ڳاڻاٽو 1 - Muslim Sindhi Bibleبني اسرائيل جي مردمشماري 1 بني اسرائيل جي مصر ملڪ مان نڪري اچڻ کان پوءِ ٻئي سال جي ٻئي مهيني جي پهرين تاريخ سينا جي بيابان ۾ خداوند پنهنجي ملاقات واري خيمي ۾ موسيٰ سان ڳالهايو. کيس چيائين تہ 2-3 ”تون ۽ هارون سڄي بني اسرائيل جي سندن پنهنجي پنهنجي نسل ۽ ڪٽنب موجب مردمشماري ڪريو ۽ انهن سڀني مردن، جن جي عمر ويهہ سال يا انهيءَ کان مٿي هجي ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هجن، تن جا قبيلن مطابق جدا جدا دستا ٺاهي لسٽ تيار ڪريو. 4 هر هڪ قبيلي مان هڪڙو هڪڙو ماڻهو جيڪو پنهنجي اباڻي گھراڻي جو وڏو هجي، سو انهيءَ ڪم ۾ اوهان جي مدد ڪري.“ 5 جيڪي ماڻهو انهيءَ ڪم ۾ اوهان جي مدد ڪندا تن جا نالا هي آهن: روبن قبيلي مان اليصور ولد شديور، 6 شمعون قبيلي مان شلوميايل ولد صوريشدي، 7 يهوداہ قبيلي مان نحسون ولد عمينداب، 8 اِسڪار قبيلي مان نٿنايل ولد صوعر، 9 زبولون قبيلي مان الياب ولد حيلون، 10 يوسف جي پٽ افرائيم جي قبيلي مان اليشمع ولد عميهود، يوسف جي پٽ منسيءَ جي قبيلي مان جمليايل ولد فداهصور، 11 بنيامين قبيلي مان ابيدان ولد جِدعوني، 12 دان قبيلي مان احيعزر ولد عميشدي، 13 آشر قبيلي مان فجعيايل ولد عڪران، 14 جد قبيلي مان الياسف ولد دعوايل، 15 نفتالي قبيلي مان احيرع ولد عينان. 16 اهي ئي ماڻهو هئا جن کي بني اسرائيل قوم مان مقرر ڪيو ويو، جيڪي پنهنجن پنهنجن اباڻن گھرن جا وڏا ۽ بني اسرائيل جي نسلن جا رئيس هئا. 17 سو انهن کي موسيٰ ۽ هارون پاڻ سان کنيو. 18 انهن ٻئي مهيني جي پهرين تاريخ تي سڄيءَ قوم کي گڏ ڪيو ۽ سڀني ماڻهن جي سندن نسل ۽ ڪٽنب موجب داخلا ڪئي ويئي. جن جي عمر ويهہ سال يا ويهن سالن کان مٿي هئي تن جي نالن جي لسٽ تيار ڪئي ويئي. 19 جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو، تيئن هن سينا جي بيابان ۾ انهن جو شمار ڪيو. 20-43 جيڪي مرد ويهن سالن جا يا انهيءَ کان مٿي هئا ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا، تن جا نالا سندن نسل ۽ ڪٽنب موجب درج ڪيا ويا. نالن درج ڪرڻ جي شروعات يعقوب جي وڏي پٽ روبن جي قبيلي سان ڪئي ويئي. درج ڪيلن جو تعداد هن ريت آهي: روبن جي قبيلي جا ڇائيتاليهہ هزار پنج سؤ مرد، شمعون جي قبيلي جا اوڻهٺ هزار ٽي سؤ، جد جي قبيلي جا پنجيتاليهہ هزار ڇهہ سؤ پنجاهہ، يهوداہ جي قبيلي جا چوهتر هزار ڇهہ سؤ، اِسڪار جي قبيلي جا چوونجاهہ هزار چار سؤ، زبولون جي قبيلي جا ستونجاهہ هزار چار سؤ، يوسف جي پٽ افرائيم جي قبيلي جا چاليهہ هزار پنج سؤ، يوسف جي پٽ منسيءَ جي قبيلي جا ٻٽيهہ هزار ٻہ سؤ، بنيامين جي قبيلي جا پنجٽيهہ هزار چار سؤ، دان جي قبيلي جا ٻاهٺ هزار ست سؤ، آشر جي قبيلي جا ايڪيتاليهہ هزار پنج سؤ، نفتاليءَ جي قبيلي جا ٽيونجاهہ هزار چار سؤ مرد. 44 اهي ئي آهن سڀيئي مرد جن کي موسيٰ ۽ هارون بني اسرائيل جي انهن ٻارهن رئيسن جي مدد سان شمار ڪيو، جيڪي پنهنجي پنهنجي اباڻي گھراڻي جا وڏا هئا. 45 اهڙيءَ طرح بني اسرائيل مان سڀيئي مرد جن جي عمر ويهہ سال يا انهيءَ کان مٿي هئي ۽ جيڪي جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا ۽ جن جو سندن ڪٽنبن موجب شمار ڪيو ويو، 46 سي سڀيئي ڇهہ لک ٽي هزار پنج سؤ پنجاهہ مرد هئا. 47 پر لاويءَ جي نسل وارن کي ٻين قبيلن سان گڏ شمار نہ ڪيو ويو، 48 ڇاڪاڻ تہ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو تہ 49 ”جڏهن تون بني اسرائيل مان جنگ تي وڃڻ جهڙن جا نالا شمار ڪرين تہ لاوين کي انهن سان درج نہ ڪجانءِ. 50 بلڪ تون لاوين کي مقرر ڪري ڇڏ تہ جيئن اهي ئي اهو مقدس خيمو جنهن ۾ عهد واريون تختون رکيل آهن، ۽ انهيءَ جو سمورو سامان کڻن، انهيءَ جي خدمت ڪن ۽ اهي ئي خيمي جي ٻاهران چوڌاري منزل ڪري رهن. 51 جڏهن مقدس خيمو اڳتي وڃڻو هجي تہ لاوي انهيءَ کي لاهين ۽ وري جڏهن کڙو ڪرڻو هجي تہ اهي ئي کڙو ڪن. جيڪو بہ ٻيو ماڻهو انهيءَ جي ويجھو ايندو، سو ماريو ويندو. 52 ٻين بني اسرائيل جي ماڻهن مان سڀڪو پنهنجي پنهنجي دستي موجب پنهنجي پنهنجي قبيلي سان پنهنجي پنهنجي نشان وٽ پنهنجو تنبو هڻي. 53 پر لاوي پنهنجا تنبو مقدس خيمي جي چوڌاري هڻن. اهو انهيءَ لاءِ تہ متان ڪو انهيءَ جي ويجھو اچي ۽ آءٌ بني اسرائيل قوم تي پنهنجو غضب نازل ڪريان. لاوي ئي مقدس خيمي جي سنڀال جا ذميوار آهن.“ 54 سو بني اسرائيل ائين ئي ڪيو جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society