مرقس 16 - Muslim Sindhi Bibleعيسيٰ مسيح جو وري جيئرو ٿي اٿڻ ( متي 28:1-8 ، لوقا 24:1-12 ، يوحنا 20:1-10 ) 1 سبت جي ڏينهن پوري ٿيڻ تي سج لهڻ کان پوءِ مريم مگدليني، يعقوب جي ماءُ مريم ۽ سلوميءَ خوشبودار شيون خريد ڪيون تہ جيئن عيسيٰ جي لاش کي هڻن. 2 پوءِ آچر جي ڏينهن صبح جو سوير سج اڀرڻ مهل اهي قبر تي اچي پهتيون. 3-4 جيئن تہ قبر جي منهن تي رکيل پٿر تمام وڏو هو، سو رستي تي اهي پاڻ ۾ چونديون ٿي آيون تہ ”اسان لاءِ قبر جي منهن تان پٿر ڪير هٽائيندو؟“ پر جڏهن اتي اچي پهتيون تہ ڇا ڏسن تہ اهو پٿر تہ اڳي ئي رڙهيو پيو آهي. 5 جڏهن اهي قبر جي اندر گھڙيون تہ اڇي پوشاڪ پاتل هڪ نوجوان کي ساڄي پاسي ويٺل ڏسي نهايت حيران ٿي ويون. 6 تنهن تي انهيءَ نوجوان چين تہ ”حيران نہ ٿيو. اوهين عيسيٰ ناصريءَ کي ڳوليو ٿيون پيون نہ، جيڪو صليب تي چاڙهيو ويو هو؟ هو هتي ڪونهي، ڇاڪاڻ تہ هو وري جيئرو ڪيو ويو آهي. ڏسو، هيءَ اها جاءِ آهي جتي سندس لاش کي آڻي رکيو هئائون. 7 پر اوهين وڃو ۽ وڃي پطرس سميت عيسيٰ جي ٻين شاگردن کي چئو تہ ’عيسيٰ اوهان کان اڳي ئي گليل ڏانهن وڃي رهيو آهي. اوهين هن کي اتي ڏسندا، جيئن هن پاڻ اوهان کي ٻڌايو هو.‘“ 8 تڏهن اهي قبر کان ٻاهر نڪري وٺي ڀڳيون ۽ جيئن تہ ڊپ وچان کين ڏڪڻي ۽ دهشت وٺي ويئي هئي، سو انهن ڪنهن سان بہ نہ ڳالهايو. مريم مگدلينيءَ کي ڏيکاري ڏيڻ ( متي 28:9-10 ، يوحنا 20:11-18 ) 9 عيسيٰ آچر ڏينهن صبح جو سوير جيئري ٿيڻ کان پوءِ سڀني کان پهريائين مريم مگدلينيءَ کي ڏيکاري ڏني، جنهن مان هن ست ڀوت ڪڍيا هئا. 10 تڏهن هن وڃي عيسيٰ جي ساٿين کي اها ڳالهہ ٻڌائي، جيڪي سوڳ ڪندي روئن پيا. 11 جڏهن هنن ٻڌو تہ عيسيٰ جيئرو ٿي اٿيو آهي ۽ مريم پاڻ ان کي ڏٺو آهي، تڏهن بہ اهي مٿس اعتبار ئي نہ پيا ڪن. ٻن شاگردن کي ڏيکاري ڏيڻ ( لوقا 24:13-35 ) 12 انهيءَ کان پوءِ عيسيٰ ٻي صورت ۾ شاگردن مان ٻن ڄڻن کي ڏيکاري ڏني، جيڪي رستو وٺيو ٻهراڙيءَ ڏانهن پئي ويا. 13 تڏهن اهي اتان ئي يروشلم ڏانهن موٽي آيا ۽ اها ڳالهہ ٻين شاگردن کي بہ اچي ٻڌايائون. پر انهن جي ڳالهہ تي بہ هنن اعتبار نہ ڪيو. يارهن شاگردن کي ڏيکاري ڏيڻ ( متي 28:16-20 ، لوقا 24:36-49 ، يوحنا 20:19-23 ، رسولن جا ڪم 1:6-8 ) 14 آخر ۾ عيسيٰ يارهن شاگردن کي ان وقت ڏيکاري ڏني جڏهن هو گڏجي ماني کائي رهيا هئا. هن سندن ايمان جي گھٽتائيءَ ۽ سختدليءَ سبب کين ڇينڀيو، ڇاڪاڻ تہ کين انهن تي يقين ئي نہ پئي آيو جن هن کي جيئرو ٿي اٿڻ کان پوءِ ڏٺو هو. 15 پوءِ هن پنهنجي شاگردن کي چيو تہ ”اوهين سڄيءَ دنيا ۾ وڃي پوري انسانذات ۾ خدا جي بادشاهيءَ بابت خوشخبريءَ جي منادي ڪريو. 16 جيڪو بہ انهيءَ تي ايمان آڻيندو ۽ بپتسما وٺندو سو ڇوٽڪارو حاصل ڪندو، پر جيڪو ايمان نہ آڻيندو سو ڏوهي قرار ڏنو ويندو. 17 جيڪي ايمان آڻيندا، تن ۾ قدرت جون هي نشانيون هونديون جو اهي منهنجي نالي تي ماڻهن مان ڀوت ڪڍندا ۽ مختلف قسمن جون ٻوليون ڳالهائيندا. 18 جيڪڏهن اهي نانگ جھليندا يا زهر پيئندا تہ بہ انهن کي ڪو نقصان نہ پهچندو. هو بيمارن کي هٿ لائيندا تہ اهي چڱا ڀلا ٿي پوندا.“ عيسيٰ مسيح جو آسمان ڏانهن کڄي وڃڻ ( لوقا 24:50-53 ، رسولن جا ڪم 1:9-11 ) 19 انهن سان ڳالهائڻ کان پوءِ خداوند عيسيٰ آسمان ڏانهن کڄي ويو ۽ خدا جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو. 20 پوءِ شاگردن وڃي هر هنڌ خوشخبريءَ جي تبليغ ڪئي. انهن جي ڪم ۾ خداوند عيسيٰ ساڻن گڏ هو ۽ قدرت جي نشانين سان سندن تبليغ کي سچو ثابت ڪري ٿي ڏيکاريائين. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society