Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

عبدياہ 1 - Muslim Sindhi Bible


ادوم وارن جي مغروري ۽ سزا

1 خداوند خدا ادوم جي قوم بابت عبدياہ نبيءَ جي معرفت هي پيغام ڏنو. قومن ڏانهن جيڪو ايلچي موڪليو ويو، تنهن جو اعلان خداوند جي طرفان هو. اهو اعلان اسان يهوداہ وارن بہ ٻڌو تہ ”اُٿي کڙا ٿيو ۽ ادوم وارن تي حملو ڪريو!“

2 هوڏانهن خداوند ادوم جي قوم کي فرمائي ٿو تہ ”ياد رک، آءٌ تو کي تمام ڪمزور قوم بڻائي ڇڏيندس. هائو، تون هر ڪنهن جي اڳيان ڌڪاريل قوم ڄاتي ويندينءَ.

3 تون مٿاهين جبل تي مضبوط قلعي ۾ ٿي رهين، جنهن سبب تون پنهنجيءَ دل ۾ چوين ٿي تہ ’ڪير آهي جيڪو مون کي هيٺ زمين تي ڪيرائي سگھي؟‘ پر اي جبلن ۾ رهندڙ قوم! تنهنجي مغروري ئي تو کي دوکو ڏيندي.

4 توڙي جو تون عقاب وانگر تمام بلندين تي ٿي اُڏامين، ۽ پنهنجو آکيرو تارن منجھہ ٺاهيو اٿيئي، تڏهن بہ آءٌ خداوند تو کي اتان ڪيرائي هيٺ اڇلائي ڇڏيندس.

5 جڏهن بہ ڪي ڌاڙيل يا رات جو ڪي چور ڪنهن گھر ۾ گھڙي اچن، تہ اهي رڳو اوترو ئي کڻي ويندا جيترو کين هٿ اچي سگھي، يا جڏهن انگورن جو چونڊو ڪندڙ باغ مان چونڊو ڪري وڃن تہ ٿي سگھي ٿو تہ ڪجھہ ڇڳا ول ۾ رهجي وڃن. پر اي ادوم جي قوم! تنهنجا دشمن تو سان ائين سلوڪ نہ ڪندا، ڇاڪاڻ تہ اهي تو کي پوريءَ طرح نيست وَ نابود ڪري ڇڏيندا.

6 هائو، اي عيسوءَ جو اولاد! اوهان جي لڪل خزاني جي هر شيءِ لٽي ڦري ويندي.

7 اوهان جا سڀيئي اتحادي اوهان کي دوکو ڏيندا. اهي اوهان کي اوهان جي وطن مان ڀڄائي ڪڍندا. جيڪي ماڻهو اوهان جا خيرخواهہ آهن، سي دوکي سان اوهان تي غالب ٿي ويندا. هائو، اوهان جا سٺا سٺا دوست جيڪي روزانو اوهان سان گڏ کائين پيئن ٿا، سي ئي اوهان سان ٺڳي ڪندا. پوءِ اهڙيءَ طرح اوهان جي سمجھہ اوهان کان موڪلائي ويندي.

8 سو جنهن ڏينهن آءٌ خداوند ادوم جي قوم کي سزا ڏيندس، تنهن ڏينهن آءٌ منجھائن دانائيءَ کي ناس ڪري ڇڏيندس. هائو، آءٌ سندن جابلو علائقي مان ڏاهپ کي مِٽائي ڇڏيندس.

9 ادوم ملڪ مٿان آءٌ اهڙي مصيبت آڻيندس جو تيمان شهر جا جنگي جوڌا بہ ڊڄي ويندا. تڏهن سڄي ملڪ جي ماڻهن کي نيست وَ نابود ڪيو ويندو.“


ادوم وارن جي سزا جا سبب

10 خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي ادوم وارؤ! جيئن تہ اوهان پنهنجي هم‌قوم ڀائرن، يعني يعقوب جي اولاد کي لٽيو ڦريو ۽ کين قتل ڪيو آهي، تنهنڪري اوهين هميشہ جي لاءِ برباد ۽ خوار خراب ڪيا ويندا.

11 جنهن ڏينهن بابلي دشمنن يروشلم جا دروازا ٿي ڀڳا، ۽ شهر جي مال ملڪيت کي لٽي ڦري پاڻ ۾ ٿي ورهايائون، تنهن ڏينهن اوهان هڪ پاسي خاموشيءَ سان بيٺي تماشو ڏٺو. سو اوهين بہ انهن بڇڙن ڌارين وانگر ئي بڇڙا آهيو.

12 اوهان کي ائين نہ ڪرڻ گھربو هو جو اوهان انهيءَ ڏينهن پنهنجي بني اسرائيل وارن ڀائرن کي مصيبت ۾ ڏسي بيٺي کڳيون هيون. انهن جي تباهيءَ واري ڏينهن تي اوهان کي خوش ٿي ائين کڳيون هڻڻ نہ کپندو هو.

13 اوهان کي منهنجي قوم جي مصيبت مان ڪجھہ حاصل ڪرڻ لاءِ سندن شهر اندر داخل ٿيڻ نہ گھربو هو، نڪي اتي سندن ڏکيءَ مهل ڏسي مٿن کلڻ گھربو هو، ۽ نہ وري سندن مال ملڪيت ڏانهن هٿ وڌائڻ گھربو هو.

14 منهنجي قوم جي مصيبت واري ڏينهن اوهان کي چوواٽي تي بيهي جان بچائي ڀڄڻ وارن ماڻهن کي پڪڙي دشمنن جي حوالي ڪرڻ نہ گھربو هو.“


خداوند قومن کي سزا ڏيندو

15 خداوند فرمائي ٿو تہ ”بيشڪ اهو ڏينهن ويجھو آهي، جڏهن آءٌ خداوند سڀني قومن جي عدالت ڪندس. اي ادوم وارؤ! جيڪي ڪجھہ اوهان ٻين سان ڪيو آهي، سو ئي اوهان سان بہ ڪيو ويندو. هائو، اوهان جي انهيءَ عمل جو اوهان کان بدلو ورتو ويندو.

16 منهنجيءَ قوم منهنجي پاڪ جبل صيئون تي منهنجي غضب جو پيالو پيتو آهي. پر جلد ئي سندن آس‌پاس واريون قومون انهيءَ کان بہ وڌيڪ منهنجي غضب جو پيالو پيئنديون. هائو، اهي اهو پيالو پيون پيئنديون ۽ ڳڙڪائينديون، ايتري تائين جو دنيا ۾ سندن وجود ئي باقي نہ رهي.“


بني اسرائيل جي فتح

17 خداوند فرمائي ٿو تہ ”پر صيئون جي جبل تي يروشلم وارن مان ڪي بچي ويندا، ۽ اهو جبل وري مون لاءِ مخصوص ڪيو ويندو. بلڪ بني يعقوب وارا ٻيهر پنهنجي ملڪيت جا وارث بڻبا.

18 تڏهن يهوداہ ۽ اسرائيل ملڪن وارا باهہ جي شعلي مثل هوندا، جيڪي عيسوءَ جي گھراڻي کي بُهہ جيان ساڙي رک ڪري ڇڏيندا. ايتري قدر جو ادوم وارن مان ڪوبہ بچي نہ نڪرندو. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.

19 يهوداہ ملڪ جي ڏکڻ پاسي رهندڙ بني اسرائيل ادوم ملڪ تي قبضو ڪندا، اولهہ طرف جبل جي دامن ۾ رهندڙ فلستين جي هٿان کسيل پنهنجي علائقي تي ٻيهر قبضو ڪري وٺندا. اتر طرف بني اسرائيل سامريہ شهر، بلڪ سڄو اسرائيل ملڪ هٿ ڪندا، ۽ اوڀر پاسي بني اسرائيل مان بنيامين قبيلي وارا جِلعاد علائقي تي قبضو ڪري وٺندا.

20 جيڪي اسرائيل ملڪ مان جلاوطن ڪيا ويا هئا، سي لشڪر جي صورت ۾ موٽي اچي اتر طرف صور شهر جي علائقي واري صارپت شهر تائين قبضو ڪندا. جڏهن تہ يروشلم وارا جيڪي ڏورانهين شهر سفاراد تائين جلاوطن ڪيا ويا هئا، سي واپس اچي يهوداہ ملڪ جي ڏکڻ وارا شهر هٿ ڪندا.

21 يروشلم وارا ماڻهو مختلف علائقا فتح ڪري صيئون جبل تان ادوم تي بہ حڪمراني ڪندا. تڏهن سڀني قومن تي مون خداوند جي ئي بادشاهت قائم ٿي ويندي.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ