مرقس 6 - Muslim Sindhi Bibleناصرت وارن جو عيسيٰ مسيح کي قبول نہ ڪرڻ ( متي 13:53-58 ، لوقا 4:16-30 ) 1 پوءِ عيسيٰ اتان روانو ٿي پنهنجي ڳوٺ ناصرت ۾ موٽي آيو ۽ سندس شاگرد بہ هن جي پٺيان آيا. 2 سبت جي ڏينهن تي هو عبادتخاني ۾ تعليم ڏيڻ لڳو. گھڻا ماڻهو هن کي ٻڌي عجب ۾ پئجي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”هن اهي ڳالهيون ڪٿان سکيون آهن؟ ايڏي وڏي دانائي کيس ڪيئن ملي آهي؟ هو اهڙا معجزا ڪيئن ٿو ڪري ڏيکاري؟ 3 ڇا هي اهو واڍو نہ آهي جيڪو مريم جو پٽ ۽ يعقوب، يوسيس، يهوداہ ۽ شمعون جو ڀاءُ آهي؟ ڇا هن جون ڀينرون هتي نہ ٿيون رهن؟“ سو هنن عيسيٰ کي قبول نہ ڪيو. 4 تنهن تي عيسيٰ کين چيو تہ ”هر نبي پنهنجي ديس، مٽن مائٽن ۽ خاندان کان سواءِ جتي ڪٿي مان لهندو آهي.“ 5-6 عيسيٰ اتان جي ماڻهن جي ايمان جي گھٽتائيءَ ڪري ڪن ٿورن بيمارن تي هٿ رکي کين شفا بخشڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبہ معجزو ڏيکاري نہ سگھيو. انهن جي ايمان جي گھٽتائيءَ تي عيسيٰ کي ڏاڍو عجب لڳو. پوءِ هو آسپاس جي ڳوٺن ۾ ويو ۽ ماڻهن کي تعليم ڏيڻ لڳو. عيسيٰ مسيح جو ٻارهن شاگردن کي موڪلڻ ( متي 10:5-15 ، لوقا 9:1-6 ) 7 عيسيٰ پنهنجي ٻارهن ئي شاگردن کي پاڻ وٽ سڏايو ۽ ٻن ٻن جي ٽولي ۾ کين روانو ڪرڻ لڳو. انهن کي اختياري ڏنائين تہ هو ماڻهن مان ڀوت ڪڍين 8 ۽ کين تاڪيد ڪندي چيائين تہ ”ماني، ٿيلهو، هڙ ۾ پئسو يا ٻيو ڪجھہ بہ پاڻ سان نہ کڻجو پر سفر لاءِ لٺ ڀلي کڻجو. 9 پيرن ۾ جتي پائجو باقي هڪڙي پاتل جوڙي کان وڌيڪ ڪپڙا پاڻ سان نہ کڻجو.“ 10 عيسيٰ کين اهو بہ چيو تہ ”جتي بہ وڃي ڪنهن گھر ۾ رهو تہ اتي ايستائين رهي پئجو، جيستائين ان شهر مان روانا نہ ٿيو. 11 جيڪڏهن ڪنهن اهڙي هنڌ وڃو جتان جا ماڻهو اوهان کي قبول نہ ڪن، تہ پوءِ اتان رواني ٿيڻ وقت پنهنجي پيرن جي مٽي اتي ڇنڊي ڇڏجو تہ جيئن مٿن شاهدي ٿئي.“ 12 پوءِ اهي روانا ٿي ويا ۽ ماڻهن ۾ وڃي تبليغ ڪرڻ لڳا تہ ”پنهنجن گناهن کان توبهہ ڪريو.“ 13 هنن ڪيترن ئي ماڻهن مان ڀوت ڪڍيا ۽ گھڻن ئي بيمارن کي زيتون جو تيل مکي چڱو ڀلو ڪيو. حضرت يحيٰ جو قتل ( متي 14:1-12 ، لوقا 9:7-9 ) 14 جيئن تہ عيسيٰ جي عزت ۽ وقار جي هاڪ هر هنڌ پکڙجي ويئي هئي، سو گليل صوبي جي بادشاهہ هيروديس انتپاس بہ هي سڀ ڪجھہ ٻڌو پئي. عيسيٰ بابت ڪي ماڻهو چون پيا تہ ”يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارو وري جيئرو ٿيو آهي، تنهنڪري هو اهڙا معجزا ڪري رهيو آهي.“ 15 ٻيا وري چون پيا تہ ”هو الياس نبي آهي.“ ڪي چون پيا تہ ”هو اڳين نبين جهڙو هڪ نبي آهي.“ 16 جڏهن هيروديس هي ٻڌو تہ چيائين تہ ”پوءِ پڪ سان هي يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارو آهي، جنهن جي مون سسي لهرائي ڇڏي هئي. پر هاڻي هو وري جيئرو ٿيو آهي.“ 17 هيروديس پاڻ ئي يحيٰ جي گرفتاريءَ جو حڪم ڏنو هو ۽ کيس ٻڌرائي جيل ۾ وڌو هئائين. هن اهو ڪم هيرودياس جي چوڻ تي ڪيو هو، جيڪا سندس ڀاءُ فلپس جي زال هئي ۽ جنهن سان هن فلپس جي جيئري ئي شادي ڪئي هئي. 18 يحيٰ هيروديس کي چيو هو تہ ”اوهان لاءِ اهو جائز نہ آهي جو اوهين پنهنجي ڀاءُ فلپس جي جيئري ئي سندس زال هيرودياس سان شادي ڪريو.“ 19 اهو ئي سبب هو جو هيرودياس يحيٰ کان نفرت ڪندي هئي ۽ کيس مارائڻ ٿي چاهيائين. پر هوءَ ائين ڪري نہ ٿي سگھي، 20 ڇاڪاڻ تہ هيروديس يحيٰ کان ڊڄندو هو جو هن ڄاتو پئي تہ يحيٰ هڪ سچار ۽ پاڪ ماڻهو آهي. سو هيروديس کيس بچائيندو رهيو. هيروديس يحيٰ جون ڳالهيون خوشيءَ سان ٻڌندو هو، جيتوڻيڪ ٻڌڻ وقت هي ڳالهيون کيس پريشان ڪنديون هيون. 21 نيٺ هيرودياس کي وجھہ ملي ويو هو. هيروديس پنهنجي جنم جي ڏينهن جي خوشيءَ ۾ اميرن، وڏن جنگي سالارن ۽ گليل جي مکيہ ماڻهن جي دعوت ڪئي هئي. 22 انهيءَ دعوت ۾ هيرودياس جي ڌيءَ پاڻ اندر اچي ناچ ڪري هيروديس ۽ سندس مهمانن کي خوش ڪيو. هيروديس انهيءَ ڇوڪريءَ کي چيو تہ ”جيڪي گھرڻو اٿيئي سو گھُر تہ ڏيانءِ.“ 23 هن قسم کڻي واعدو ڪيس تہ ”جيڪڏهن حڪومت جو اڌ گھرندينءَ تہ بہ ڏيندوسانءِ.“ 24 تنهن تي هوءَ ٻاهر نڪري ويئي ۽ وڃي پنهنجي ماءُ کان پڇيائين تہ ”آءٌ ڇا گھران؟“ هن چيس تہ ”يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري جي سسي.“ 25 تنهن تي ڇوڪري جلد ئي موٽي آئي ۽ اچي هيروديس کي چيائين تہ ”مون کي هاڻي جو هاڻي يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري جي سسي ٿالهہ ۾ گھرائي ڏيو.“ 26 هن ڳالهہ هيروديس بادشاهہ کي ڏاڍو مايوس ڪيو. پر هو کيس انڪار بہ ڪري نہ ٿي سگھيو، ڇاڪاڻ تہ هن مهمانن جي روبرو قسم کڻي واعدو ڪيو هو. 27 تنهنڪري هيروديس سپاهيءَ کي موڪليو تہ ”جلدي يحيٰ جي سسي لاهي کڻي اچ.“ سپاهي روانو ٿيو ۽ جيل ۾ وڃي يحيٰ جي سسي لاٿائين. 28 پوءِ هن اها سسي هڪ ٿالهہ ۾ رکي ڇوڪريءَ کي آڻي ڏني، جنهن اها کڻي پنهنجي ماءُ کي ڏني هئي. 29 جڏهن يحيٰ جي شاگردن هي ٻڌو هو تہ هنن اچي لاش وٺي ان کي قبر ۾ دفن ڪيو هو. پنجن هزارن کان وڌيڪ ماڻهن کي کارائڻ ( متي 14:13-21 ، لوقا 9:10-17 ، يوحنا 6:1-14 ) 30 ٻارهن ئي رسول واپس اچي عيسيٰ وٽ گڏ ٿيا ۽ جيڪي ڪم ڪيا هئائون ۽ ماڻهن کي جيڪا تعليم ڏني هئائون، تنهن جو کيس سربستو احوال ڪري ٻڌايائون. 31 ان وقت ايترا تہ ماڻهو اچن پيا جو عيسيٰ ۽ سندس شاگردن کي ماني کائڻ جو وقت بہ نہ ٿي مليو. تنهن تي هن انهن کي چيو تہ ”هلو تہ هتان ڪنهن نويڪلي جاءِ تي هلون، جتي هلي اوهين ٿورو وقت آرام ڪريو.“ 32 سو هو هڪڙي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ڪنهن نويڪلي جاءِ ڏانهن روانا ٿي ويا. 33 تنهن هوندي بہ ڪيترن ئي ماڻهن کين ويندو ڏسي سڃاڻي ورتو. سو اهي سڀيئي پيرين پيادا شهرن مان نڪري پيا ۽ تڪڙا تڪڙا وڃي هنن کان بہ اڳي انهيءَ جاءِ تي پهتا. 34 جڏهن عيسيٰ ٻيڙيءَ مان لهي آيو ۽ ماڻهن جو وڏو ميڙ ڏٺائين تڏهن سندس دل رحم سان ڀرجي ويئي، ڇاڪاڻ تہ هو نڌڻڪين رڍن وانگر هئا. تنهنڪري هو کين گھڻيون ئي ڳالهيون سيکارڻ لڳو. 35 جڏهن سج گھڻو لڙي ويو، تڏهن شاگردن عيسيٰ جي ويجھو اچي کيس چيو تہ ”اڳي ئي دير ٿي ويئي آهي ۽ اسين هتي ويران هنڌ تي آهيون. 36 سو هنن ماڻهن کي موڪل ڏيو تہ اوسيپاسي جي ڳوٺن ۽ واهڻن ۾ وڃي ڪجھہ وٺي کائين.“ 37 پر عيسيٰ چين تہ ”اوهين ئي هنن کي ڪجھہ کائڻ لاءِ ڏيو.“ تڏهن شاگردن پڇيس تہ ”ڇا اوهان جي مرضي آهي تہ اسين وڃي چانديءَ جي ٻہ سؤ سڪن جي ماني وٺي اچون ۽ هنن کي کارايون؟“ 38 تنهن تي عيسيٰ کين چيو تہ ”وڃي ڏسو تہ اوهان وٽ ڪيتريون مانيون آهن؟“ انهن وڃي ڏٺو ۽ اچي کيس ٻڌايائون تہ ”اسان وٽ پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون آهن.“ 39 پوءِ عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي چيو تہ ”هنن ماڻهن کي هيٺ سائي گاهہ تي ٽوليون ٺاهي ويهاريو.“ 40 تنهن تي اهي ماڻهو سؤ سؤ ۽ پنجاهہ پنجاهہ جون ٽوليون ٺاهي ويٺا. 41 تڏهن عيسيٰ اهي پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون کڻي هٿن ۾ جھلي آسمان ڏانهن نهاريو ۽ انهن ۾ برڪت گھريائين. پوءِ مانين جا ٽڪرا ڀڃندو شاگردن کي ڏيندو ويو تہ اهي ماڻهن ۾ ورهائين. هن ٻہ مڇيون بہ انهن سڀني ۾ ورهايون. 42 هر هڪ ماڻهوءَ کائي ڍءُ ڪيو. 43 پوءِ شاگردن باقي بچيل مانيءَ ۽ مڇيءَ جون ٻارهن کاريون ڀريون. 44 جن ماني کاڌي تن ۾ فقط مردن جو تعداد اٽڪل پنج هزار هو. عيسيٰ مسيح جو پاڻيءَ تي پنڌ ڪرڻ ( متي 14:22-33 ، يوحنا 6:16-21 ) 45 پوءِ هڪدم عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي ٻيڙيءَ ۾ سوار ڪري زور ڀريو تہ ”اوهين مون کان اڳ ڍنڍ جي هُن ڀر بيتصيدا شهر ڏانهن هلو.“ ان بعد هن ماڻهن جي ميڙ کي بہ موڪل ڏيئي ڇڏي 46 ۽ پاڻ ٽڪر تي دعا گھرڻ ويو. 47 رات ٿيڻ تائين ٻيڙي ڍنڍ جي وچ ۾ وڃي پهتي، جڏهن تہ عيسيٰ اڃا اڪيلو سڪيءَ تي هو. 48 پوءِ جڏهن هن ڏٺو تہ واءُ سامهون گھُلڻ ڪري شاگردن کي ٻيڙيءَ جي ونجھہ هلائڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي، تڏهن هو رات جي پوئين پهر پاڻيءَ تي پنڌ ڪندو اچي انهن وٽان لنگھيو. 49-50 شاگردن جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي پاڻيءَ تي پنڌ ڪندي ڏٺو تڏهن سمجھيائون تہ اهو ڪو جن آهي، سو هو دهلجي ويا ۽ وٺي رڙيون ڪيائون. هُن هڪدم ساڻن ڳالهايو تہ ”ڊڄو نہ، آءٌ آهيان، دلجاءِ ڪريو.“ 51 پوءِ عيسيٰ اچي انهن سان گڏ ٻيڙيءَ ۾ ويٺو تہ واءُ بند ٿي ويو. اهو ڏسي شاگرد ڏاڍا حيران ٿي ويا، 52 ڇاڪاڻ تہ اهي گھڻن ماڻهن کي ماني کارائڻ واري ڳالهہ بہ نہ سمجھي سگھيا هئا. اها ڳالهہ هنن جي دماغ ۾ ئي نہ ويٺي هئي. گنيسرت علائقي ۾ بيمارن کي شفا ڏيڻ ( متي 14:34-36 ) 53 اهي ڍنڍ پار ڪري اچي گنيسرت جي علائقي ۾ پهتا جتي ٻيڙيءَ کي ٻڌي ڇڏيائون. 54 هو جيئن ئي ٻيڙيءَ تان لٿا تہ ماڻهن عيسيٰ کي سڃاڻي ورتو. 55 پوءِ اهي ماڻهو سڄي علائقي ۾ پکڙجي ويا ۽ جنهن جڳهہ لاءِ بہ ٻڌائون تہ عيسيٰ اتي آيو آهي، تڏهن ماڻهو پنهنجا بيمار کٽولن تي کڻي وٽس پئي آيا. 56 عيسيٰ ڳوٺن، شهرن ۽ واهڻن ۾ جتي بہ ويو پئي تہ اتي ماڻهن پنهنجا بيمار چونڪن ۾ آڻي ٿي رکيا ۽ کيس منٿ ٿي ڪيائون تہ ”مهرباني ڪري بيمار کي رڳو پنهنجي دامن کي ئي هٿ لائڻ ڏيو.“ پوءِ جن بہ هٿ لاتس پئي سي سڀ چڱا ڀلا ٿي پئي ويا. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society