ۾ پيا لوڙين ٿا.

25 ڳڻتيءَ جهڙي ڪا بيماري ڪانهي، خوشيءَ جهڙي ڪا خوراڪ ڪانهي.

26 سچار ماڻهو دوستن جي رهنمائي ٿا ڪن، مگر بدڪارن جي راهہ گمراهي آهي.

27 سُست شڪاري پنهنجو شڪار بہ نہ ٿو پڪڙي سگھي، مگر محنتي ماڻهو گھڻو ڪجھہ حاصل ڪري سگھي ٿو.

28 سچائيءَ ۾ زندگي آهي، مگر بدڪاريءَ ۾ موت آهي.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ